
پاڪستاني اداڪارا حميما ملڪ انڪشاف ڪيو آهي تھ فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ ۾ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان مون کي تمام گهڻي گهوڙي سواري ڪرڻي پئي، مون گهوڙي جي سواري ايتري ڪئي جو ٿڪجي پئي هئس. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ ۾ دارو جي ڪردار طور مون کي گهوڙي سواري ڪرڻي پئي، شوٽنگ دوران گهوڙي جي سواري ڪندي ڪندي اهڙو ٿڪ ٿيو جو جان ئي نڪري وئي. هن چيو تھ گهوڙي سواري مون کي ايندي نھ هئي، ان جي باقائدا سکيا ورتي آهي.