موسمي ڦيري جي حساب سان ظاهر ۾ ته ملڪ اندر ٿڌ وڌڻ لڳي آهي پر رياست جي داخلي بحران جي تپش گهٽجڻ بدران ڏينهنون ڏينهن وڌندي ئي نظر پئي اچي. رياستي بحران جي داخلي تپش جا اولڙا اسين اتحادي حڪومت جي اڳواڻن توڙي عمران خان ۽ سندس ڪيمپ جي ڪيميائي ڪردارن جي چهرن تي ايئن پسي ٿا سگهون، جو ٻئي ڌريون ڳالهائڻ مهل پنهنجي وائڙائپ جيتري به لڪائڻ چاهين پر اها لڪي ڪونه پئي سگهي ۽ ان سموري منجهيل صورتحال مان محسوس اهو ٿو ٿئي ته نومبر جا نوٽيفڪيشن مڪمل طور نه عمران خان لاءِ سڻاوا پيا ٿين ۽ نه ئي اتحادين لاءِ. بس رڳو انتظار آهي نومبر جي پنجويهن تاريخ جو، جنهن تاريخ بابت دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عسڪري ڪمانڊ جو رهيل مرحلو واضح ٿي سڀني جي سامهون اچي ويندو. بهرحال ان سموري مرحلي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ به چوڻ وارا چون ٿا ته ڇڪتاڻ گهٽ ڪانه ٿيندي. اهو ان ڪري جو عمران خان جي پويان جيڪي قوتون آهن، تن اهو طئي ڪري ورتو آهي ته عمران کي اقتدار نٿو به ملي تڏھن به ايندڙ جيڪو به حڪومتي ڍانچو جُڙيو، تنهن ۾ ڪوڪا ٺوڪڻ بند نه ڪبا.
هڪڙي پاسي عمراني ٽولي جون اهي تياريون آهن ته ٻئي پاسي اتحادي حڪومت جيڪا ڪجھه ڏينهن اول عمران خان جا پاور شو ڏسي وائڙي ٿي وئي هئي، تنهن پنهنجا ترڪندڙ پير سنڀالڻ شروع ڪيا آهن ۽ هنن سٽن لکڻ تائين جا اطلاع اهي آهن ته پنڊي ۾ جيڪو عمران جو جلسو ٿيڻو آهي، تنهن جلسي جي اجازت کي ايترو مشروط بڻايو ويندو جو جلسو جهڙو ٿيو تهڙو سمجهو نه ٿيو.
واضح ڪندا هلون ته ڳالهھ رڳو پنڊي واري جلسي تي ڪانه ٿي کُٽي بلڪ ڳالھه ڄڻ ته شروع ئي ان جلسي کان ٿيندي نظر اچي ٿي. ڇو ته ان جلسي جو ٿيڻ يا نه ٿيڻ ئي ثابت ڪندو ته معاملا ڪيڏانهن پيا وڃن. ڇو ته ان جلسي کانپوءِ اڳيان اسلام آباد ۾ آخري ملاکڙي جا منظر پڻ اڃان رهيا پيا آهن. هاڻ سوال اهو ٿو بيهي ته شيخ رشيد جهڙيون زبانون جيڪي لڳاتار اهو چئي رهيون هيون ته اتحادي بند گهٽي ۾ ڦاسي چڪا آهن، تن زبانن جو ڇا ٿيندو؟ اچو ته ان ڳالهھ جو ڪجھه ڇيد ڪريون.
ٿيو ڪجهھ هيئن آهي ته عمران تي حملي واري ناٽڪ کان پوءِ جيڪا گرمي شروع ٿي آهي، تنهن گرمي ڏانهن حڪومت جي پاليسي اها آهي ته ڪيئن به ڪري عمراني ٽولي کي ٿڪائجي جڏھن ته عمراني ٽولي جي ڪوشش وري اها آهي ته ان گرمي جو درجو ايترو وڌائجي جو اتحادي سرڪار کي ڳاري وجهجي. جنهن کان پوءِ رياستي وهنوار اهڙي هنڌ اچي ڦاٿو آهي جو سڀني جي اڳيان پاڻي ۽ پويان باهھ ٿي ڏسجي. مثال طور جيڪڏهن حڪومت سختي ڪري ٿي ته ٽڪراءُ وڌڻ جا امڪان آهن ۽ حڪومت کي اهو خوف آهي ته اهو ٽڪراءُ ڪٿي سڀڪجهه لوڙهي نه ڇڏي. ڇو ته اتحادي حڪومت کي به پنهنجي لڇڻن جي خبر آهي ته ان واڳون سنڀالڻ کان پوءِ ڪهڙا عوام سان ڀال ڀلايا آهن!! ان ڪري حڪومت ان ڀئو ۾ آهي ته جيئن جيئن ٽڪراءُ وڌندو ويندو تيئن تيئن مهانگائي ۽ بيروزگاري جي شدت ۾ ورتل عوام ان وڌندڙ ٽڪراءُ واري لهر ۾ حڪومت مخالف واهڙ ۾ به وهي سگهي ٿو. تنهن ڪري گهڻا تڻا امڪان اهي آهن ته حڪومت گهٽ ۾ گهٽ پنڊي واري جلسي کي روڪڻ لاءِ طاقت جو استعمال نه ڪندي پر اڳيان جلسا ڪيئن روڪجن؟ تنهن حڪمت عملي تي رات ڏينهن ويچار جاري آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن عمران جا ايئن ئي لڳاتار جلسا ٿيندا ويا ته اسلام آباد واري جلسي تائين هڪ وڏو ماحول جُڙي ويندو ۽ پوءِ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جا رنگ ئي ٻيا هوندا ۽ موجوده صورتحال ۾ اتحادي حڪومت اها لانگ مارچ برداشت نٿي ڪري سگهي. تنهن ڪري حڪومت جي اها وڌ ۾ وڌ ڪوشش هوندي ته پنڊي واري جلسي کان اڳ ئي ڪيئن به ڪري ماحول جو رخ موڙي ڇڏجي.
پر اهو سڀ ڪجھه جيئن ته ايترو سَوَلو ناهي تنهن ڪري اڳي پوءِ لڳي ايئن ٿو ته هلي هلي ڳالهيون ئي ٿينديون. ان جو سڀ کان وڌيڪ سگهارو جواز اهو آهي ته جن عمران کي پهرين سليڪٽ ڪيو، تن تارو وچين چونڊ ۾ ٻيهر عمران کي سليڪٽ ڪري اتحادي حڪومت کي اهو نياپو ڏنو آهي ته اهي عمران مان مڪمل هٿ ڪونه پيا ڪڍن. جيڪڏهن سليڪٽرز کي عمران مان تڪڙا هٿ ڪڍڻا هجن ها ته وچين چونڊ جا نتيجا اهي قطعي نه هجن ها جيڪي سامھون آيا. مطلب ته اسٽيبلشمينٽ به انهن نتيجن جي صورت ۾ پي ڊي ايم کي پنهنجو نياپو ڏيئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏھن انهن گهڻي گهڻي ڪئي ته عمراني آپشن موجود آهي.
بهرحال اصل ۾ اِها آهي ڏي وٺ واري اُها صورتحال جتي اسٽيبلشمينٽ، عمران خان ۽ پي ڊي ايم سڀ جا سڀ اچي بيٺا آهن. جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويندا تيئن تيئن ان پِيهه ۽ دٻاءُ ۾ اضافو ٿيندو ويندو ۽ اهڙو دٻاءُ آخر ۾ ڪنهن جي حق ۾ ٿو وڃي؟ اهو هاڻ ان تي آڌاريل آهي ته ان رِٿيل راند جا اصل رانديگر ڪيئن ٿا کيڏن؟
بھرحال اها راند جتي به کُٽي سو مرحلو هاڻ گهڻو پري ته ناهي پر هيستائين جي تانظر ۾ هن ملڪ جي اقتداري راند جي تاريخ جا ماهر ڄاڻو اهو چوندي ٻُڌڻ ۾ پيا اچن ته موجوده راند جو آخري نتيجو سڀني لاڳاپيل ڌرين جي هڪجهڙي شڪست ۽ هڪجهڙي فتح وارو نڪرڻو آهي. پر الميو ڏسو ته ڪيئن نه انهي بي نتيجا رٿيل راند جي رولڙن ۾ عوام سان ويڌن ڪيو ويو آهي!؟ اهو عوام جنهن کي سموريون ڌريون طاقت جو اصل سرچشمو سڏين ته ٿيون پر عملي طور انهن سمورن اقتداري ٽولن عوام کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور ايترو ته نِستو بڻائي ڇڏيو آهي جو عوامي اڪثريت اهو ئي چوندي ٻُڌي وڃي ٿي:
يي وطن تُمهارا هئي
هم هئين خوامخواه اِس مين!!