ڪالهه (سومر) ٽي ويءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. 1996ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي رابطي، ترقي ۽ عالمگيريت کي هٿي ڏيڻ ۾ ٽي ويءَ جي ڪردار جي اهميت کي قبول ڪندي 21 نومبر تي ٽي ويءَ کي ارپي ڇڏيو.
20هين صديءَ جي شروع ۾ ريڊيو وجود ۾ آيو هو ۽ ٻئي ڏهاڪي ۾ ٽي ويءَ جي پيدائش ٿي هئي. برطانيه جي دعويٰ آهي ته 1924ع ۾ هڪ اسڪاٽس انجنيئر جان لوئي بئيرڊ تصويرن کي لهرن ذريعي هڪ مشين کان ٻي مشين تائين موڪلڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو هو. جڏهن ته آمريڪين جي دعويٰ آهي ته فلوٽيلر فارن ورٿ نالي ڇوڪرو، جنهن جي گهر ۾ بجلي به ڪونه هئي. ان کي پندرهن سالن جي ڄمار ۾ خيال آيو ته اهڙو ڇا ڪيو وڃي جو متحرڪ تصويرن کي رياضياتي ڪوڊ ۾ تبديل ڪري ريڊيائي لهرن وسيلي هڪ اهڙي آلي تائين منتقل ڪري سگهجي، جيڪو لهرن کي وري ڊي ڪوڊ ڪري اسڪرين تي ڏيکاري سگهي. فارن ورٿ جون ڪوششون، 21 سالن جي ڄمار ۾ لاڀائتيون ٿيون، جڏهن اليڪٽرانڪ بيم وسيلي هن ڊالر جي تصوير پنهنجي ٺاهيل مشين جي ٻي مشين تائين موڪلڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي.
آمريڪي ٽي ويءَ جي ايجاد کي ان جي عالمگير اثرن جي اعتبار کان پندرهين صديءَ ۾ جرمن ڇاپي خاني جي ايجاد کي جوڙ جو سمجهن ٿا. ان کي ٽين سپر پاور جو نالو به ڏنو ويندو آهي ۽ ڪي دل سڙيل ان کي ايڊييٽ باڪس به سمجهن ٿا. ٽي وي بطور هڪ نئين اثرائتي وسيلي طور ايندڙ سالن ۾ آمريڪي معيشت ۽ سياست تي گهرا اثر ڇڏيا آهن ۽ انهن اثرن کي به باقي دنيا محسوس ڪيو ۽ ان ماڊل کي پنهنجايو.
1940ع جي ڏهاڪي ۾ ٽي وي تي هٿرادو اشتهار اچڻ لاءِ ۽ آمريڪي واهپيدار ڪلچر (ڪنزيومرزم) کي تيز رفتاريءَ سان هٿي ملي. واپاري ادارن ان ميڊيم کي ايترو وڏي پئماني تي تشهيري استعمال شروع ڪيو جو ڪجهه ماڻهن ٽي وي کي ايڊييٽ باڪس هجڻ جو طعنو ڏنو. اهو تاثر پيدا ٿيڻ لڳو ته ٽي وي اصل ۾ شين جي منافع بخش هٿيءَ جو ذريعو آهي ۽ وهپيدارن کي ان ميڊيم سان ڳنڍي رکڻ ۾ اشتهارن جي وچ ۾ ڪجهه ڊراما ۽ روزمره دلچسپيءَ جي موضوعن به شامل ڪيو ٿو وڃي.
1950ع تائين دنيا ۾ فقط اڌ ڪروڙ ٽي وي سيٽ هئا. انهن مان 1/3 آمريڪي گهراڻا هئا. اڄ هڪ سئو ستر ارب گهراڻن ۾ ٽي وي آهي ۽ ان تي نشر ٿيندڙ اشتهارن جو حجم پوڻا ٻه کرب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي.
1952ع ۾ آئزن هاور پهريون صدارتي اميدوار هو، جنهن پنهنجي مهم جا اشتهار ڪمرشل سطح تي ٽي ويءَ تي نشر ڪرائڻ شروع ڪيا، يعني آمريڪي سياست ۾ هڪ نئون دور شروع ٿيو.
پر ٽي ويءَ جي فيصلائتي سياسي طاقت جو مظاهرو 1960ع ۾ سامهون آيو. جڏهن تجربي ڪار ريپبليڪن اميدوار رچرڊ نڪسن ۽ نوجوان ڊيموڪريٽ اميدوار جان ايف ڪينيڊي پهريون ڀيرو ٽي وي اسڪرين تي ٿيندڙ هڪ صدارتي مباحثي ۾ آمهون سامهون ٿيا. ان کان اڳ ووٽرن ۾ نڪسن جي مقبوليت گهڻي هئي. البت ٽي وي تي آمهون سامهون مباحثي پاسو ڪينيڊي جي حق ۾ ڪري ڇڏي ۽ هو لڳ ڀڳ هڪ لک ٻارهن هزار ووٽن جي اڪثريت سان صدر ٿي ويو. اڄ صورت اها آهي جو 50 سيڪڙو آمريڪي ووٽر ٽي وي نشريات ڏسي پنهنجي سياسي راءِ قائم ڪن ٿا.
آمريڪا ان ميڊيم کي بطور سافت پاور به استعمال ڪيو. هڪ آمريڪي سيريز “لٽل هائوس آن دي پريري” 110 ملڪن ۾ نشر ٿي. 1980ع جي ڏهاڪي تائين ايڪويڊور جي ستر سيڪڙو، ڪينيا جي سٺ سيڪڙو، آسٽريليا جي 46 سيڪڙو ۽ اسپين جي 35 سيڪڙو ٽي وي نشريات امپورٽڊ آمريڪي پروگرامن جون محتاج هيون. اڄ نيٽ فليڪس جي ٻه سئو ملين کان وڌيڪ ۽ ڊزني پلس جا 75 ملين سبسڪرائبر آهن. ٻئي آمريڪي ڪمپنيون آهن.
ٽي وي جي عالمگير مقبوليت ۾ ڪجهه اهم واقعن به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مثال طور جولاءِ 1959ع ۾ عالمي سطح تي 652 ملين ڏسندڙ چنڊ تي نيل آرمسٽرانگ جي لينڊنگ ڏٺي. محمد عليءَ جي باڪسنگ فائٽس ڏسڻ لاءِ رات پيٽ ۾ گهڻائي ٽي وي سيٽ وڪرو ٿيا هئا. 1985ع ۾ آفريڪا جي سوڪهڙي کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ لنڊن ۾ ٿيندڙ لائيو ايڊ ڪنسرٽ 150 ملڪن ۾ ڏيکاريو ويو. 1997ع ۾ ليڊي ڊيانا جو جنازو سڌي ريت 2 ارب ڏسندڙن پنهنجي ٽي وي سيٽ تي ڏٺو.
ڀارت ۾ دور درشن جي آزمائشي نشريات 1959ع ۾ دليءَ کان شروع ٿي. اها نشريات هفتي ۾ ٻه ڏينهن هڪ هڪ ڪلاڪ لاءِ نشر ڪئي ويندي هئي. پوءِ 1967ع ۾ باقاعده نشريات جي شروعات ٿي. 1976ع ۾ دور درشن آل انڊيا ريڊيو جي هڪ ذيلي شعبي طور ڪم ڪندو رهيو. 1982ع ۾ دور درشن کي هڪ الڳ اٿارٽي جي شڪل ملي.
پاڪستان ۾ باقاعده ٽي وي نشريات 26 نومبر 1964ع تي ريڊيو پاڪستان لاهور جي احاطي مان هڪ خيمي مان جاپاني نشرياتي اداري نپون اليڪٽرانڪ ڪارپوريشن ۽ برطانوي اداري ٿامس ٽي وي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪي مدد سان شروع ٿيون. 1975ع ۾ رنگين نشريات جي شروعات ٿي. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ پي ٽي ويءَ جي سڃاڻپ ان جو معياري ڊرامو هو. ان کان سواءِ هر ڄمار جي ناظرين لاءِ موسيقيءَ جا پروگرام به ترتيب ڏنا ويندا هئا. 56 سيڪڙو تفريحي پروگرام جڏهن ته 25 سيڪڙو پروگرام حالات حاضره ۽ تعليمي سرگرمين بابت هوندا هئا. 1980ع تائين پي ٽي وي پاڪستان جي نوي سيڪڙو ايراضي تائين ڏٺو ويندو هو.
90ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ نجي شعبي کي پي ٽي وي نشريات جي اجازت ملي ۽ 2000ع ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ پرائيوٽ سيڪٽر ۾ ٽي وي نشريات جا ڪيترائي لائسنس جاري ڪيا. ان وقت ملڪ ۾ اردو کان سواءِ مقامي قومي ٻولين ۾ حالات حاضره ۽ تفريحي پروگرامن جي ڪيترن ئي چينل ناظرين کي ڏسڻ لاءِ مليا آهن.
ملڪ ۾ انگريزي ٻوليءَ جا نيوز چينل کوليا ويا. پر اڄ انگريزيءَ ۾ هڪ به نجي چينل ڪونهي. البت پي ٽي ويءَ جو هڪ چينل انگريزي ٻوليءَ ۾ نشريات لاءِ وقف آهي. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سي اين اين عالمي سطح تي پنهنجي نشريات شروع ڪئي ته حالات حاضره جي پيشڪش جو تصور به تبديل ٿي ويو. هن وقت بي بي ورلڊ ۽ الجزيره عالمي سطح تي مقبول نيٽ ورڪس جي پهرين صفحي تي آهن.
پر هاڻي ائين لڳي رهيو آهي ته عام ماڻهو جو دارومدار ڊجيٽل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان وڌيڪ سوشل ميڊيا پيلٽ فارمن تي وڌي رهيو آهي. جهڙي ريت ڪاغذ بدران اخبار کي ويب سائيٽ تي ڏسڻ جو لاڙو وڌي رهيو آهي. اهڙي ريت گهڻا امڪان آهن ته روايتي ٽي وي چينلر آهستي آهستي پنهنجي اهميت وڃائيندا رهندا.