ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آخري اوور……..!!

Editorial-Article-Aijaz Mangi

آخري اوور……..!!

اعجاز منگي

سياست ڪا راند ناھي. پر ڪپتان ڪري ڇڏي آھي. عمران خان جي مخالفن کي اھا حقيقت مڃڻي پوندي تھ ھن پاڪستان جي سياسي ڪلچر کي ايترو تھ متاثر ڪيو آھي جو ھن جا سياسي دشمن بھ ھاڻي ھن جا “محاورا” ڪتب آڻين ٿا. عمران خان کان اڳ ۾ سياست ۾ “امپائر” جو لفظ ڪٿي استعمال ٿيندو ھو؟ ڪڏھن چيو ويندو ھو تھ فلاڻي پارٽيءَ جون ٻھ يا ٽي يا چار “وڪيٽون” اڏامي ويون؟ عمران خان سياست مٿان ڪرڪيٽ جو ڪلچر حاوي ڪيو. اھڙي طرح سياست ھڪ سنجيده شيءَ مان ھڪ راند بڻجي وئي. اھا سياست جنھن سان ملڪ جو مستقبل لاڳاپيل آھي. اھا سياست جنھن سبب ماڻھو سورن ۾ آھن. اھا سياست جنھن جي ڪري انسان انصاف کان محروم آھن. ان سياست کي “اقتداري راند” بڻائڻ جو سھرو ڪنھن جي سر تي ٻڌجي تھ اھو سر ڪپتان جو آھي. پر ھاڻي تھ ھر ڪوئي سياسي ميدان ۾ پنھنجي پنھنجي پارٽيءَ جي پرچم واريون ٽوپيون پائي ٽلي رھيو آھي.

“ھم ھوئي، تم ھوئي، مير ھوئي

سب اڪ زلف ڪي اسير ھوئي”

اسان ڪنھن بھ طور تي ان تصور سان اتفاق ڪري نھ ٿا سگھون تھ سياست ھڪ کيل آھي. پر جن سياست کي کيل بڻايو آھي، ھن مھل ھو پنھنجي “آخري اوور” کيڏي رھيا آھن.

ھڪ طرف عمران خان پنڊي پھچڻ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ۽ ٻي طرف نئين آرمي چيف جي مقرري جو مرحلو باقاعده شروع ٿي چڪو آھي. ھونءَ تھ اڄ کان وٺي ميڊيا ۾ نالا اچڻ شروع ٿي ويندا پر نئين آرمي چيف جو نالو آفيشلي ھڪ ٻن ڏينھن اندر منظرعام تي اچي ويندو. ھن ڀيري نئين آرمي چيف جي مقرري جنھن تجسس جي ور چڙھي وئي آھي، ان کان اڳ ڪڏھن بھ نھ ٿي ھئي.

سياست جي رخ تان گھونگھٽ لھي ويو آھي. سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي رھيا آھن. سياست کي ايترو “اوپن” ڪرڻ سان ڪنھن کي نقصان ۽ ڪنھن کي فاعدو پھچي رھيو آھي؟ ان سوال جو سادو ۽ سولو جواب اھو آھي تھ جيڪي آڌي رات جو سياست مٿان اثرانداز ٿيندا ھئا، انھن کي پنھنجي ھٿ مان گھڻيون شيون وينديون محسوس ٿي رھيون آھن. انھن قوتن جو خيال آھي تھ ملڪي سياست کي ان مقام تائين پھچائڻ ۾ بھ عمران خان جو ھٿ آھي.

اھو عمران خان جيڪو جن جي ھٿان آيو. انھن جي ھٿان ويو. اھو عمران خان جيڪو ھاڻي بظاھر اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ اڻوڻندڙ شخصيت (Persona non Grata) بڻجي ويو آھي. ڇو تھ ھن جي مٿان اھو الزام آھي تھ ھن ھڪ نھ پر ڪيتريون ئي سرخ لڪيرون ڪراس ڪيون آھن. پر ھو اڃان بھ ڪيترا ليڪا لتاڙڻ چاھي ٿو. ان مھم ۾ ھو پنھنجيون ٽنگون بھ زخمي ڪري ويٺو آھي. پر پوءِ بھ ھو زخمن تي پٽيون ٻڌي اسلام آباد طرف ڪاھه ڪرڻ لاءِ تاريخ جو اعلان ڪري چڪو آھي.

عمران خان چيو آھي تھ ھو ھر حالت ۾ 26 تاريخ پنھنجن ڪارڪنن سان گڏ شھر اقتدار طرف احتجاجي ڪاھھ ڪندو. ان مارچ ۾ ڇا ويندو ڇا رھندو؟ ان سلسلي ۾ ڪجھھ بھ چوڻ بظاھر مشڪل محسوس ٿي رھيو آھي. پر ھڪ ڳالھھ طئھ آھي تھ ھن وقت ملڪ تمام گھڻي سياسي بحران جي ور چڙھي ويو آھي. سرڪاري ڌر کي گھڻا خدشا آھن. انھن مان ھڪ خدشو اھو بھ آھي تھ عمران خان کي پنھنجو اڳواڻ سمجھندڙ صدر مملڪت ھن ڀيري آرمي چيف جي مقرريءَ تي ڪو اھڙو ڪردار بھ ادا ڪري سگھي ٿو، جيڪو سرڪاري ڌر جي مفاد وٽان نھ ھجي. ان سلسلي ۾ ھن کي بلاول پاران چتاءُ بھ ڏنو ويو آھي. جڏھن تھ طبيعت جي ناسازي جي ڪري منظر تان ھٽيل وزير اعظم شھباز شريف جي باري ۾ عجيب غريب افواھه سوشل ميڊيا تي اڏامي رھيا آھن.

ملڪي سياست کي مشڪري بڻائڻ ڪنھن جي مفاد ۾ آھي؟ اصولي طور تي اھا ڪنھن جي بھ مفاد ۾ نھ ھجڻ گھرجي پر اھا بڻجي وئي آھي ۽ ان ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان عوام جو ٿي رھيو آھي. ڇو تھ ھن سموري شور ۾ سڀ نعرا لڳي رھيا آھن. ڪير اچي؟ ڪير وڃي؟ ڪير عظيم؟ ڪير خصيص؟ ڪير ڪير آھي؟ ڪير ڪير ناھي؟ ڪير پاءُ ۽ ڪير سير آھي؟ اھو سڀ ڪجھھ ذڪر ھيٺ اچي رھيو آھي پر جيڪڏھن ان سلسلي ۾ ڪجھھ نھ پيو ٿئي تھ اھو صرف ۽ صرف عوام جي اھنجن جو ذڪر! انھن عذابن جو ڪو تذڪرو نھ پيو ٿئي، جيڪو عوام جي حصي ۾ آيل آھي. ماڻھو بي موت مري رھيا آھن. خاص طور تي سنڌ تھ سماجي ۽ معاشي حوالي سان عوام لاءِ مقتل بڻجي ويو آھي. پر ان جي ڪنھن کي پرواھه ناھي. عمران خان سنڌ جڪو ذڪر بھ ڪري ٿو تھ زرداريءَ کي ڌمڪي ڏيڻ لاءِ ڪري ٿو. حڪمران ڌر کي سنڌ جي حوالي سان ڪو بھ سياسي مقابلي جو خوف ناھي. سنڌ مڪمل طور تي سموري سياسي عمل کان آئوٽ آھي. اھا سنڌ جيڪا بکي آھي. اھا سنڌ جيڪا ڏکي آھي. اھا سنڌ جنھن جي سورن ۾ مسلسل اضافو اچي رھيو آھي. اھا سنڌ جنھن جون واڳون انھن ھٿن ۾ آھن، جن ھٿن کي صرف مال ميڙڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نھ ايندو آھي. ان ماحول ۾ سنڌ جي دردن جي دانھن آخر ڪنھن کي ڏجي؟ ملڪ جو ھڪ ادارو بھ اھڙو نھ رھيو آھي، جنھن کي ھن ڪيچڙ اڇلائڻ واري دائري ۾ داخل نھ ڪيو ويو ھجي. ملڪ ۾ ھر طرف صرف ھوڪارا آھن. اھڙا ھوڪارا جن جو ڪو مطلب ناھي. ملڪ جا ڪروڙين ماڻھو پنھنجي آئيندي کان بيخبر آھن. انھن جي حالت مرزا غالب جي ان شعر جھڙي بڻجي وئي آھي:

“سنا ھي اميد پھ جيتي ھين لوگ

ھم ڪو تو جيني ڪي بھي اميد نھين”

عوام جي حالت بلڪل اھڙي آھي.

خلق خدا سان جيڪي بھ واعدا ڪيا ويا انھن واعدن جي ويھين پتي بھ پوري نھ ڪئي وئي. جڏھن سياست مڪمل طور تي ٺڳي ۽ فراڊ، ڪوڙ ۽ ڪرپشن جي ور چڙھي وڃي تھ پوءِ ڪنھن کي اميد ٿي سگھي ٿي؟ ڪنھن کي آسرو ٿيندو؟ ڪير سوچيندو تھ سٺو وقت بھ ايندو!!

سياسي حوالي سان تلخ ترين سچ اھو آھي تھ ھن وقت صرف نالا بچيا آھن. باقي ڪم لھي ويو آھي. اھو حشر صرف اسان جي ملڪ ۾ ناھي پر جتي ڪٿي اھو منظر نظر اچي رھيو آھي. اھا ھندوستان ھجي يا ايران ھجي! چين ھجي يا عربستان ھجي! ھر ھنڌ تبديليون تڪڙ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن. خاص طور اھي تبديليون جن جي ڪا بھ پلاننگ ٿيل ناھي. اھي اوچتيون آھن. انھن جو تھ ڪو خاص رخ بھ ناھي. ان ماحول ۾ اسان جو ملڪ جيڪو آمريڪا جي آسري تي مني صدي وڃائي ھن وقت سوچي رھيو آھي تھ ڪنھن طرف وڃڻ کپندو ھو؟ ڇا ڪرڻ بھتر ھو؟ ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيڻ کپندو ھو؟

ڇا صرف پڇتاءُ ملڪن ۽ قومن جي نقصان جو ازالو ڪري سگھي ٿو؟ پڇتاءُ تھ انسان جي زندگيءَ ۾ بھ اھو ڪردار ادا ڪري نھ ٿو سگھي، جنھن کي اسان واڳ ورائڻ جو نالو ڏئي سگھون. پڇتاءُ صرف گھاوَ گھرا ڪري سگھي ٿو.

پاڪستان ھڪ عظيم پڇتاءَ واري دور مان گذري رھيو آھي. ان پڇتاءَ واري دور اياز امير جھڙي دانشور کي ڀلي عمران خان ۾ اميد جو ڪرڻو نظر اچي پر اسان کي تھ ان طرف بھ اونداھيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڏسڻ ۾ نھ ٿو اچي.

اٽليءَ جي عظيم مارڪسي دانشور انتونيو گرامچيءَ لکيو آھي تھ جڏھن بھ عوام تمام وڏي بحران جي ور چڙھي ويندو آھي. جڏھن بھ عوام کي اميد جي سلسلي ۾ ڪجھھ بھ نظر نھ ايندو آھي. جڏھن سياسي عمل ساڪت ٿي ويندو آھي ۽ ڪنھن بھ قسم جو ڪو رستو نھ کلندو آھي. تڏھن عوام پنھنجي عذابن مان نجات حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھڪ تمام وڏي معجزي جو منتظر ٿي پوندو آھي. جڏھن تھ سياست ۾ معجزا نھ ٿيندا آھن. سياست تھ عوامي جدوجھد جي تاريخ آھي. سياست کي پيري فقيري ۽ مرشدي مريديءَ جي صورت ڏئي اسان اھي سور پرايا آھن. ھاڻي اسان اھڙي حال ۾ آھيون جو اسان وڌيڪ سور سھي بھ نھ ٿا سگھون.

“سور مَ ڏئي ڌوڻ، آئون اڳي ئي ڪانھري

ھڪڙا ڦٽ فراق جا، ٻيو لپين آڇيم لوڻ

ھيئنڙو ٽنگ پروڻ، سھسين سڌون ساھه ۾”

اھڙو حشر ٿي ويو آھي، اسان جي ماڻھن جو!! اھو حشر جمھوريت جي نالي ۾ ٿيو آھي. اصل ۾ سٺن نالن جي آڙ ۾ ايترا تھ برا ڪم ڪيا ويا آھن جو ھاڻي سٺا نالا ۽ سٺا لفظ پنھنجو منھن لڪائي گھمڻ تي مجبور ٿي پيا آھن. سياست جو ھڪ مارڪيٽ ھوندو آھي پر سياست جڏھن پاڻ مارڪيٽ جو وکر بڻجي وڃي تھ شاعر دانھن ڪري اھي لفظ لکندا آھن تھ:

“ڏات سر بازار وڪاڻي

ڄڻ ڪا ننگي نار وڪاڻي”

سياست ڪڏھن تھ عظيم فڪر ۽ عظيم علم ھوندي ھئي. سياست ڪڏھن ڪتاب ھئي ۽ ھاڻي اھڙو خطاب بڻجي وئي آھي، جنھن کي ٻڌي تمام گھڻي خار ٿي اچي. سياست جا ھٿ پير ٻڌي ھن کي اھڙي انڌي کوھه ۾ لڙڪايو ويو آھي، جتان ھن جي صرف ڪنجھڪار کي ٻڌي سگھجي ٿي. جڏھن سياست جو حال ايترو بدحال ٿي وڃي تھ پوءِ اسان کي ڪنھن بھ عمل مان ڪنھن وڏي نتيجي جي اميد بھ نھ رکڻ گھرجي پر جتي ڪجھھ بھ نھ ھجي، اتي ڪو نھ ڪو رونشو تھ ھوندو.

سو! ان جي رونشو چئون يا راند لکون؟ ان اسان ڪو فرق نھ ٿو پوي. اقتداري سياست جا رانديگر پنھنجي ميدان ۾ لٿل آھن. ھن وقت انھن جي حساب سان ائين محسوس ٿي رھيو آھي تھ ڄڻ ملڪي سياست جي ميچ ڊرامائي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آھي. بلڪھ ائين سمجھڻ گھرجي تھ ھن وقت “سياسي ڪرڪيٽ” جي “آخري اوور” آھي. عمران خان زخمي ٽنگن سان آخري بال ڪرائڻ جي لاءِ 26 تاريخ جو اعلان ڪري چڪو آھي. ڇا ھو مخالفن کان اقتداري ميچ کٽي سگھندو؟ ڇا ھن کي پنھنجي مرضيءَ جو امپائر ملي ويندو؟ ڇا ھو شھر اقتدار جي ميدان تي سوڀارو ٿيندو؟

ھن ميچ ۾ ڀلي ڪير بھ جيتي پر عوام جي شڪست يقيني آھي!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button