سنڌ ۾ آرٽ دشمن ماڻهن جو انگ جيڪڏهن ڳڻڻ شروع ڪجي ته اهو کٽندو ئي ڪونه ۽ جيڪڏهن آرٽ دوست ماڻهن جي ڳالهه ڪجي ته اهي بنهه ٿورا آهن ۽ انهن جي ڳاڻيٽو صفا سولو آهي. آرٽ يا فن ڪنهن به انسان جي تخليقي صلاحيتن کي نروار ڪرڻ جو هڪ اهم وسيلو آهي. اهي تخليقي صلاحيتون پينٽنگ، مجسمه سازي، ڪهاڻي، شاعري، نثر يا وري راڳ رنگ وسيلي نروار ٿينديون آهن. ڪو سماج ڪيترو آرٽ دشمن آهي، ان جو اندازو ان عمل مان لڳائي سگهجي ٿو ته سماج ۾ موجود گهڻائيءَ جو رويو آرٽ ڏانهن ڪهڙو آهي. سنڌ ۾ اڄ به ماڻهن جي گهڻائي (خاص طور انتهاپسند) آرٽ کي حرام سمجهي ٿي. ان جي نظر ۾ راڳ حرام آهي. رقص ڪرڻ جائز ناهي ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو ڪم جائز آهي، جنهن وسيلي هڪ انسان کي خوشي ملندي هجي يا هو پنهنجي پر ۾ ان وسيلي پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي پيش ڪري دنيا کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ته دنيا کي هو ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿو.
ڪجهه عرصو اڳ سنڌ جي تعليم واري وزارت اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو آهي. جنهن جو هڪ مقصد ته راڳين کي روزگار ڏيڻ آهي ۽ ٻيو ٻارن کي راڳ سيکارڻ آهي ته جيئن جيڪي ٻار پنهنجو پاڻ کي ان لائق سمجهن ٿا ته اهي راڳ سکي پنهنجو ڪيريئر ٺاهي سگهن ٿا ۽ انهن کي اهو موقعو فراهم ڪيو وڃي.
سنڌ ۾ هر سٺي ڪم جي مخالفت نه ٿئي اهو ممڪن ئي ڪونهي. تنهنڪري سنڌ ۾ ان عمل جي مخالف ڪندڙ راشد محمود سومرو آهي. جنهن جو چوڻ آهي ته موسيقي حرام آهي. ان جي اسڪولن ۾ سکيا جي مخالفت ڪئي ويندي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ حڪمران اسلام جي خدمت ڪري رهيا آهن يا مغرب جو پرچار ڪري رهيا آهن؟ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ واري فيصلي کي قبول نه ڪنداسين.
هن چيو ته تعليم کاتو سنڌ ۾ قرآن ٽيچر، عربي ٽيچر ۽ اسلاميات ٽيچرس جون ڀرتيون روڪي ميوزڪ ٽيچرس جون ڀرتيون ڪري رهيو آهي، جيڪو عمل قابلِ قبول ناهي. مون پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي درخواست ڪئي آهي ته اُهو سنڌ سرڪار تي زور ڀري ته جيئن سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي نه ٿين. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ته سخت ردعمل ڏينداسين. هن سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن جي به مخالفت ڪندي چيو آهي ته پروگرامن ۾ سازش تحت نياڻين کي ڊانس ڪرائي وڃي ٿي. اِها سنڌ ۽ اسلام جي نه پر مغرب جي تهذيب ۽ ثقافت آهي. اسان اسلام ۽ سنڌ جي تهذيب توڙي ثقافت سان هٿ چراند جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. ميوزڪ ٽيچر ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن.
سنڌي سماج ۾ ڪٽرپڻو جهڙي ريت هر سطح تي واسو ڪري ويو آهي، ان کان پوءِ ائين ٿو لڳي ته انتهاپسند قوتون ڪيتري منظم طريقي سان پنهنجن ماڻهن کي استعمال ڪري سنڌ جي سيڪيولر مزاج کي تباهه ڪرڻ ۾ وسان ڪين ٿيون گهٽائين. جڏهن ته اسڪولن ۾ نه رڳو اسلاميات جا استاد موجود آهن پر عربي پڙهائيندڙ استاد به آهن. ميوزڪ ٽيچر جون جايون تعليم واري وزارت الڳ سان اسڪولن ۾ متعارف ڪرايون آهن. نه ته ان سان مذهب کي ڪو خطرو آهي ۽ نه ئي انهن مضمونن کي جيڪي اسڪولن ۾ پڙهيا پيا وڃن. پر اسان وٽ هر معاملي کي تڪراري بڻائي ان تي سياست ڪرڻ جو رواج آهي. اهو ساڳيو ڪم راشد محمود سومرو به ڪري رهيو آهي، جيڪو ان خيال جو آهي ته هو ان حوالي سان فضل الرحمان سان ڳالهائيندو. جڏهن ته هيءَ سنڌ حڪومت جو معاملو آهي. فضل الرحمان نه حڪومت ۾ آهي ۽ نه ئي سندس واسطو سنڌ جي انتظامي معاملن سان آهي. سنڌ ۾ جڏهن به آرٽ يا سائنسي ترقي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان جي مخالفت ۾ ڪيترائي آواز اٿڻ لڳندا آهن. اهي آواز ان ڪري به اٿندا آهن ته جيئن انهن آوازن کي دٻايو وڃي، جيڪي آرٽ کي جيارڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. جيڪي ماڻهن کي اهو موقعو ڏيڻ چاهين ته اهي پنهنجي اندر موجود انهن صلاحيتن کي اظهارين، جن تي وڏي وقت کان پابنديون لڳل آهن.
هٽلر جي زماني جو هڪ جرنيل هرمن گوئرنگ کي آرٽ دشمن سمجهيو ويندو هو. هو به ان خوف ۾ ورتل هوندو هو ته آرٽ وسيلي ماڻهو گهڻو ڪجهه اظهاري سگهن ٿا ۽ اهي بغاوت ڪري سگهن. تنهنڪري هو ان عمل کي پسند نه ڪندو هو ته ماڻهن کي آرٽ ۾ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻڻ جي آزادي ڏني وڃي. هو ايترو انتهاپسند هو جو تعليم کي به خراب سمجهندو هو. سندس چوڻ هو ته تعليم خطرناڪ آهي، هر پڙهيل لکيل ماڻهو مستقبل ۾ دشمن آهي. آرٽ دشمنيءَ جي حوالي سان سندس هڪ ڳالهه سدائين منظر عام تي ايندي رهندي آهي. “جڏهن به آئون لفظ ڪلچر ٻڌان ٿو ته منهنجو هٿ ريوالور ڏانهن وڌي ويندو آهي.” اهڙن روين مان اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته ان زماني ۾ جرمنيءَ ۾ آرٽ جي حالت ڪهڙي رهي هوندي ۽ لانگ بوٽن سان ٺڙڪ ٺڙڪ ڪري هلندڙ اهي فوجي جرنيل پنهنجي اندر ۾ ڪيترا ڊڄڻا هئا، جيڪي راڳ، لکڻ ۽ فن جي هر شعبي جي آزاديءَ کان به ڏڪندا هئا. پر آرٽ هر صورت ۾ پنهنجي لاءِ رستا ٺاهي وٺندو آهي. اهو پاڻي وانگر آهي، جنهن کي پنهنجو رستو هر صورت ۾ ٺاهڻ ايندو آهي.
ڪجهه سال اڳ ايران ۾ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي ڪنهن ڏوهه ۾ قيد ڪيو ويو هو. اها هڪ آرٽسٽ ڇوڪري هئي. جيئن ته اها چترڪار هئي، سو پنهنجن سوچن ۽ خيالن کي ذهن ۾ دٻائي نه پئي رکي سگهي. تنهنڪري هن قيد ۾ رهي به تصويرو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو پر هن وٽ نه اتي رنگ هئا، نه برش هو ۽ نه ئي ڪئنواس هو. پوءِ هن پنهنجي ماهواريءَ مان ايندڙ رت وسيلي پينٽنگ ٺاهڻ شروع ڪيون. هن پنهنجي وارن کي ڪٽي ان مان برش ٺاهيو ۽ ڪئنواس لاءِ به بندوبست ڪيائين. ائين هن پنهنجي اظهار جو ذريعو ڳولي لڌو.
چليءَ جي وڪٽر جارا جا گيت فوجي جرنيلن جو ساهه سڪائي ڇڏيندا هئا. هڪ گيت صدين جي غلاميءَ جا طوق لاهي سگهي ٿو. اهو دنيا کي وڪٽر جارا ٻڌايو. هڪ گيت آمرن جي ننڊ ڪيئن حرام ڪري سگهي ٿو، اهو اسان کي وڪٽر جارا جي گيتن ڏسيو. هڪ گيت ڏاڍ اڳيان ڪيئن سينو سپر ڪري بيهي سگهي ٿو، اها اسان کي وڪٽر جارا جي گيتن مان خبر پوي ٿي. تنهنڪري جيڪي ماڻهو آرٽ جي ڪنهن به شعبي کان ڊنل هوندا آهن، اهي پنهنجي اندر ۾ بنهه گهڻا ڊڄڻا هوندا آهن، انهن کي خبر هوندي آهي ته اهي خيالن ۽ آرٽ وسيلي پيش ٿيندڙ فن پارن کي شڪست نٿا ڏئي سگهن. تنهنڪري اهي آرٽ دشمنيءَ تي لهي ايندا آهن. اهي هر ان عمل کي خراب سمجهندا آهن، جيڪي انسان کي ڪجهه گهڙين جي خوشي ڏيندا آهن ۽ انسان کي پنهنجي جيئري هجڻ جو احساس ڏياريندا آهن.
پر آرٽ سان دشمنيءَ جو ڏوهه رڳو ڪنهن هڪ فرد يا ڪنهن سياسي مذهبي جماعت جي اڳواڻ تي ان ڪري به نٿو ڏئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته شروع کان وٺي هن ملڪ ۾ آرٽ سان رويو اهڙو ئي رهيو آهي. ان جي نڙيءَ تي ننهن ڏئي ان جو ساهه گُهٽڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. تنهنڪري ان رويي جو عڪس اسان کي سماج ۾ هر شعبي جي ڪنهن به فرد ۾ نظر اچي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته رياست ان حوالي سان گهڻو ڪم ڪري چڪي آهي.
اهو رويو اسان کي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ سماجن ۾ نظر اچي ٿو. ڪتابن تي پابندي لڳڻ، اديبن ۽ شاعرن کي جيلن ۾ واڙڻ اهي سڀ اهڙا معاملا آهن، جيڪي ان سوچ جو اولڙو آهي، جيڪا سماج کي ذهني طور وڌيڪ عذاب ڏئي ٿي. جيئن شيخ اياز سان ٿيو. سندس شاعري ۽ گيتن جي ڪري ڪتابن جي پابندي لڳائي وئي پر اڄ سندس گيت سنڌي قوم ۾ گُنجار ڪن ٿا. هن ان زماني ۾ اهڙا اهڙا گيت لکيا، غزل تخليق ڪيا جڏهن جيلن ۾ واڙجڻ عام جام هو. پر هن ان جي پرواهه نه ڪئي. هن جيل ۾ ڪيئن وقت گذاريو آهي. ان لاءِ سندس لکيل “ساهيوال جيل جي ڊائري” پڙهڻ وٽان آهي. هڪ جاءِ تي هو لکي ٿو.”آرٽ پنهنجو مقصد پاڻ آهي. آرٽسٽ ان کي انقلاب لاءِ ڪم آڻي، جيئن شوپن پنهنجي موسيقي پولنڊ جي آزاديءَ لاءِ ڪم آندي هئي ته ان تي مون کي اعتراض نه آهي، پر ڪنهن به انقلابيءَ کي اهو حق ناهي ته هو آرٽسٽ تي پنهنجا نظريا مسلط ڪري. آرٽسٽ آرٽ کي انقلاب جو ذريعو بڻائي به عظيم آرٽ پيدا ڪري سگهي ٿو پر آرٽسٽ لاءِ اوليت آرٽ آهي. دراصل منهنجي نظر ۾ انقلاب آرٽ جو ذريعو آهي، ذريعو ان اقتصادي پريشانيءَ مان نجات جو، جا آرٽسٽ کي پنهنجي آرٽ جي تخليق لاءِ فرصت ۽ فراغت مهيا ڪري سگهي.”
پر هاڻي ڇا ٿيڻ گهرجي. هيءَ ته رڳو سنڌ جي اسڪولن ۾ راڳ جي استادن جي موسيقيءَ جي معاملي تي اعتراض واريو ويو آهي پر مجموعي طور اسان وٽ ساڳيو ئي رويو آهي. تنهنڪري سڄي سنڌ کي بنا ڪنهن دٻاءُ ۾ اچڻ جي ان عمل جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ حڪومت، خاص طور سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه جيڪو فيصلو ڪيو آهي، ان کي ترت عمل ۾ آڻڻ گهرجي. ان کان سواءِ جتي جتي به آرٽ جي شعبن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان کي جاري رکيو وڃي. اهو عمل نه رڳو حڪومتي سهڪار سان جاري رهڻ گهرجي پر سماجي سهڪار سان به جاري رهڻ گهرجي. ان لاءِ سڄي سنڌي قوم کي اڳيان اچڻو پوندو. ٿورو ٿڪو جيڪو سنڌ ۾ سيڪيولر فڪر بچيو آهي، ان کي قائم رکڻ لاءِ آرٽ دشمن روين کي شڪست ڏيڻ ضروري آهي. ان ڪري جو آزاد آرٽ ئي سماج جي ڪايا پلٽ ڪري سگهي ٿو.
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان-
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
(شيخ اياز)