شوبز

محمود ڀٽي فلاحي ڪم ڇڏي ڏنا، ستارا امتياز واپس ڪرڻ جو اعلان

پاڪستان جي مشهور فيشن ڊزائنر محمود ڀٽي فلاحي ڪم ڇڏي ڏنا آهن ۽ احتجاج طور پنهنجو ستارا امتياز پڻ واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ مون سماجي ڀلائي وارا ڪم ڇڏي ڏنا آهن ۽ ڊسمبر شروع ٿيندي ئي سموريون سرگرميون ختم ٿي وينديون. هن جو چوڻ هو تھ انساني ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ تان مون تي ڪيس داخل ڪيا ويا، گرفتاري جا وارنٽ نڪتا، غريبن جي مدد ڪندڙ اوورسيز پاڪستانين جي زمينن تي قبضا ٿي ويندا آهن، يتيم خانن کي بخش نٿو ڪيو وڃي، مارڇ تائين انصاف نھ مليو تھ بک هڙتال ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button