آفريڪي ٿيٽر جي ٻولي
گگي واٿنگيو
1976ع ۾ صبح سوير هڪ عورت ڪميرٿو ڳوٺ مان منهنجي گهر آئي ۽ هلي وئي. هن سڌي ڳالهه ڪئي.”اسان ٻڌو آهي ته تو گهڻي تعليم پرائي آهي ۽ ڪتاب لکيا آهن. تون ۽ تو جهڙا ڪي ٻيا ڇو نٿا ڳوٺ ۾ تعليم ڏين؟ اسان کي گهڻو ڪجهه نٿو گهرجي، بس ٿورو ئي ۽ ٿورو ئي تنهنجو وقت گهرجي.” ڳوٺ ۾ نوجوانن لاءِ هڪ مرڪز هو. هوءَ هلي وئي ۽ اهو مرڪز جهري پيو هو. ان کي وري بحال ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت هئي. ڇا آئون مدد ڪرڻ لاءِ تيار هوندس؟ مون چيو آئون ان بابت سوچيندس. انهن ڏينهن ۾ آئون نئروبي يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي جو چيئرمين هئس. پر آئون ڪميرٿو لمورو جي ڀرسان رهندو هئس يا لڳ ڀڳ ٽيهه يا ايترائي ڪلوميٽر راڄڌانيءَ کان پري هئس. آئون سواءِ آچر جي روزانو نئروبي ڊرائيو ڪري ويندو هئس. تنهنڪري مون سان ملڻ لاءِ آچر وارو ڏينهن ڀلو هو. هو ٻئي ٽئين ۽ چوٿين آچر تي لاڳيتو ساڳين لفظن سان ساڳي ڳالهه ڪرڻ ايندي رهي. ان ڪري آئون ٻين سان گڏجي ويس. پوءِ اهو ڪميرٿو ڪميونٽي ايجوڪيشنل ڪلچرل سينٽر سڏجڻ لڳو.
ڪميرٿو ڪيترن ئي انهن ڳوٺن مان آهي، جنهن کي ٽائون لمورو ڪري برطانوي بيٺڪي انتطاميه پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ ماڻهن ۽ ڪينيا جي گوريلن ۽ آزاديءَ جي ويڙهاڪن کان ڪٽي ٺاهيو ويو هو. جنهن کي مائو مائو به چيو ويندو آهي. 1963ع ۾ آزادي ماڻڻ کان پوءِ به ڳوٺ سستي پورهيي جو ڀنڊار رهيو. 1975ع ۾ ڪميرٿو اڪيلي سر ڏهه هزار جي آباديءَ کي وڃي پهتو. جيڪي پورهيت ڪميرٿو ۾ رهيا هئا، اهي ڏهاڙي مزدور هئا يا وري مالڪ هئا. جن ۾ ٽن طبقن جا ماڻهو هئا. پهريان اهي، جيڪي باٽا ۾ ڪم ڪندا هئا، گهڻ قومي بوٽ ٺاهيندڙ ڪمپني، نائيل انويسٽمينٽ پلاسٽ پائپس ۽ گڊز فيڪٽري، لوڻ جي ننڍن پلانٽن، ٽمبر ۽ مئيز ملز، موٽرسائيڪل ۽ سائيڪل مرمت جي گيرائج ۾ ڪم ڪندڙ. اهي سڀ اڀرندڙ صنعتي پرولتاريه جا حصو هئا. پوءِ ٻيا اهي هئا، جيڪي هوٽلن، دڪانن، پيٽرول اسٽيشنن، ٽرانسپورٽ بسن ۽ ميٽاٽس، گڏهه گاڏا ڍوئيندڙ ۽ هٿ گاڏيون هلائيندڙ ڪمرشل ۽ گهرو پورهيت هئا. ٽيان وري اهي هئا جيڪي زرعي پرولتاري هئا. اهي جيڪي چانهه ۽ ڪافي جي وڏن باغن ۽ فارمن ۾ ڪم ڪندا هئا، جيڪي برطانوي بيٺڪي آبادڪارن جا هئا. پر هاڻي انهن مان ڪن امير ڪينيا واسين ۽ گهڻ قومي جيئن لونرهو وٽ آهن پر انهن ۾ اهي به پورهيت شامل آهن، جيڪي موسمي حساب سان هر سائيز جي فارم تي ڪم ڪن ٿا.
پر هاري گهڻائي ۾ آهن. جن ۾ شاهوڪار هاري، جيڪي خانداني ملازمت کان وڌيڪ پورهيو ڪن ٿا. وچولا هاري، جيڪي رڳو خانداني پورهيي تي ڀاڙين ٿا. غريب هاري، جن وٽ پنهنجي ٻنيءَ جا ٽڪر آهن پر اهي پڻ ٻاهران پورهيت گهرائين ٿا ۽ ٻيا ڪئين بي زمين هاري، جيڪي مقاطعي تي زمين رکن ٿا ۽ پاڻ کي آڇين ٿا. يقينن ڪيترائي بيروزگار آهن. ان کان سواءِ جز وقتي ۽ ڪل وقتي طوائفون ۽ ننڍا ڏوهاري آهن. ڪميرٿو ۾ ٻيا الڳ ٿلڳ استاد، سيڪريٽري، ننڍا انتظامي عملدار ننڍين ٻارن ۽ دڪانن جا مالڪ آهن. پنهنجو ڪاروبار ڪندڙ ڪاريگر، واڍا، ڳائڻا، مارڪيٽ واپاري ۽ ڪڏهن ڪڏهن جا واپاري آهن. اهي پيٽي بورجوا آهن. گهڻا، وڏا زميندار، واپاري ۽ بنهه وڏا ڪمپنيءَ جا عملدار يا منتظم ۽ زمين رکندڙ هارين جو وڏو انگ ڳوٺ کان ٻاهر رهي ٿو.
مون ٽي الڳ طبقا بيان ڪيا آهن. لڳ ڀڳ انهن سڀني جي نمائندگي ڪميرٿو ڪميونٽي ايجوڪيشن ۽ ڪلچر سينٽر ۾ هئي. مثال طور، جيڪا ڪميٽي سينٽر هلائيندي هئي، اها هارين، استادن ۽ واپارين تي ٻڌل هئي. اهي جيڪي يونيورسٽيءَ مان هئا، جن ۾ ڪماني گڪو، ڪبيري ڪنياجوي ۽ گگي وا مري جيڪي پوءِ سمورين سرگرمين جا ڪو آرڊينيٽنگ ڊائريڪٽر هئا. پر هاري ۽ پورهيت جن ۾ بيروزگار به شامل هئا، اهي اصل سينٽر جي ڪرنگهيءَ جي هڏي هئا، جيڪو 1967ع ۾ شروع ٿيو.
مون سينٽر جي شروعات، مقصد ۽ ترقيءَ جي باري ۾ پنهنجن ڪتابن Detained: A Writer’s Prison Diary ۽ Barrel of Pen: Resistance to Repression in Neo-colonial Kenya ۾ ۽ ٻين ڪيترين ئي لکڻين ۾ بيان ڪيو آهي. اخبارن، رسالن ۽ تحقيقي رسالن ۾ ان تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، پر آفريڪي ٿيٽر جي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪهڙي ڳالهه اهم آهي، جنهن سان سينٽر جون سڀئي سرگرميون ڳنڍجڻيون هيون، اهي هڪٻئي مان اڀرڻيون هيون. جڏهن ته هر هڪ پاڻمرادو پروگرام آهي. جيتوڻيڪ ٿيٽر اسان جي ڪلچرل پروگرام جو مرڪزي نقطو هو. اهو فالو اپ مواد ۽ سرگرميون نون سکندڙن کي بالغ خواندگي پروگرام وسيلي فراهم ڪرڻ وارو هو. جڏهن ته ساڳئي وقت ڪلچرل پروگرام پولي ٽيڪنڪ قسم جون سرگرميون ۽ مواد جا بنياد فراهم ڪري رهيو هو.
ڊرامي جي شروعات فطرت ۽ ٻين عنصرن سان انساني جدوجهد وسيلي ٿي آهي. ٻيٺڪيت کان اڳ واري ڪينيا ۾ ڪئين قوميتن جي هارين ٻيلا وڍيا، فصل پوکيا، انهن کي پچڻ ۽ لڻڻ ڏنو. زمين ۾ هڪ ڇٽيل ٻج مان ڪئين ٻج ٿي پيا. موت مان زندگيءَ جو جنم ٿيو ۽ اهو انساني هٿن ۽ ان جي اوزارن جي ٽياڪڙي وسيلي ٿيو. اتي اوزارن جي جادوئي طاقت جون رسمون هيون. اتي ٻيا ڪئين ڳجهه هئا، جيئن ڳئوئن، ٻڪرين ۽ ٻين جانورن، پکين جي لڳ، انسانن وانگر ۽ زندگيءَ جي نسرڻ انساني زندگيءَ جي جٽاءُ ۾ مدد ڪئي. تنهنڪري زرخيزيءَ جون رسمون ۽ زندگيءَ جو جشن ملهائڻ جون رسمون ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪتيون، يا وري انسانن يا جانورن جي سٿرن مان ڦٽيون. انساني زندگي پاڻ هڪ ڳجهه هئي، ڄمڻ، وڏو ٿيڻ ۽ مري وڃڻ، پر ڪئين مرحلن کان پوءِ. تنهنڪري اتي جشن ملهائڻ ۽ پيدائش کي نشان لڳائڻ لاءِ ريتون رسمون هيون. واڌ ويجهه جي مختلف مرحلن تي طهر ڪرائڻ ۽ ذميواري، شاديون ۽ مئلن کي پورڻ جون رسمون هيون.
پر فطرت جي بربريت ته ڏسو. اتي ڏڪار ۽ ٻوڏون هيون، تباهي ۽ موت. ماڻهو ڀتيون کڻندا ۽ کوهه کوٽيندا هئا. پر ديوتائن کي ڪفاري جي ضرورت هئي. وڌيڪ رسمون، وڌيڪ ريتون، کڻي جو روح ۽ ديوتا نظر نٿي آيا پر انهن جي نمائندگي ماسڪ پائيندڙ انسان ٿي ڪئي. فطرت، ڪمن ۽ تقريب وسيلي سڄڻ ٿي پئي سگهي.
پر انساني بربريت ڏسو. دشمن مقامي ماڻهن جي ملڪيت ٻڪرين ۽ ڌڻ وسيلي کڻڻ آيا. تنهنڪري پنهنجي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪندڙن وچ ۾ جنگيون ٿيڻيون هيون. ڀالن کي رحمت سمجهو. ويڙهاڪن کي رحمت سمجهو. انهن کي رحمت سمجهو جن ماڻهن کي دشمن کان بچايو. سوڀارا ويڙهاڪ تقريب ۽ رسم ڏانهن موٽي آيا. هنن رقص ۽ ڳائڻ وسيلي جنگ جي منظرن کي انهن لاءِ ڪري ڏيکاريو جيڪي اتي ڪونه هئا ۽ انهن ويڙهاڪن جي شان کي جيئرو رکڻ لاءِ ڪيو. ماڻهن جي شڪرگذاري ۽ ساراهه ۾ انهن پيتو. اتي قبيلي اندر به دشمن موجود هئا. بدڪردار، چور، بيڪار؛ ڪهاڻيون هيون، جيڪي ڪورس ۾ هيون، انهن جي قسمت جي نشاندهي ڪندڙ جيڪي فرقيوار ڀلائيءَ لاءِ خطرو هيون.
ڪن ڊرامن ۾ ڏينهن، هفتا يا مهينا لڳي ويندا هئا. مثال طور ڪينيا جي اگيڪيو ۾ هر پنجويهن سالن کان پوءِ هڪ اتوئيڪا رسم هئي، جنهن جو مقصد هڪ نسل کان ٻئي نسل کي اختيار جي منتقلي هئي. ڪنياتا پنهنجي ڪتاب Faring Mount Kenya ۾ لکي ٿو ته اتوئيڪا واري رسم کائڻ پيئڻ، ڳائڻ ۽ رقص ڪرڻ ۾ ڇهه مهينا لڳي ويندا هئا. نئين حڪومت جا قانون ۽ ضابطا، نوان گانا رقص ۽ لفظ، جملا ۽ تال جون حرڪتون ان ۾ مجسم هئا. اتوئيڪا ڪيئن وجود ۾ آئي، سدائين ڊرامي واري عمل ۾ پيش ٿيندي هئي، ڊرامي واري اظهار جي انهن سڀني قسمن جو مرڪز گانا، رقص ۽ ڪڏهن ڪڏهن مائيم (خاموشيءَ سان اظهار) هو.
بيٺڪيت کان اڳ واري ڪينيا ۾ ڊرامو، ڪو اڪيلو ايونٽ ڪونه هو، اهو ماڻهن جي زورمره جي زندگيءَ جي ڪاروهنوار جو حصو هو. اها ٻين سرگرمين جي اندر هڪ سرگرمي هئي. جيڪو گهڻو ڪري پنهنجي توانائي ٻين سرگرمين سان جوڙي ٿو. اها هڪ وندر هئي، هڪ مزو ڏيندڙ احساس، اها اخلاقي هدايت هئي. اهو زندگي ۽ موت ۽ ماڻهن جي بقا جو سخت معاملو هو. هيءَ ڊرامو ڪن خاص عمارتن ۾ ڪونه ٿيندو هو، جيڪي خاص مقصد لاءِ هجن. اهو ڪٿي به ٿي پئي سگهيو. جتي به خالي جاءِ ملي وڃي. پيٽر بروڪ کان اڌارو ورتل فقرو. ماڻهن وچ ۾ خالي جاءِ ان رسم جو حصو هئي.
سنڌيڪار: اختر حفيظ
هي مضمون گگي واٿنگيو جي ڪتاب Decolonising the Mind مان ترجمو ڪيو ويو آهي.