ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جو آخري ڪارڊ

Editorial-Article-Aijaz Mangi

عمران خان بظاھر ڪنھن زخمي سالار وانگر پاڻ کڻائي پنڊيءَ پھتو. ھن جي جلسي ۾ ماڻھن جو تعداد ڪيترو ھو؟ رات جي وڳڙي ۾ اھو ڏسڻ تھ ڪجھھ ڏکيو ھو پر ان جلسي ۾ اھو جوش خروش نھ ھو، جيڪو پٽيون ٻڌي ميدان ۾ لھڻ واري ڪپتان لاءِ ھجڻ گھرجي ها. ان جو سبب ڪھڙو ھو؟ ڇا ان جو سبب اھو ھو تھ عمران خان مسلسل پوئتي ھٽي رھيو آھي؟ عمران خان جو اھو جلسو جيڪو پنڊيءَ ۾ پارٽي نغما وڄائي رھيو ھو، ان اسلام آباد ۾ نھ ٿي سگھيو. ان جي لاءِ عمران ڪھڙا بھ دليل ڏئي پر ان کي پير پوئتي ڪرڻ ئي چئبو آھي. جيڪڏھن عمران خان کي اھو خدشو ھو تھ اسلام آباد ۾ خون ٿيندا تھ ان جو فڪر ھن کان وڌيڪ حڪومت کي ھجڻ کپندو ھو. پر ھو ھاڻي اسٽيبلشمينٽ جي نئين قيادت جو اعتماد حاصل ڪرڻ چاھي ٿو. ان ڪري ھو ھر سمجھوتي جي لاءِ تيار آھي. ھن جو ٻيو سمجھوتو اھو ھو تھ نئين فوجي قيادت جي چونڊ تي ڪنھن بھ قسم جو ڦڏو نھ ڪيو. ھن ڪو ضد نھ ڪيو ھن کي معلوم ھو تھ ان سان ھو ھميشھ لاءِ “سڪيورٽي رسڪ” واري دائري ۾ داخل ٿي ويندو. ان ڪري ھن صدر کي سمري روڪڻ جي لاءِ بھ نھ چيو. عمران خان جو ٽيون ڪمپرومائيز اھو ھو تھ ھن پنڊيءَ ۾ بھ فيض آباد وٽ جلسو نھ ڪرڻ واري صلاح بنا ڪنھن ضد جي تسليم ڪري ورتي. جڏھن ھو پاڻ پوئتي ھٽي رھيو آھي تھ ھن کي اھا اميد بھ آھي تھ “ھو” بھ ڪجھھ اڳڀرا ٿيندا. اھي ڪيئن ٿيندا؟ ڪڏھن ٿيندا؟ انھن سوالن جي جوابن جو عمران کي بھ انتظار آھي.

عمران خان جي پنڊيءَ واري تقرير بھ ھن جي عام تقريرن وانگر رواجي ۽ روايتي ھئي. ھن جي تقرير کان وڌيڪ تھ ھن جي سينيٽر اعظم سواتيءَ جي تقرير ۾ اثر ھو. ھو ان تقرير ۾ ڪا خاص ڳالھھ نھ ڪري سگھيو پر ھن تقرير جي انت ۾ اھو اعلان ڪيو تھ ھاڻي ھو پوري ملڪ جي اسيمبلين تان استعيفائون ڏيندو. ڪڏھن ڏيندو؟ ان سلسلي ۾ ھن پنھنجي پارلياماني اڳواڻن کان مشورو ڪرڻ جو چيو آھي. پر ھن جي تقرير کي غور سان ٻڌڻ وارن اھو پڻ نوٽ ڪيو ھوندو تھ ھن پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي لاءِ ڊاڪٽرن طرفان ٽن مھينن جو وقت ٻڌايو آھي. ان جو سادو مطلب اھو نڪري ٿو تھ ھو گھٽ ۾ گھٽ ٽي مھينا تھ ٻن صوبن اندر اقتدار جا مزا ماڻيندو. ھو ايتري تڪڙ ھرگز نھ ڪندو تھ ھلندڙ سال جي آخر ۾ استعيفائون پيش ڪري. ان سان انتظامي ۽ سياسي طور تي اھڙو بحران پيدا ٿيندو، جنھن سان اسٽيبلشمينٽ جي نئين آيل قيادت ناگواريءَ جي ڪيفيت محسوس ڪندي. پر ھن کي بھ تھ آخر “فيس سيونگ” گھرجي. ان لاءِ ھو استعيفائون ڏئي ماحول مچائيندو پر ان سلسلي ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج ڇھھ مھينا انتظار ڪرڻو پوندو. ڇو تھ ھو ان وقت تائين “نئين قيادت” پنھنجي انتظامي معاملي کي سمجھي ۽ سنڀالي وٺندي ۽ ان وقت دوران عمران خان جي ڪوشش ھوندي تھ ھو “نئين قيادت” ۽ حڪومت جي وچ ۾ دوريون وڌائي ۽ اھو ڪجھھ ڪري جيڪو ھن جنرل باجوا ۽ ميان نواز شريف جي وچ ۾ ڪيو ھو.

حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ لازمي ھوندو آھي. ڇو تھ سوين اھڙا اشوز ھوندا آھن، جن تي مفادن ۽ مائينڊ سيٽ سبب اختلاف پيدا ٿي پوندا آھن ۽ اھا بھ حقيقت آھي تھ اسٽيبلشمينٽ کي پنھنجن حساس ادارن جي معرفت پوري معلومات ملندي آھي تھ حڪمران ڪھڙي طرح ڪرپشن ڪري رھيا آھن ۽ انھن جو اھو ڪردار اسٽيبلشمينٽ جي قيادت کي ملڪ جي مستقبل سان ظالم مشڪري محسوس ٿيندو آھي. ان حوالي سان عمران خان کي اھا ڪوشش ھوندي تھ ڀلي “نئين قيادت” ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿئي تھ جيئن ان جو فائدو ھن کي ملي.

ھن موڙ تي وقت جو فيڪٽر سڀ کان وڌيڪ اھميت اختيار ڪري ويو آھي. ان سلسلي ۾ عمران خان کي صحت وارو انتھائي معقول بھانو مليو آھي. ھن کي چار گوليون لڳل آھن ۽ ھن کي ڊاڪٽر چون ٿا تھ ھو ھر طرح سان احتياط ڪري. ھن پاڻ ٽن مھينن جو چيو آھي تھ انھن ٽن مھينن کان پوءِ ھن کي ماحول مچائڻ لاءِ بھ ٽي مھينا گھرجن. پر ھو حڪومت جي مٿان مسقتل طور تي پنھنجو دٻاءُ رکڻ گھري ٿو. ھن کي ڪا تڪڙ ڪونھي. ھو ھن مھل بھ سياسي حوالي سان نھ سھي تھ بھ انتظامي طاقت جي حوالي سان پنجاب جھڙي گجگاھھ حڪومت جو مالڪ آھي. ڪھڙو خبط الحواس اھڙي حڪومت کي ڇڏي مخالف ڌر جا ڌڪا کائيندو؟ جڏھن تھ ھن جي لاءِ ڪي پي ڪي جي حڪومت تھ ڪنھن مورچي جيان آھي. ھو ڪنھن بھ خطري يا مشڪل صورتحال جي صورت ۾ پشاور اڏامي سگھي ٿو ۽ اتان جي حڪومت ھن لاءِ ڪجھھ بھ ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ واري ناھي. ان حوالي سان اسان کي سمجھڻو پوندو تھ عمران خان جي اھڙي پوزيشن ھرگز ناھي جو ھن کي وڃائڻ جي لاءِ ڪجھھ بھ نھ ھجي. پوري ملڪ جي اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جي صورت ۾ ھن وٽ وڃائڻ جي حوالي سان گھڻو ڪجھھ ھوندو. ان ڪري ھو اھڙي حماقت قطعي طور تي نھ ڪندو. ھو مناسب وقت جو منتظر آھي. ھن کي اھڙي وقت جو انتظار آھي، جڏھن ھو پنھنجو آخري ڪارڊ استعمال ڪري.

۽ ھو آخري ڪارڊ استعمال ضرور ڪندو. ڇو تھ ھن جي ذھن ۾ اھا ڳالھھ بنھھ صاف آھي تھ ھن کي حڪومت جي مٿان تمام وڏو پريشر وجھي پنھنجا مطالبا مڃرائڻا آھن. ھو استعيفائن جي آڙ ۾ نگران حڪومت پنھنجي مفاد واري قائم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ھو ڀرپور ڪوشش ڪندو تھ ڪنھن بھ طرح سان ھو اھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ نھ ڏئي، جنھن سان موجوده اليڪشن ڪميشن جو سلسلو ھلندو رھي. ھو پنھنجي مرضيءَ ۽ پنھنجي پسند واري اليڪشن ڪميشن جي تشڪيل تي ڪو بھ ڪمپرومائيز نھ ڪندو. ڇو تھ ان صورت ۾ ھن جو پورو پورھيو ۽ ھن کي لڳل زخم بھ ضايع ٿي ويندا. ھو قطعي طور تي نگران سيٽ اپ پنھنجي پسند جي ماڻھن کي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪڏھن ھن صوبن تان استعيفائون پيش ڪيون تھ وفاقي حڪومت گورنر راڄ قائم ڪري سمورن انتظامي ڪرسين جي پنھنجي پسند ۽ پنھنجي اعتماد وارا ڪامورا مقرر ڪندي. ان سلسلي ۾ عمران خان اھا صورت ڪنھن بھ طرح سان قبول نھ ڪندو. ھن سياست ۾ تمام گھڻيون غلطيون بھ ڪيون آھن ۽ انھن غلطين جي ھن سزا بھ ڀوڳي آھي. ھو صحت جي بھاني آرام واري ماحول ۾ ڪا اھڙي حڪمت عملي جوڙڻ جي ڪوشش ڪندو، جنھن سان ھن کي ملڪ جو بااختيار اقتدار حاصل ٿي سگھي. ڇو تھ پاڪستان ۾ اقتدار ملڻ ڪو وڏو مسئلو نھ رھيو آھي. پاڪستان ۾ اھم مسئلو اھو رھيو آھي تھ حڪمرانن کي بااختيار اقتدار نھ ملي سگھيو آھي. عمران خان ھڪ ناڪام حڪومت جي تجربي کان پوءِ بااختيار اقتدار جي لاءِ ڪوشان آھي.

عمران خان کي علم آھي تھ شھباز شريف ۽ زرداري ڪنھن بھ طرح سان طاقت وارا ناھن. انھن ۾ اھا سياسي سگھھ قطعي طور تي ڪونھي جو اھي ھن جو مقابلو ڪري سگھن. جيڪڏھن عمران خان واقعي بھ پريشان آھي تھ ھو صرف ميان نواز شريف جي سلسلي ۾ پريشان آھي. ڇو تھ اھو فقط ميان نواز شريف ئي آھي، جيڪو ھن کي پريشان ڪري سگھي ٿو. اھو نواز شريف جنھن جي لاءِ ھن جي پارٽيءَ اھو اعلان ڪري ڇڏيو آھي تھ ھو ھلندڙ سال جي آخر تائين ملڪ ۾ موٽي ايندو. عمران خان ميان نواز شريف جي موٽ جو مخالف آھي. ھن جي پوري ڪوشش آھي تھ ھو ڪنھن طرح سان ميان نواز شريف جي راھھ روڪي سگھي. ان لاءِ ھو ھن وقت تائين ڪا حڪمت عملي جوڙي نھ سگھيو آھي. ھو صرف ان امڪان تي تنقيد ڪندو رھيو آھي. جڏھن تھ ھن کي بھ معلوم آھي تھ تنقيد جو تير مخالف جي پيش قدميءَ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ ڪڏھن بھ سوڀارو ٿي نھ سگھندو آھي.

عمران خان پنھنجي سڀ کان سگھاري سياسي مخالف کي روڪڻ جي سلسلي ۾ ھر پاسي کان دٻاءُ وجھرائيندو. ھو عدليا جي مٿان بھ پريشر رکندو تھ ميان نواز شريف سان موٽڻ جي صورت ۾ ڪنھن بھ قسم جي رعايت نھ ڪئي وڃي. عمران خان کي معلوم آھي تھ ميان نواز شريف جيل جي سلسلي ۾ تمام گھڻو ڪمزور آھي ۽ نھ وري ھاڻي ھن جي عمر ۽ صحت ان جي اجازت ڏئي ٿي تھ ھو ڪوٽ لکپت جي لوءَ کي برداشت ڪري سگھي.

ھن حڪومت وٽ سياسي سوڀ جي صرف ھڪ صورت آھي ۽ اھا صورت آھي، ميان نواز شريف! ھيءَ حڪومت بھ پوري ڪوشش ڪندي تھ ميان نواز شريف کي نھ صرف اين آر او ملي پر ان سان گڏ ھن کي اھو يقين بھ ملي تھ ملڪ واپس اچڻ جي صورت ۾ ھن کي قيد ڪرڻ تھ ڇا پر معمولي طور تي تنگ بھ نھ ڪيو ويندو. جيڪڏھن ميان نواز شريف کي موٽ جو محفوظ رستو نھ مليو تھ ان صورت ۾ ھو پنھنجي ولي عھد ڌيءَ کي ملڪ موڪليندو ۽ ان جي ڪاميابيءَ جي نگراني ھو پاڻ ڪندو.

مريم نواز جي سلسلي ۾ عمران خان کي ڪا خاص پريشاني ناھي. ڇو تھ ھو مريم نواز جي ڪشش ۽ ھن جي عوامي سپورٽ کي ڪافي حد تائين نقصان پھچائي چڪو آھي. عمران خان کي پوري پڪ آھي تھ مريم ھن جو مقابلو ڪري نھ ٿي سگھي. ھن جو جيڪڏھن ڪوئي ڪجھھ بگاڙي سگھي ٿو تھ اھو آھي مريم جو والد! ھو صرف نواز شريف کي مقابلو ڪرڻ وارو سياسي پھلوان سمجھي ٿو. ان ڪري عمران خان ملڪ گير استعيفائن وارو پنھنجو آخري ڪارڊ ميان نواز شريف جي ملڪ واپسيءَ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ بھ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. عمران خان جي لاءِ ھن مھل سياست سولي بھ آھي ۽ مشڪل بھ آھي. ھو جنھن بحران ۾ ڦاسي پيو آھي، ان مان نڪرڻ ھن جي لاءِ تمام اھم آھي ۽ اتان نڪرڻ لاءِ ھن کي “نيئن قيادت” جي ھٿ جو سھارو گھرجي. درحقيقت اھو سھارو ئي ھن جي اصل سياست آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button