ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچي ۾ “اسٽريٽ جسٽس” وارو لاڙو

Editorial

ڪراچيءَ ۾ ڪجهه عرصي کان بدامنيءَ جا اهڙا واقعا ٿيڻ شروع ٿيا آهن، جن مان لڳي ٿو ته ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي ۽ ٻئي پاسي پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن. سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ جتي به ڪا ڦر جي واردات ٿئي ٿي ته پوليس پاران ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ ۾ شهري پنهنجي منهن ڪارروائي شروع ڪري ڏيندا آهن. اهي ٿڏي تي فيصلو ڪرڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن. ان کان اڳ مڇر ڪالونيءَ وارو واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ ٻن بي گناهه نوجوانن کي شهرين پٿر هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته نه اهي ڦورو هئا ۽ نه ئي چور هئا. پر تنهن هوندي به شهرين قانون هٿ ۾ کڻندي نه رڳو نوجوانن کي قتل ڪيو پر ان تي فخر به محسوس ڪري رهيا هئا. ان ڀوائتي واقعي کان پوءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن مڇر ڪالونيءَ واري واقعي بابت رپورٽ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ ان مطالبو ڪيو آهي ته ان واقعي جي ذميوارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. پر تنهن هوندي به ساڳي نوعيت جا واقعا ڪراچيءَ ۾ جاري آهن. جنهن مان خبر پوي ٿي ته ماڻهو نه ته قانون کان ڊڄن ٿا ته ۽ نه ئي انهن کي ان ڳالهه جي پرواهه آهي ته پوليس انهن سان ڪهڙو حشر ڪندي. ڪالهه جيڪي خبرون رپورٽ ٿيون آهن، انهن کي پڙهي هڪ ڀيرو وري ڏک ٿي رهيو آهي، انهن خبرن ۾ ساڳي قسم جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن.
ڪراچيءَ جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعي دوران جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ شهري مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٻه پٽ زخمي ٿي پيا، مڇريل ماڻهن ٻن جوابدارن کي پٿراءُ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. سرجاني ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او ياسين گجر موجب سرجاني ٽائون سيڪٽر 7 اي ۾ ٻه ڀائر ذيشان ۽ نعمان پنهنجي گهر ٻاهران ويٺا هئا ته ٻن هٿياربندن کين يرغمال بڻائي ڦرلٽ شروع ڪري ڏني. پوليس موجب ان دوران سندس پيءُ سليم به گهر کان ٻاهر نڪري آيو، جوابدارن خطري کي محسوس ڪندي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سبب ذيشان، سندس ڀاءُ نعمان ۽ پيءُ سليم سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فائرنگ دوران ماڻهن ڌاڙيلن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شهرين جي تشدد ۽ پٿراءُ سبب 2 جوابدار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب سليم جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال ته هڪ پاسي پر جيڪو اسٽريٽ جسٽس وارو لاڙو وڌي رهيو آهي، اهو بنهه گهڻو خطرناڪ آهي، اهو نه رڳو اتي رهندڙ هر ماڻهو لاءِ خطري جي گهنٽي آهي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ به بهتر ڪونهي. ان سان ڪڏهن به ڪو ميڙ ڪنهن تي ڪو الزام گهڻي پنهنجي پر ۾ انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. جنهن سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڄڻ ته غيرفعال نظر ايندا. تنهنڪري پوليس توڙي سنڌ حڪومت کي هن معاملي کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن تشدد جي واقعن کي روڪڻ لاءِ هينئر سان ئي ڪي اپاءَ نه ورتا ويا ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن هر شهر ۾ ماڻهو پاڻ ئي جزا سزا جو فيصلو ڪندا ۽ اهي پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونه آڻيندا.
اسين سمجهون ٿا ته ڪراچيءَ ۾ وڏي وقت کان پوءِ هڪ پرامن ماحول واپس موٽيو آهي، ان کي برقرار رکڻ ضروري آهي. اهو ان صورت ۾ ئي برقرار رهي سگهي ٿو، جڏهن پوليس انهن عنصرن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريندي، جيڪي شهر جي امن امان کي خراب ڪرڻ لاءِ پيش پيش آهن. تنهنڪري سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس کي هنن واقعن جو ترت نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جيئن وڌيڪ شهري تشدد جو نشانو نه بڻجي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button