سنڌو ماٿري، سسئي وانگر سنڌو درياهه جي ڇولين ۾ لڙهڻ صدين جي ڦير گهير ۽ لاهن ۽ چاڙهن ۽ تاريخ جا سمنڊ جهاڳڻ بعد وري يڪجا ڪيئن ٿي وئي آهي، ان عمل تي انساني عقل دنگ رهجو ٿو وڃي. شايد ئي ڪو ان ڳالهه تي غور ڪيو ويو هوندو ته 400 سال قبل مسيح سنڌو ماٿري تي حملو ڪندڙ يونان جي حڪمران سڪندر اعظم جي يلغار خلاف سنڌو ماٿري جي راجا پورس طرفان بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ انهي ويڙهه ۾ ٿيل وڏي رتوڇاڻ بعد سڪندر اعظم جي فوجن اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار سڪندر اعظم کي وطن واپس وڃڻو پيو. سڪندر جي واپسي جو اهو سفر سنڌو درياهه رستي اختيار ڪرڻ پڻ سنڌو ماٿري ۽ سنڌو درياهه جي قدامت ۽ ان دور جي تاريخ جو اهم حصو آهن. جنهن ۾ سنڌو ماٿري ۽ سنڌو درياهه ۽ ان دور جي قومن جي وطن، سڀيتا ۽ ثقافت جا دستاويزي ثبوت موجود آهن. ڪتابن ۾ ڄاڻايل اهو دور هو جڏهن سنڌو درياهه جي ڪنارن تي ريٽيل ۽ ويران ٿيل اڳوڻا ٿاڪ ۽ شهر جن ۾ موهن جو دڙو، چانهيون جو دڙو، هڙاپا، مهر ڳڙهه کي دفن ٿئي گهٽ ۾ گهٽ 3 هزار سال گذري چڪا هئا. يعني 6000 سال قبل مسيح ۾ پڻ سنڌو ماٿري جي تهذيب، سڀيتا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ان قديم دور جي سرواڻ، بانيڪار، اڳواڻ ۽ دنيا جي سڌريل خطي طور موجود رهي آهي.
برصغير ۾ انگريزن جي وچ واري عرصي واري سياسي تاريخ جا واقعا تمام اهم آهن، جنهن موجب، انگريزن جي حڪومت جي آخري سئو سالن دوران هن خطي جي آخري فتح ڪيل علائقن ۾ سنڌ ۽ پنجاب شامل آهن. سنڌو ماٿري واري رياستن تي قبضا ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ سنڌي حڪمرانن، ڪلهوڙن جي پيري مردي جي بنياد تي قائم ٿيل مضبوط ۽ خوشحال حڪمراني جو، سندن مريدن يعني ميرن هٿان خاتمو ٿيڻ ڪو معمولي حادثو ناهي. جنهن عمل سنڌ کي وري جاگيرداري ۽ جهالت جي اوڙاهه ۾ ڌڪي ڇڏيو. معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌو ماٿري جي اڌ کان به وڌيڪ وڏي حصي تي قائم ڪلهوڙن جي حڪومت، شايد قانون قدرت جي فيصلي ۾ اڃا کٽل هئي جو قديم سنڌو ماٿري جي اصل شڪل ۾ بحالي لا اڃا کيس وڌيڪ تاريخي مرحلا مڪمل ڪرڻا هئا. جي ميرن کان حيدرآباد، خيرپور ۽ ميرپورخاص واريون رياستون هڪ هڪ ٿي ڦري ورتيون وڌيڪ ٽن سالن دوران پنجاب جي مانگر مڇ حڪمران راجا رنجيت سنگهه جيڪو سنڌ تي حملو ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هو. تنهن کان پنجاب پڻ انگريزن جي حملي ۾ ڦرجي ٿو وڃي. شايد، اهو ئي سبب هو جو ڪلهوڙن جي سنڌو ماٿري واري وڏي رياست جو خاتمو ڪندڙ ميرن طرفان سنڌ کي ٽڪرا ڪري حيدرآباد، خيرپور ۽ ميرپورخاص رياستن ۾ ورهائڻ بعد پنهنجي خانداني حڪمراني لا ٽن رياستن ۾ ورهائي حڪومتون قائم ڪرڻ جو اڌ صدي جو جاگيرداري وارو دور آيو جنهن ۾ خوشحال ۽ سڌريل سنڌ خونخوار ۽ اڻپڙهيل قبائلين جي ڏاڍ جو شڪار رهي. اهڙي ريت، سنڌ جي ڪروڙين عوام جي بيزاري ۽ بدحالي سبب انهن رياستن جو هڪ هڪ ٿي انگريزن جو شڪار ٿي وڃڻ پڻ اهڙا اهم واقعا آهن. جنهن ۾ سنڌ سميت پوري سنڌو ماٿري واري خطي تي انگريزن جي يلغارن ۽ پوري ننڍي کنڊ تي قبضي ٿيڻ جي صورت ۾ قانون قدرت تحت تاريخ گهرج تحت پهريون ۽ بنيادي مرحلو مڪمل ٿيو. سنڌو ماٿري، انگريزن ذريعي آخرڪار، وري متحد شڪل ۽ صورت ۾ ڌرتي ڌڻين ۽ هتان جي قديم قومن کي واپس موٽي ملي آهي.
دنيا جي قديم تهذيبن ۽ انساني سڀيتائن جي بانيڪار سنڌو ماٿري جي 14 آگسٽ 1947ع ۾ وري بحالي جو بنيادي ڪارڻ دنيا جي عالمي طاقتن ۾ ٿيل “ٻي عالمي جنگ” کي اهم سبب قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ويڙهه برطانيا واري دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي ۽ عالمي طاقت کي شڪستن سبب گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري وڌو ۽ سندس عالمي طاقت واري حيثيت نه صرف ختم ٿي وئي پر هن پنهنجو ملڪ ۽ قوم بچائڻ لا سموري دنيا ۾ مختلف ملڪن ۽ خطن تان پنهنجا قبضا ختم ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ۽ جنهن قومن ۽ انهن جي رياستن تي قبضا ڪيا ويا هئا بلڪل ان ريت انهن قومن کي سندن ملڪ ۽ رياستون واپس ڪرڻ وارا سلسلا پڻ تيزي سان شروع ڪيا ۽ هندستان ۾ برطانوي حڪومت جي علائقائي هيڊ ڪوارٽر جي ماتحت سمورن ملڪن ۽ رياستن ۾ عوامي ريفرينڊم ڪرايا ويا ۽ قومن ۽ عوام جي فيصلن موجب عملدرآمد ڪيو ويو ۽ انهن فيصلن تي برطانيا جي پارليامان ۽ برطانوي بادشاهت جي منظوري حاصل ڪرڻ بعد وائسرا جي ذريعي عملدرآمد ڪيو ويو. انگريزن جي واپسي واري هن نازڪ دور ۾ برصغير ۾ مسلمان ۽ هندوئن جي وڏي اڪثريتن ۾ مذهبي اختلافن پڻ هن خطي جي آزادي تي پنهنجا اڻوڻندڙ اثر وڌا. مذهبي ڇڪتاڻ سبب هندستان جي اوڀر وارو خطو بنگال جيڪو آزادي کان ڪجهه سال اڳ مذهبي بنيادن تي ٻن حصن اوڀر بنگال ۽ اولهه بنگال ۾ ورهايو ويو هو انهي جي هڪ حصي اوڀر بنگال جي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي پڻ مسلمانن جي اڪثريتي آبادي واري ملڪ وفاق پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ته اهو خطو سنڌو ماٿري کان هزارين ميل پري ۽ هڪ الڳ وڏي آبادي واري بنگالي قوم جو خطو هو. اهڙي ريت، وفاق پاڪستان عوام جي پنهنجي فيصلن ۽ چونڊ واري هڪ جمهوري عمل ذريعي هڪ وفاقي، پارلياماني ۽ جمهوري مملڪت طور ته قائم ٿي ويو پر ملڪ جو آئين موجود نه هئڻ ڪري ملڪ جي مالڪي ۽ قومن ۽ رياستن جي حقن ۽ وسيلن جي حقداري ۽ حدبندين جو سرشتو طئي نه ٿي سگهيو ۽ ملڪ جي باني ۽ گورنر جنرل قائد اعظم محمد علي جناح جي صرف ڏيڍ سال بعد وفات ڪري ويو. قائد اعظم جي وفات بعد ملڪ ۾ شخصي آمريتن ۽ مارشل لائن جا لڳ ڀڳ 50 سالن تائين ڪيترائي دور آيا ويا ۽ ملڪ جي عوام جي توهين، آئين ۽ قانون کي ردي جي ٽوڪري ۾ وجهندا رهيا. جنهن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان پڻ اڻوڻندڙ حالتن ۽ آپريشنن جو شڪار ٿي ويو ۽ 1970 ڌاري شروع ٿيل گهرو ويڙهه ۽ جنگ جي نتيجي ۾ وفاق پاڪستان کان ڌار ٿي الڳ ملڪ بنگلاديش بنجي ويو.
آخرڪار! ملڪ ۾ پنهنجي جياپي جو نئون دور شروع ٿيو ۽ اولهه پاڪستان جي سڀ کان وڏي چونڊيل جماعت ۽ ان جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني وئي. جنهن جنرل يحيٰ کان سندس سمورا عهدا صدر مملڪت، چيف ايگزيڪٽو، چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جا عهدا حاصل ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڪثريتي حڪومت قائم ڪئي ۽ ملڪ ۾ آئيني سڌارن وارن عمل شروع ڪيو ۽ عبوري آئين ذريعي ملڪ مان صدارتي نظام ختم ڪري پارلياماني، جمهوري سرشتو قائم ڪيو ۽ آخرڪار ملڪ کي پنهنجي قائم ٿيڻ جي 26 سالن بعد 1973ع ۾ مڪمل آئين ۽ دستور حاصل ٿيو. جنهن کي پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي سرواڻي ۾ سمورين پارلياماني سياسي جماعتن جي اتفاق را سان تيار ڪري يڪرا منظور ڪيو ويو ۽ نافذ ڪيو ويو. جنهن موجب، ملڪ مان صدراتي نظام جو خاتمو ڪري وفاقي ۽ پارلياماني جمهوري سرشتو رائج ڪيو ويو ۽ آئين جي وفاق واري روح کي لاڳو ڪرڻ لا پارليامان جو مٿيون ايوان، سينيٽ آف پاڪستان پڻ قائم ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سمورن صوبن جي سينيٽرن جي هڪ جيترو تعداد چونڊيو وڃي ٿو. جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ هر هڪ صوبي جي آبادي موجب قومي اسيمبلي جي مقرر ٿيل سيٽن تي اسيمبلي ميمبر چونڊجي اچن ٿا ۽ ان بعد قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت جي مالڪ جماعت يا ڌر ملڪ تي پنهنجي حڪومت ۽ حڪمراني قائم ڪري ٿي. سينيٽرن جي معنيٰ اها پڻ آهي ته پاڪستان پنهنجي بنيادي جمهوري، وفاقي سرشتي جو بنياد باقاعدي نموني اهو ئي آئين آهي جيڪو اڄ به ملڪ ۾ رائج آهي ۽ ملڪ ۾ واحد قابل قبول آئين ۽ سياسي دستاويز آهي ۽ ملڪ ۾ وفاقي، پارليماني ۽ جمهوري سرشتو، هر قسم جي حملن، آمريتن ۽ گمراهين جي باوجود انهي 1973ع واري آئين تحت ئي هلي رهيو آهي ۽ ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي. يقينن، وفاق ۾ شامل صوبن ۽ قومن ۾ لاڳاپا وڌائڻ، وسيلن جي ورڇ، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي جوڙجڪ ۽ گڏيل حڪمراني جي طريقن جي انهي آئيني سرشتي تحت ئي قائم آهي ۽ وڌيڪ بهتري ۽ ترقي جا رستا پڻ گڏجي ڳولهڻ ملڪ جي سمورين ايڪائين ۽ قومن جا حق ۽ فرض آهن.