عمران خان پنهنجن حامين کي ٽن هفتن تائين رلائڻ جي باوجود وڌيڪ هڪ هفتي جو انتظار ڪرائي رفوچڪر ٿي ويو آهي. هو هاڻ ٻن بدران هڪڙي ڳالهه ڪري ٿو،هڪ هي ته اسٽيبلشمنٽ ڄاڻي ۽ حڪومت ڄاڻي، هن کي نئين آرمي چيف جي مقرري سان ڪابه دلچسپي ناهي. ٻي هي ته هو عام چونڊن جي تاريخ وٺي ئي واپس ويندو. ان کانپوءِ ڳالهين جا وڌيڪ دور شروع ٿي سگهن ٿا. عمران خان سمجهي ٿو ته نئين آرمي چيف جي مقرري ۾ صدر عارف علوي کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان تي هو آخري آپشن طور ڪم ڪري سگهي ٿو. هي اهو آپشن آهي، جنهن جي بنياد تي واڳ ڌڻين کان نين چونڊن جي تاريخ وٺي سگهجي ٿي. پر جيڪي صورتحال کي غور سان ڏسي رهيا آهن، انهن جو خيال آهي ته حڪومت جيتري پراعتماد نظر اچي رهي آهي ۽ واڳ ڌڻي، خاص ڪري، ايستائين جو پي ٽي آءِ جي سينيٽرز سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهن، انهن جي سنجيدگي کي سمجهي سگهجي ٿو. واڳ ڌڻي سمجهن ٿا ته موجوده سياسي سسٽم ۾ عمران خان جي گهڻي گنجائش ناهي، هو رڳو اسٽريٽ پاور جو استعمال ڪري حڪومتن کي پريشان ڪري سگهي ٿو. ان سان هن جي پوزيشن شايد ايتري نه هوندي، جيترو، کيس مقبول ليڊر سمجهيو وڃي ٿو.
اهي ڳالهيون اڳ ئي واضح طور تي سامهون آيون آهن ته صدر عارف علوي واڳ ڌڻين سان ڪوبه ٽڪرا نٿو چاهي، جيڪڏهن هن ڪا حرڪت ڪئي ته کيس مواخذي جي رٿ کي منهن ڏيڻو پوندو. هو آخري اطلاعن تائين سمجهندو رهيو ته اهم مقرري ۾ آئيني طور تي صدر جو ڪوبه ڪردار ناهي، پر عمران خان چئي ٿو ته هو واڳ ڌڻين کي هينئر به سرپرائيز ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهي. عمران خان جي لانگ مارچ جو Momentum ختم ٿي ويو آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳي انداز ۽ جوش ۽ جذبي سان حڪومت مخالف ماحول تيار ڪرڻ ممڪن ناهي. ان ڪري هن جي 26 تاريخ جي ڌرڻي يا لانگ مارچ ۾ شرڪت جي اهميت به علامتي نوعيت جي آهي. پي ٽي آءِ جو سربراهه ان پوزيشن ۾ناهي ته حڪومت سان ٽڪرا مان نتيجا حاصل ڪري سگهي.
عمران خان لاءِ مچ جيل تيار رکڻ جهڙي ڌمڪي به ڏني وئي آهي ۽ ان سان گڏ گهر ۾ نظربند ڪرڻ واري آپشن کي آزمائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. اهي انتظامي نوعيت جا قدم ٿي سگهن ٿا، پر جنهن جاءِ تي عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر لانگ ڪندڙن سان ملڻ گهري ٿو، ان جي سيڪيورٽي پوائنٽ آف ويو سان گهڻي اهميت آهي. اها خطري واري جاءِ به آهي، جتي ٻه وزير اعظم لياقت علي خان ۽ محترما بينظير ڀٽو شهيد به ٿي چڪا آهن. ان ڪري پنڊي ۾ ڌرڻي جي اجازت ڪير ڏيندو؟ گهٽ ۾ گهٽ چوڌري پرويز الاهي ان پوزيشن ۾ ناهي، هو رڳو عمران خان کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هام هڻي سگهيو آهي. اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عمران خان تي حملي جي ايف آءِ آر مرضي جي داخل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي ته پنڊي جي عسڪري هائوس جي ڪاوڙ کي ڪيترو برداشت ڪندو. ان ڪري ان لاءِ محفوظ آپشن هي آهي ته عمران خان کي گهر ۾ ئي نظربند رکجي.
ڪي حلقا پڇن ٿا ته عمران خان لاءِ اسلام آباد جا رستا ڇو بند ڪيا ويا آهن؟ هو ڪجهه انٽيليجنس رپورٽس جا حوالا ڏين ٿا ته عمران خان Unpredictable آهي، هو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهڻ بدران يوٽرن وٺڻ جو عادي آهي. ان ڪري هن کي غيرمشروط طور وفاقي گادي واري شهر ۾ اچڻ جي اجازت ڏئي نٿي سگهجي. بهتر اهو ٿيندو ته هن کي حساس هنڌن کان پري رکجي. ڪجهه ٻيون ڳالهيون به سامهون اچي رهيون آهن، اهو تاثر به ڏنو پيو وڃي ته گذريل ٽن هفتن دوران عمران خان پنهنجن حامين کي گهڻو مايوس ڪيو آهي. هن جو لانگ مارچ نه فقط ڪيترن ئي جانين جي زيان جو سبب بڻيو، پر ڪنهن وڏي حادثي کان به بچي ويو، ان ڪري هاڻ ٻيهر ساڳي غلطي کي ورجائي نٿو سگهجي.
هڪ طرف انتظامي طور تي عمران خان کي محدود ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جنهن تحت هن کي زمان پارڪ تائين محدود رکجي. ان سان گڏ چيو پيو وڃي ته عمران خان جا حامي به گهڻا پريشان آهن، انهن کي نٿو لڳي ته هو حڪومت کان ڪو مطالبو مڃرائڻ جي پوزيشن ۾ آهن. ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ جي قيادت پارليامينٽ ڏانهن واپسي جو رستو اختيار ڪري. مختلف حلقا، اهو تاثر به پيدا ڪن پيا ته عمران خان جا حامي اهم مقرري واري معاملي تي اثرانداز نه ٿيڻ کي سامهون رکندي ڪارڪنن جي مايوسي کي وڌائڻ گهرن ٿا. اڳ ئي لانگ مارچ نان اشو ٿي ويو هو، هاڻ ان جو ڪوبه نوٽيس نه وٺڻ ۽ ميڊيا کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. عمران خان جي ناڪابندي ڪري ان کي بند ڳلي تائين محدود رکڻ جون ڪوششون به ٿي رهيون آهن. ان سان گڏ ڪجهه آئيني آپشنز تي عمل ڪرڻ جو به سوچيو پيو وڃي. انهن آپشنز جو واسطو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومت جي رويي سان مشروط آهن. ٻنهي صوبن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ ۽ انتظامي طور تي عمران خان کي اڪيلو ڪرڻ جو آپشن به بحث هيٺ آهي.
سياسي طور عمران خان کي ڪيئن ڪمزور ڪجي، ان حوالي سان به حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. ان حڪمت عملي تي عام چونڊن کان اڳ ئي عمل ٿيندو. ان حوالي سان پهرين مرحلي ۾ پنجاب جي سرائيڪي بيلٽ مان پي ٽي آءِ جي صفائي ڪئي ويندي. شاهه محمود قريشي جي ڪهڙي پوزيشن ٺهي ٿي، ان تي به ڪم ٿي رهيو آهي. ملتان جي هن پير کي فلم کان اڳ ٽريلر به ڏيکاريو ويو ۽ سندس ڌي ننڍي چونڊ هارائي وئي. ان سان گڏ، پي ٽي آءِ جي اندر نمبر ٽو واري حيثيت به ختم ٿي وئي، جنهن وقت عمران خان، اسد عمر کي مارچ جي اڳواڻي جي ذميواري ڏني. هاڻ شاهه محمود قريشي جو سياسي ڪردار محدود ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. هي امڪان به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ممڪن آهي ته ماضي جيان ايندڙ چونڊن ۾ شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ کان ٽڪيٽ ئي نه وٺي. ان سان گڏ سرائيڪي بيلٽ جتان جي اليڪٽيبلز کي پي ٽي آءِ ۾ سڀ کان اڳ شامل ڪرايو ويو هو، هاڻ اهي سمورا پکي اڏامي چڪا آهن. هڪ رپورٽ مطابق 2018ع دوران عمران خان جي سياسي طاقت ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ 60 جي لڳ ڀڳ اليڪٽيبلز کي عمران خان جي حوالي ڪيو ويو، جهانگير ترين کان وٺي، راجا رياض ۽ ٻين اڻ ڳڻين اڳواڻن کي (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي کان الڳ ڪري عمران خان جي حوالي ڪيو ويو. ان سان گڏ ترين جيڪو اهم اڳواڻ ٿي سامهون آيو هو، اهو به عمران خان جي صفن ۾ واپس وڃڻ لاءِ تيار ناهي. اهڙا ڪيترائي هيوي ويٽس آهن، جيڪي پي ٽي آءِ جي پاڙي ۾ به ويهڻ لاءِ تيار ناهن. اهي جيڪي پي ٽي آءِ جا حامي آهن، اهي سمجهن ٿا ته عمران خان کي هن ڀيري اليڪٽيبلز جي ضرورت ناهي، پر انهن کي اندازو آهي، اهڙن طاقتور اميدوارن ۽ اڳواڻن جي پاور ڪاريڊور ۾ ڪيتري اهميت هوندي آهي. هي اهي اليڪٽيبلز آهن، جيڪي حڪومت کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. هن ڀيري انهن اليڪٽيبلز کي ڪهڙي طرف اشارو ڏنو ويندو، ان تي هينئر تائين اتفاق نه ٿيو آهي. جيڪڏهن پنجاب ۾ (ن) ليگ جي حڪومت ٺهي وڃي ٿي ته اليڪٽيبلز گهڻو ڪري پيپلز پارٽي سان هوندا. ايندڙ حڪومت ۾ اهي ئي (ن) ليگ ۽ پ پ ۾ توازن پيدا ڪندا. نواز شريف جي ڏيهه اچڻ سان (ن) ليگ کي ڪجهه فائدو ضرور ٿيندو، پر کيس ڀاري مينڊيٽ ملڻ جو گهٽ امڪان آهي.
عمران خان سمجهي ٿو ته جيئن هن قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر کي استعمال ڪيو، جنهن کي ملڪ جي اعليٰ عدالت، سپريم ڪورٽ غير آئيني قدم قرار ڏئي چڪي آهي. صدر عارف علوي جي به ٽرمپ ڪارڊ واري حيثيت نه هوندي. پر عارف علوي آئيني طور تي ڪيترو اثرائتو ٿي سگهي ٿو؟ هو طاقتور حلقن سان عمران خان جي ڪري پنهنجي سياسي مستقبل کي ڪيستائين داءُ تي لڳائيندو؟ اهي اهم سوال آهن. اندازو هي آهي ته جيڪڏهن صدر عارف علوي شاٽس کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي بيڪ فائر ثابت ٿيندا. هي اڳ ئي طئي ٿي ويو آهي ته اهم مقرري ۾ ڪابه رڪاوٽ پيدا نه ٿيندي. ان دوران صورتحال ڳنڀير ٿي وئي ته ان جو حل هي آهي ته مهيني اڌ تائين موجوده آرمي چيف کي ايڪسٽينشن به ڏئي سگهجي ٿي. واڳ ڌڻي مختلف آپشنز تي غور ڪن پيا ته جيئن عمران خان کي مڪمل طور تي نيوٽرلائيزڊ ڪري سگهجي. ان جي باوجود عمران خان، اثرانداز ٿيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون ته هو مچ جيل به وڃي سگهي ٿو. جيڪي سمجهن ٿا ته واڳ ڌڻي”نيوٽرل” ٿي ويا آهن، شايد اهي درست نه هجن. اهم طاقت، ايندڙ حڪومت تائين اهي سمورا ڪم ڪندي، جيڪي عمران خان کي پاسيرو ڪرڻ لاءِ ضروري هوندا. عمران خان ۽ سندس حامين ملڪ جي ڏيوالي نڪرڻ جا افواهه پکيڙيا آهن، پر انهن کي ناڻي جو وزير اڳ ئي واضح ڪري چڪو آهي. يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان، سريلنڪا ناهي، نه ئي عالمي ادارا اهڙي اجازت ڏئي سگهن ٿا.