اڪبر جو دور مغل سلطنت جو عروج هو. سندس پٽ جهانگير کي اهو ڪريڊٽ ڏيئي سگھجي ٿو ته هن اڪبر جي ٺاهيل رياستي ادارن ۾ ڪو سڌارو ۽ واڌارو ته نه ڪيو پر گھٽ ۾ گھٽ انهن کي برقرار رکي سگھيو. شهزادو سليم، جنهن کي اڪبر پيار مان شيخو چوندو هو، بادشاهه ٿيڻ کانپو جهانگير سڏجڻ لڳو. هو اڪبر جي راجپوت زال برکا بائي جو پٽ هو. ڪي ان کي جوڌا جو نالو به ڏين ٿا. پر چيو وڃي ٿو ته جڏهين ڀارت ۾ جوڌا اڪبر نالي فلم پئي ٺهي ته ان جي پروڊيوسر گواريڪر گھڻن تاريخدانن سان صلاح ڪئي هئي ۽ سڀني کيس اهو ئي چيو هو ته اڪبر جي جوڌا ڀائي نالي جي ڪا زال نه هئي. پر ان فلم کي ان نالي سان ئي ٺاهيو ويو. بهرحال برکا ديوي اڪبر جي واحد غير مسلم زال هئي جنهن کي هن مسلمان نه ڪيو هو ۽ هو پنهنجا سڀ رسم و رواج ساڻ کڻي آئي هئي. هن جي ڪري اڪبر ڳئون جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ پنهنجن درٻارين کي به ائين ڪرڻ لا چيو هو. برکا ڀائي پنهنجي پٽ شهزادي سليم جي شادي پنهنجي ڀا ڀگونت داس جي ڌي سان ڪرائي جنهن جي سڀني هندوانه رسمن ۾ اڪبر وڏي جوش خروش سان شرڪت ڪئي.
جهانگير پنهنجي پي جو مخالف رهيو ۽ سندس خلاف بغاوتن ڪرڻ کانسوا هن پنهنجي پي جي اعتماد جوڳي ساٿي ۽ نامياري تاريخدان ابوالفضل کي سازش ڪري وير سنگھه بنديلا هٿان قتل ڪرايو جڏهين هو دکن مان موٽي رهيو هو. ابوالفضل جي سسي کي الهه آباد ۾ جهانگير کي موڪليو ويو. ان وقت جي شهزادي سليم کي اهو شڪ هو ته ابوالفضل سندس جانشيني جو مخالف هو ۽ بادشاهه جي دل ۾ سندس خلاف نفرت پيدا ڪري رهيو هو. ان قتل جي جڏهين اڪبر کي ڄاڻ پيئي ته کانئس دانهن نڪري ويئي ته شيخو تو اهو ڇا ڪيو. ابوالفضل اڪبر جي نورتن مان هڪ هو ۽ هن اڪبر نامه جي عنوان سان ٽن جلدن ۾ تيمور خاندان جي تاريخ لکي هئي. ان مان ٽين جلد آئين اڪبري جي طور ڄاتي وڃي ٿي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته مغلن ۾ جانشيني جو ڪو طئي ٿيل معيار نه هو. بادشاهه جا سڀ پٽ تخت جا حقدار هوندا هئا. ان ڪري منجھن ڇڪتاڻ جو هئڻ هڪ لازمي ڳالهه هئي. اها روايت هئي ته تخت حاصل ڪرڻ کانپو بادشاهه پنهنجن سڀني ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو هو ته جيئن سندس اقتدار کي ڪو خطرو نه رهي. اڪبر جا ٻه پٽ مراد ۽ دانيال گھڻي نشي واپرائڻ ڪري مري ويا جڏهين ته شاهجهان ۽ اورنگزيب سڀني ائين ڪيو ۽ پنهنجن ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيو.ِ اهو سلسلو پو به لاڳيتو هلندو آيو. ان حوالي سان مغل خاندان ۾ ڀائرن وغيره جو جيڪو قتل عام ٿيو اهو تاريخ ۾ هڪ مثال آهي. اها ساڳي روايت عثماني سلطنت ۾ به موجود هئي.
جهانگير جي لا چيو وڃي ٿو ته هو شڪار، نشي ۽ ٻين عياشين ۾ مصروف هوندو هو ۽ حڪومت جا معاملا ۽ فيصلا گھڻو ڪري سندس زال نورجهان ۽ ان جي ڀا جي هٿ ۾ هوندا هئا جيڪي بادشاهه کان پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائيندا هئا.
مغل دور کي مذهبي لحاظ کان هڪ سيڪيولر دور ڪري ليکيو وڃي ٿو جنهن ۾ مذهب ۽ فرقي جي بنياد تي ماڻهن ۾ فرق نه رکيو ويندو هو. جيتوڻيڪ اورنگزيب کي هڪ مذهبي انتها پسند ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو پر هڪ ٻيو نڪته نظر اهو به آهي ته هڪ ته سندس عملدارن ۾ هندن جو تعداد ۽ تناسب اڳ جي مغل بادشاهن کان وڌيڪ هو. ٻي ڳالهه ته سندس لا مندرن وغيره کي ڊاهڻ جي جيڪا ڳالهه ڪئي وڃي ٿي اها گھڻي ڀاڱي مبالغو ۽ وڌا آهي. مندرن کي ڊاهڻ هڪ مذهبي جي بجائي سياسي ڪم رهيو آهي. مختلف رياستن جا هندو حڪمران به هڪ ٻئي سان ويڙهه ۾ مندرن کي ڊاهيندا هئا ته جيئن اتي موجود دولت کي هٿ ڪري سگھجي. بهرحال اورنگزيب گھڻن مندرن کي امداد به ڏيندو هو. پر ساڳي وقت اها ڳالهه به پنهنجي جا تي آهي ته سندس شيعن ۽ سکن وغيره ڏانهن جيڪا پاليسي هئي ان هندوستاني سماج جي ايڪي ۽ اتحاد ۾ ڏار وجھي ڇڏيا هئا. هن ساڳي وقت اڪبر غير مسلمن تان جنهن جزئي کي ختم ڪيو هو ان کي بحال ڪري ڇڏيو هو جنهن ڳالهه سندس غيرمسلم رعايا کي سندس مخالف بڻائي ڇڏيو هو. نهرو ان ڪري پنهنجي ڪتاب ڊسڪوري آف انڊيا ۾ اها ڳالهه ڪري ٿو ته اورنگزيب جيڪڏهين اهي قدم نه کڻي ها ته هندوستان جي صورتحال ٻي هجي ها.
اورنگزيب هڪ ڊگھي عرصي يعني اٽڪل اوڻونجاهه سالن تائين حڪومت ڪئي ۽ اهو سڄو عرصو جنگ و جدل ۾ ئي گذريو جنهن اورنگزيب جي پاليسين سان گڏجي رياستي ڍانچي ۾ ڏار وجھي ان کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. اهو خيال ڏيکاريو وڃي ٿو ته سندس ڊگھي عرصي جي حڪومت ۽ لاڳيتو جنگن ۾ مصروف رهڻ مغل اقتدار کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. سندس وفات کانپو مغل اقتدار جو مرڪز ختم ٿي ويو ۽ ڪو ايترو مضبوط حڪمران سامهون نه آيو جيڪو مسئلن کي منهن ڏيئي سگھي. مختلف گروهن ۽ رياستن جهڙوڪ مرهٽن، سکن ۽ ڏکڻ جي رياستن بغاوت ڪري بادشاهه جي خزاني ۾ ڪجھه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
مرڪز کان ڌار ٿيڻ جو اهو رڳو هڪ منفي پاسو نه هو پر ان جا مثبت پاسا به هئا. مختلف رياستن جي نوابن ۽ حڪمرانن پنهنجي فوجي، معاشي ۽ ثقافتي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪيو. انهن ۾ بنگال، ميسور ۽ اوڌ وغيره جون رياستون شامل هيون. بنگال ايسٽ انڊيا ڪمپني لا نهايت اهم هو جنهن اتي نه رڳو شاهجهان جي ڏنل اجازتنامي کانپو تجارتي مرڪز قائم ڪيو هو پر خاص طور ڪلڪتي ۾ پنهنجيون فوجي تنصيبات پڻ ٺاهيون هيون. انهن لا بنگال جو نواب سراج الدولا وڏي رڪاوٽ هو جنهن هڪ ٻه ڀيرا ڪلڪتي تي حملو ڪري کين آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيو هو. ان جو ٽوڙ ڪمپني پاران اهو ڪڍيو ويو ته هڪ ته سراج الدولا جي ذاتي ڪردار ڪشي ڪري کيس هڪ عياش ۽ نااهل حڪمران ثابت ڪيو ويو ۽ ٻيو سندس درٻار جي اهلڪارن سان سازش ڪري جنگ ۾ کيس شڪست ڏيئي قتل ڪيو ويو ۽ بنگال جو اقتدار ڪمپني جي پسند جي ماڻهن جي هٿ اچي ويو. ان کانپو بنگال ۽ ان جي ماڻهن سان ڇا ٿيو اها هڪ ڌار ڪهاڻي آهي. ساڳي صورتحال ميسور ۾ ٽيپو سلطان سان ٿي. هن ڪمپني کي منهن ڏيڻ لا فرانس سان لاڳاپا رکيا هئا. سندس اتان جي حڪمرانن سان خط وڪتابت رهندي هئي. هو اتان هٿيار ۽ پنهنجي فوج جي تربيت لا ماڻهو گھرائيندو هو. سندس فوج ۾ فرينچ سپاهي هئا ۽ هو باقاعدي فرينچ انقلاب جو ڏينهن ملهائيندو هو. ڪمپني مرهٽن، ٽيپو جي مخالف ڪجهه پاڙيسري رياستن ۽ سندس درٻار جي ڪجھه ماڻهن سان سازش ڪري ٽيپو کي اقتدار کان محروم ڪيو.
دهلي ۾ مغل بادشاهه بس نالي ماتر ئي هو. هو ڄڻ درٻار جي اميرن جي هٿ ۾ رانديڪو هو. اميرن جا مختلف گروهه درٻار ۾ سرگرم هوندا هئا ۽ انهن مان جيڪو مضبوط هوندو هو اهو پنهنجي پسند جي شهزادي کي تخت تي ويهاريندو هو. اهي شهزادا گھڻو ڪري محل تائين محدود هوندا هئا ۽ محل جي عورتن سان پنهنجو وقت گذاريندا هئا. ان ڪري انهن ۾ عورتن واريون گھڻيون عادتون پيدا ٿي ويون هيون. رهيل ڪسر نادر شاهه جي دهلي تي حملي ۽ ڦرمار پوري ڪري ڇڏي هئي. شاهي خاندان جي فردن جو هڪ وڏو تعداد هوندو هو پر سندن وسيلا محدود هوندا هئا. کين مرهٽن، روهيلن، ڪمپني ۽ اهڙن طاقتور گروهن جي امداد تي ڀاڙڻو پيو ٿي. وقت بوقت انهن کي فاقا ڪشي ڪرڻي پوندي هئي. آخر ۾ بادشاهه کي ڪمپني جي وظيفي تي گذارو ڪرڻو پوندو هو. 1857 جي آزادي جي جنگ ۽ انگريزن جي سوڀ مغل سلطنت جو انت آندو ۽ آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي پنهنجا آخري ڏينهن وطن کان پري جلاوطني ۾ گذارڻا پيا ۽ ان حالت ۾ ئي سندس انتقال ٿيو.