اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ريٽائرمينٽ کان پوءِ پي ٽي آءِ ۾ وڏي سرهائي محسوس ڪئي پئي وڃي. قمر جاويد باجوه جي ريٽائرمينٽ کان پوءِ جيڪي ٽُوئيٽر تي ٽرينڊ هليا آهن ۽ پي ٽي آءِ توڙي سندس حامين جيڪي ٽوئيٽ ڪيا آهن، انهن مان اهو تاثر ملي رهيو آهي ته ڄڻ پي ٽي آءِ جي ڪنهن وڏي عذاب مان جان ڇٽي وئي آهي ۽ ان کي اهي “يوم نجات” سمجهي رهيا آهن. جيئن ته عمران خان پراجيڪٽ جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اڳوڻي آءِ ايس آءِ چيف جنرل فيض حميد کان سواءِ ممڪن نه هو. تنهنڪري ڪري عمراني آمريت ۾ انهن ٻنهي اهم ڪردار ادا ڪيو. پر جڏهن معاملا بهتر نه هلي سگهيا ۽ هر حوالي سان عمران خان نيازيءَ جي حڪومت ناڪام ٿيندي نظر آئي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سندس حڪومت کي گهربل سهولت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر جنرل فيض حميد اها مدد جاري رکي. پر تيستائين گهڻو پاڻي پل هيٺان وهي چڪو هو ۽ عمران خان نيازيءَ لاءِ سياسي حالتون هن جي حق ۾ نه رهيون. هاڻ جڏهن قمر جاويد باجوه طاقت جي علامت سمجهي ويندڙ ملاڪا اسٽڪ نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ڏئي ڇڏي آهي ته ان کان پوءِ پي ٽي آءِ کي اهو لڳي رهيو آهي ته اصل سازشي گهر ڀيڙو ٿي چڪو آهي.
پاڪستان ۾ نئين آرمي چيف جي مقرري اهم معاملو سمجهي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته نئون آرمي چيف رڳو فرد نه هوندو آهي پر ان سان سڄي اسٽيبلشمينٽ به تبديل ٿي ويندي آهي. نوان ماڻهو ۽ نوان دماغ ميدان ۾ اچي ويندا آهن. جيڪي سياسي معاملن کي به طئي ڪندا آهن ۽ سياسي پارٽين جو جهڪاءُ به انهن ڏانهن هوندو آهي. جيتوڻيڪ فوج اهو بار بار چوندي رهي آهي ته اها غيرسياسي ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ سياست ۾ اها ڪي به تجربا نه ڪندي ۽ نه ئي ڪنهن جي حمايت ڪندي پر اها ڳالهه رڳو وات سان چوڻ ڪافي ڪونهي. ان کي عملي طور به ڪري ڏيکارڻو پوندو. ٻي صورت ۾ ساڳي ماني ساڳ سان هوندي.
جيتريون توانايون پراجيڪٽ عمران خان تي لڳايون ويون ۽ هڪ اهڙي ماڻهو کي اهم ترين مسند تي ويهاريو ويو، ان سان ملڪ جي معيشت ۽ سياست کي ڪيترو نقصان پهتو آهي، ان جو اندازو ڀلي ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي نه هجي پر سياسي پارٽين ۽ عوام کي ضرور آهي. عمران خان نيازي هڪ پاسي ته سياسي پارٽين کي سوڙهو ڪرڻ ۽ انهن کي عذاب ڏيڻ لاءِ جنرل فيض حميد سان گڏجي راند ڪيو رهيو ته ٻئي پاسي جنرل باجوه سان به ڊبل گيم ڪري رهيو هو. اهي شيون جڏهن وائکيون ٿي ويون ته ملڪ ۾ سياسي وايو منڊل به تبديل ٿي ويو. عمران خان نيازيءَ کان اقتدار کسجي ويو ۽ ان کان پوءِ جيڪي ڪجهه اسان کي نظر اچي رهيو آهي، ان مان ائين لڳي رهيو آهي ته في الحال اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ کي وارو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. پر جيئن ته عمران خان نيازي اقتدار جي ڪرسيءَ جا مزا ماڻي چڪو آهي، تنهنڪري هو هر قيمت تي هڪ ڀيرو وري ڪرسي چاهي ٿو ۽ اها ڪرسي مڪمل اختيار سان چاهي ٿو. اهو اختيار هو ان ڪري نٿو چاهي ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هجي، ملڪ مان غربت، بک ۽ بيروزگاريءَ جو خاتمو ڪيو وڃي پر هو اهو اقتدار ان ڪري ٿو چاهي ته جيئن پنهنجي سياسي مخالفن کي چٿي سگهجي. سياست جو هڪ اهڙو نظام متعارف ڪرايو وڃي، جنهن ۾ سياسي پارٽين جو ڪو وجود نه رهي پر فردن جو وجود رهي ۽ اهي ئي فيصلو ڪن ته ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻو آهي ۽ ان کان سواءِ ملڪ جي قسمت جا فيصلا پارليامينٽ بدران اڪيلو فرد ئي ڪري.
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي پارلياماني نظام لاڳو آهي ۽ صدارتي نظام کان وٺي آمريتي نظام جا تجربا به ٿي چڪا آهن، اتي جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو طئي ڪري ته هن کي صدارتي نظام کپي جيڪو ملڪ کي بچائي سگهي ٿو ۽ ملڪ جي سڀني ڊويزنن کي صوبا قرار ڏنو وڃي ته پوءِ ان جي فاشسٽ سوچ جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي. پراجيڪٽ عمران خان کي جن جن ڌرين به سپورٽ ڪيو اهي سڀ ايتريون ئي ڏوهاري آهن، جيترو ڏوهاري عمران خان نيازي آهي، جيڪو اسٽيبلشميٽ جي آشيرواد کان سواءِ اقتدار ۾ اچي ئي ڪونه پئي سگهيو. کيس اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ڪيترين ئي سياسي پارٽين جا ماڻهو ٽوڙائي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرڻا پيا. ان کان سواءِ آزاد اميدوارن کي زوري پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايو ويو. سادي اڪثريت سان قائم عمران خان نيازيءَ جي حڪومت نه رڳو عوام کي رڪ جا چڻا ڄٻرايا پر ان هر حوالي سان ملڪي تباهي ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ عوام کي اهي دور ياد اچڻ لڳا، جيڪي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جا هئا.
عمران خان نيازي اڄ ڀلي اهو نه مڃيندو هجي ته هو ڪنهن جي حمايت وسيلي اقتدار ۾ ڪونه آيو آهي، پر هاڻي آهستي آهستي اهي راز پڌرا ٿي رهيا آهن. پي ٽي آءِ جا اهي ماڻهو جيڪي عمران خان نيازيءَ کان پري ٿي رهيا آهن، اهي انهن رازن تان پردو کڻندا. ملڪي اسٽيبلشمينٽ جهڙي ريت سياست ۾ مداخلت ڪندي رهي آهي، ان کان پوءِ سندس اهو اعتراف ته هاڻ اها اڳتي اهڙي مداخلت نه ڪندي، اها ڳالهه بهتر لڳي ٿي. پر عمران خان نيازي هڪ ڀيرو وري ان کي مداخلت ڪرڻ لاءِ اڪسائي رهيو آهي. سندس مرضي آهي ته اسٽيبلشمينٽ هڪ ڀيرو وري هن جي ايتري ئي مدد ڪري جيتري جنرل فيض حميد ماضي ۾ ڪندو رهيو آهي. پر مسئلو اهو آهي ته اقتدار مان نڪرڻ کان پوءِ هو سياسي پارٽين لاءِ خطرناڪ ناهي ٿيو بلڪه ملڪي سلامتيءَ لاءِ خطرناڪ ٿي ويو آهي. هن جيڪو لانگ مارچ پئي ڪيو، اهو حڪومت خلاف نه پر اسٽيبلشمينٽ خلاف هو. جيئن ته ان کي ڪا غيرسياسي حمايت حاصل نه هئي، ان ڪري اهو ناڪام ٿي ويو. عمران خان لانگ مارچ وسيلي حڪومت کان استعيفيٰ وٺڻ آيو هو پر هو پنهنجون صوبائي حڪومتون قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته جيئن وقت کان اڳ ۾ چونڊون ڪرايون وڃن پر اهو ڪم به نه ٿي سگهندو. ڇاڪاڻ ته حڪومت پنهنجي مقرر وقت تي ئي چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي.
عمران خان نيازيءَ جي اها وڏي خواهش هئي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان نئون آرمي چيف مقرر ڪري پر اها خواهش به پوري نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته کيس جنرل قمر جاويد باجوه کي ايڪسٽينشن ڏيڻي پئي هئي. ان کان پوءِ جنرل فيض ۽ عمران خان پلان به ان وقت ناڪام ٿي ويو، جڏهن هن خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آندي وئي. ان کان پوءِ به هن حڪومت کي صلاح ڏني ته جنرل باجوه جي مدي ۾ وري واڌ ڪئي وڃي پر حڪومت هن جي هڪ به نه ٻڌي. جيڪڏهن هو پارليامينٽ به هجي ها ته هن جي صلاح تي عمل نه ڪيو وڃي ها. اهڙي ريت نواز شريف ڄڻ ته حڪومت ۾ نه هوندي پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف جي مدد سان نئون آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
سياست ۾ جيڪڏهن ڪنهن سان مقابلو ڪرڻو آهي ته ان لاءِ سياسي ميدان ۾ لهڻو پوندو ۽ پنهنجي ٻل تي ويڙهه ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن سياسي ميدان استعمال ناهي ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن غير سياسي قوت جا ڪلها استعمال ڪرڻا آهن ته پوءِ اها سهولت عمران خان نيازيءَ کي هر وقت نٿي ملي سگهي.