شوبز

ڪاجل تي شادي بعد شوبز ڇڏڻ بابت پريشر جو انڪشاف

بالي ووڊ جي شوخ ادائن واري اداڪارا ڪاجل تي شادي بعد شوبز ڇڏڻ جو پريشر پوڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا مطابق فلم ميڪر ۽ پروڊيوسر سنيل درشن پنهنجي سلسلي وار انڪشافن دوران چيو آهي تھ اجي ديوگن جا گهرڀاتي ننهن جي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي حق ۾ نھ هئا، انهن ڏينهن ۾ ڪاجل جي شادي جا ڏينهن ويجهو هئا ۽ مون فلم جانور ۾ ڪاجل کي ڪاسٽ ڪيو، پر اجي ديوگم جي والدا تنوجا آنٽي مون کي گهر سڏائي ڪردار ختم ڪرائي ڇڏيو. تنوجا آنٽي مون کي چيو تھ اسين ڪاجل جي ڪم ڪرڻ جا حامي ناهيون، بعد ۾ مون اهو ڪردار شلپا کي ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button