شوبز

سنڌ هائي ڪورٽ فلم جوائي لينڊ تي پابندي جي درخواست رد ڪري ڇڏي

سنڌ هائي ڪورٽ فلم جوائي لينڊ تي پابندي جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊبل بينچ درخواست کي ئي نھ ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي رد ڪيو آهي. عدالت ۾ درخواست جي ٻڌڻي شروع ٿيندي درخواستگذار دليل ڏيندي چيو تھ فلم جي رليز آئين جي شق 227 جي خلاف آهي، پاڪستان ۾ اسلام جي روح ۽ اسلامي تعليم خلاف ڪم نٿو ٿي سگهي. چيف جسٽس سوال ڪيو تھ اوهان فلم ڏٺي آهي، جنهن تي درخواستگذار چيو تھ فلم جو مواد کليل عدالت ۾ بحث جي قابل ناهي، ٽرانسجينڊر کي ڪنهن مرد سان محبت ۽ شادي جي اجازت اسلام نٿو ڏئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو تھ اوهان فلم ڏٺي ئي ناهي ۽ پابندي لڳرائڻ لا هليا آيا آهيو، جنهن بعد درخواست کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button