هن سال جي ادب جو نوبل انعام کڻندڙ ليکڪا آني ايغنو جي لکڻين جي هڪ خاصيت اها ڄاڻائي وڃي ٿي ته سندس لکڻيون آتم ڪٿا جي انداز ۾ آهن جنهن ۾ هن پنهنجي زندگي ۽ ان تي اثر انداز ٿيندڙ ماحول ۽ حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي. سندس ناول Shame هڪ اهڙي ئي لکڻي آهي.
شهر جي مرڪز کان پرتي رهندڙ ما پي ۽ هڪ ڌي تي مشتمل خاندان آهي. اهي زال مڙس محنت مزدوري ۽ گھر ۾ ئي ٺهيل هڪ اسٽور جي آمدني مان پنهنجو گذر بسر ڪن ٿا. اهو اسٽور ڄڻ سندن گراهڪن ۽ ٻين ماڻهن لا اچ وڃ جو رستو به هجي ٿو. گھر ۾ حوض ۽ ڪاڪوس وغيره جي مناسب سهولت نه ٿي هجي ۽ کين پنهنجي حاجت پوري ڪرڻ لا مختلف برتن وغيره رکڻا پون ٿا يا ٻاهر وڃڻو پئي ٿو. انهن ٿانون ۾ گراهڪ ۽ اتان اچ وڃ ڪندڙ به پنهنجي حاجت پوري ڪن ٿا. انهن ٻنهي ما پي جو پنهنجي ڌي سان پيار هجي ٿو. اهو اهو وقت هجي ٿو جڏهين ٻي عالمي جنگ جي تباهه ڪارين کانپو فرانس ۾ تعمير نو جو ڪم جاري هجي ٿو.
جون 1952 ۾ آچر جي ڏينهن زال مڙس ۾ ڪنهن ڳالهه تان اڻبڻت ٿئي ٿي ۽ مڙس زال کي قتل ڪرڻ لا ڪات کڻي تيار ٿي وڃي ٿو. پر ائين ٿئي نه ٿو. ٻارنهن سالن کان گھٽ عمر جي ڌي جڏهين اهو ڏسي ٿي ته پريشان ٿئي ٿي ۽ مدد لا رڙيون ڪري ٿي. سندس پي ان وقت پنهنجو پاڻ ۾ نه ٿو هجي ۽ کيس چئي ٿو ته مون تو کي ته ڪجھه به نه چيو. هو کيس چئي ٿي ته تو ته مون کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. سندس ما به کيس چئي ٿي ته بس هاڻي ڳالهه ختم ٿي ويئي آهي. معاملو ٽري وڃي ٿو ۽ اهي ٽيئي سائيڪل تي ڀر پاسي واري ٻهراڙي ۾ گھمڻ وڃن ٿا ۽ واپس اچي سندس پي اسٽور کولي ٿو ۽ لڳي ٿو ته زندگي معمول تي اچي ويئي هئي. پر اها ڳالهه سندس زندگي ۾ وڏي تبديلي جو باعث بڻجي ٿي. هو چئي ٿي ته ڄڻ هڪ اهڙو پردو سندس آڏو اچي ٿو وڃي جنهن جي ڪري زندگي سندس لا ساڳي نه ٿي رهي. اها تاريخ سندس ذهن تي نقش ٿي وڃي ٿي جڏهين ته اڳ تاريخون بليڪ بورڊ ۽ ڪاپي ۾ لکبيون هيون ۽ اهي گذرنديون وينديون هيون. هو سوچي ٿي ته سندس پي جيڪو ساڻس پيار ڪري ٿو سندس ما کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ساڳي ريت سندس ما به ساڻس پيار ڪري ٿي. کيس ذهن ۾ اهو ڊپ رهي ٿو ته اهو واقعو وري به ٿي سگھي ٿو. هو مختلف شين کي ان زاوئي سان ڏسي ٿي. هو سوچي ٿي ته مون سان ما به ايترو پيار ڪري ٿي جيترو پي ڪري ٿو پو ائين ڀلا ڇو ٿيو. هو پنهنجي خاندان جون تصويرون ڏسي ٿي ۽ انهن ڳالهين کي ياد ڪري ٿي. ان وقت هو ٻارنهن سالن کان گھٽ عمر جي هڪ ڇوڪري هجي ٿي. اهو واقعو جيتوڻيڪ سڄي زندگي ساڻس گڏ رهي ٿو پر وقت گذرڻ سان گڏ اهو ڄڻ هڪ ياد بڻجي وڃي ٿو.
اتي ٻن قسمن جا اسڪول هجن ٿا. هڪ سرڪاري جنهن ۾ غريب ۽ يتيم ٻار پڙهن ٿا ۽ انهن کي گھٽ سمجھيو وڃي ٿو جڏهين ته ٻيا خانگي اسڪول هجن ٿا جتي دوڪاندارن، ڪامورن ۽ ٻين سکين گھراڻن جا ٻار پڙهن ٿا. هو جيتوڻيڪ معاشي لحاظ کان هڪ گھٽ حيثيت واري خاندان سان تعلق رکي ٿي پر سندس ما پي کيس خانگي اسڪول ۾ داخل ڪرائين ٿا. اھو اسڪول عيسائي مشنيري جي تحت هلايو وڃي ٿو ۽ ليکڪا جي چواڻي ته هتي علم کان وڌيڪ مذهب کي اهميت ڏني وڃي ٿي. شاگردن کي رڳو مذهبي ڪتاب پڙهڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪي به اهڙا ڪتاب وغيره پڙهڻ کان منع ڪيو وڃي ٿو جن جو مذهب سان تعلق نه هجي. ڪنهن سان دوستي رکڻ ڏکيو هجي ٿو. سندس رڳو هڪ دوست هجي ٿي جيڪا سندس ڀرپاسي رهي ٿي ۽ ان سان گڏجي اسڪول اچي وڃي ٿي. کيس ان وقت شرم اچي ٿو جڏهين هو اسڪول جي ڪنهن پروگرام ٻين ٻارن سان گڏ اسڪول جي بس ۾ موٽي ٿي ته سندس ما کي گھر جي دروازي کولڻ مهل گھنجيل ۽ عام ڪپڙا پاتل هجن ٿا جڏهين ته ٻين ٻارن جي مائٽن کي باقاعدي صاف سٿرا رات جا ڪپڙا پاتل هجن ٿا ۽ اهي ان ڳالهه کي سٺو نه ٿا سمجھن.
ان ئي سال سندس ما کيس ۽ سندس پي کي ڪجھه اهڙين جاين ۽ شهرن ۾ گھمڻ لا موڪلي ٿي جتي هو پاڻ اڳ ئي ٿي آئي آهي. ان سفر ۾ کيس لاڳيتو پنهنجي پي سان هلڻو ۽ ان جو سهارو ٿيڻو پئي ٿو. اتان جو ماحول ۽ خاص طور هوٽل جي ڪمرن، اتان جي بسترن جو آرام ۽ واش روم وغيره جي سهولت، جيڪا کيس پنهنجي گھر ۾ حاصل نه ٿي هجي، گھڻو متاثر ڪري ٿي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي هڪ ٻي دنيا ۾ محسوس ڪري ٿي. ساڳي وقت اهي گھڻين جاين تي نه ٿا وڃي سگھن ۽ گھڻيون شيون ان ڪري نه ٿا وٺي سگھن جو وٽن ايترا پئسا نه ٿا هجن. پر هو محسوس ڪري ٿي ته سندس پي ان سڀڪجھه مان مطمئن نه هو. جڏهين اهو سفر ختم ٿئي ٿو ته هو هوٽلن وغيره جي بيرن ۽ ٻئي اسٽاف وغيره جي شڪايت ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ان جو مک ڪارڻ اهو هجي ٿو ته ان ٽور ۾ شامل ٻين ماڻهن کي سندن مرتبي ۽ پئسي وغيره جي ڪري هوٽل جي اسٽاف ۽ ٻين ماڻهن پاران جيڪا اهميت ڏني وڃي ٿي اها کيس نه ٿي ملي جيڪا ڳالهه سندس لا ڏکوئيندڙ هجي ٿي.
ليکڪا اها ڳالهه ڪري ٿي ته هن ڪجھه مردن سان اها ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس ٻارنهن سال ٿيڻ کان اڳ سندس پي سندس ما کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن ان تي ڪو رد عمل ظاهر نه ڪيو ۽ سمجھيو ته آئون انهن جي لا مران پيئي. هن جون 1952 جي ان واقعي کي هونئن لکڻ ته پري جي ڳالهه پر ڊائري ۾ لکڻ کان به ڪيٻايو ٿي ۽ کيس اهو ڊپ هو ته ائين ڪرڻ سان کيس سزا ملندي. پر ائين ناهي ۽ هو ان کي لکت ۾ آڻي پنهنجي تڪليف کي گھٽائي سگھي آهي. اهو لکڻ سندس لا ڄڻ ته هڪ ڪٿارسس آهي. کيس ان جي لکڻ سان ڄڻ هڪ قسم جو آرام ۽ سڪون ملي ويو آهي. هونئن اهو ناول آهي پر ساڳي وقت اها هڪ حقيقت به آهي.