ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ھڪ ڏينھن ۾ سڀ ڪجھه!

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

گذريل ٻن ڏينهن ۾ ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۽ سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي گادي لاھور مان جيڪي خبرون آيون آھن تن مان عام تاثر اهو ملي پيو ته ھاڻي پاڪستان جمھوري اتحاد (پي ڊي ايم) جي حڪومت ۽ سندن مخالف اڳواڻ عمران خان سياسي تڪرار کي رستن ۽ شاھراھن تي نبيرڻ بدران ٽيبل ٽاڪ وسيلي ايندڙ سال جي عام چونڊون لاءِ ڪو يڪراءِ فيصلو ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو دور شروع ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي. اچرج ۾ وجهندڙ اھا حقيقت آھي ته ھڪ ئي ڏينهن يعني جمعي تي عمران خان به في الحال لانگ مارچ جو سلسلو بند ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت جي عيوضين واسطي ڳالهه ٻولهه جا بند ڪيل دروازا کولي ڇڏيا آهن ۽ موٽ ۾ وزيراعظم شھباز شريف پنهنجي سخت مزاج وزير داخلا راڻا ثناءُ الله کان عمران خان جي بيان جي آجيان ڪرائي ڇڏي آهي.
مون کي مليل اطلاع مطابق ھي ڪو اتفاق يا اوچتو ٿيل ڪم ڪونهي. اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جو ليڊر آصف زرداري ڪجھه ڏينهن کان جنهن مقصد سان ويٺل آهي سو ظاهري طرح ته تحريڪ انصاف جي پنجاب حڪومت کي ڊاهڻ آهي. پر پردي پويان ھڪ اھڙي رٿابندي آهي جنهن سان عمران خان کي پنج سال ٻيا به وفاقي حڪومت ٺاهڻ کان روڪي سگهجي. مثال طور پنجاب حڪومت کي ڊاهي ڇڏيندا ته عمران خان ھڪ ڀيرو وري به ماڻھن جو وڏو لشڪر وٺي اسلام آباد تي چڙهائي ڪري سگهي ٿو بلڪه ضرور ڪندو. سندس عوامي مقبوليت ۾ پڻ واڌارو ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي معاشي ڏيوالي ڏانهن تيزيءَ سان وڌندڙ شھباز شريف حڪومت جيڪا ٿوري گهڻي مقبوليت رکي ٿي سا به دونھين جيان ھوا ۾ اڏامي ويندي.
تحريڪ انصاف جي ليڊر عمران جي مقبوليت کي منهن ڏيڻ واسطي ھر وڏي شهر ۽ ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽر ۾ ھاڻي پي ڊي ايم کي باقاعدي اھڙي اتحاد جي شڪل ڏني پيئي وڃي جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 2013 واري “سليڪٽيڊ اليڪشن” واري زماني ۾ جيڪي سيٽون ايم ڪيو ايم “ھارائي” ڇڏيون ھيون سي پيپلز پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام ۽ ٻين اتحادي پارٽين ۾ اھڙي ريت ورھائڻ جو سوچيو اٿن ته جيئن اتحادي جماعتن جي ڏڦيڙ جو عمران خان کي فائدو نه ملي سگهي. اھو سبب آهي ته جمعي ڏينهن تي ئي متحده قومي موومينٽ جو وفد وڏي وزير مراد علي شاهه سان مليو ۽ ايم ڪيو ايم جو ھي مطالبو مڃي ورتائين ته پيپلز پارٽي سندن خواهش موجب مڪاني ادارن جي ايندڙ مهيني رٿيل اليڪشن لاءِ سنڌ جي ٻنهي وڏن شهرن جون تڪبنديون واپس اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ لاءِ راضي آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ھي راضپو گذريل ڪيترن سالن کان پي ڊي ايم ۾ گڏ ھوندي به ڇو نه ٿي سگهيو؟ آخر ڪھڙو واءُ وريو آهي جو سڀ وڏا اھم فيصلا اسلام آباد کان ڪراچيءَ تائين ھڪڙي ئي ڏينهن اندر ٿي ويا آهن!
عمران خان پاران ڪيل ڳالهين جي آڇ تي وزيراعظم شھباز شريف پي ڊي ايم جي ليڊرشپ سان صلاح مشورو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ھي سڀ ڪجھه جنهن تکي رفتار سان ٿي رهيو آهي ان جي پويان ڪا حڪمت ضرور آهي ڇاڪاڻ ته اتحادي سرڪار فيٽف FATF جي پابندين وارو خطرو ٽرڻ جي باوجود معاشي ڏيوالپڻي جا اشارا ۽ امڪان ڏينهون ڏينهن چٽا ٿي رهيا آهن. ڪالھه ئي خزاني جي وفاقي وزير اسحاق ڊار انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي باري ۾ چيو آهي ته آئي ايم ايف جو پاڪستان سان سلوڪ سٺو ناھي تنھن ڪري ٻن ھفتن ۾ ھڪڙي دوست ملڪ کان ٽي ارب ڊالر قرض کڻڻ لاءِ آتا آهيون. آئي ايم ايف جي باري ۾ وزير خزانه وڌيڪ چيو ته ھن اداري پاران 500 ملين ڊالر ڏيڻ کان انڪار کي پاڪستان سانAbnormal Treatment يعني ناروا سلوڪ سمجهان ٿو پر ان مسئلي بابت قومي مفادن ڪارڻ وڌيڪ تبصرو ڪرڻ کان پرھيز ڪريان پيو. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ٽي ارب ڊالر ڪھڙو ملڪ ڏيندو ته ھن وراڻيو، “آئون ان ملڪ جو نالو في الحال نٿو ٻڌائي سگهان.”
منهنجي خيال ۾ سندس اشارو سعودي عرب ڏانهن ھو جتان جمعي تي اعلان ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي اسٽيٽ بئنڪ ۾ جيڪي ٽي ارب ڊالر اسان امانت طور جمع ڪرايا ھئا انھن جي واپسي جو وقت اچي ويو آهي پر پاڪستان جي ڏکين معاشي حالتن کي ڏسي ان کي وڌيڪ وقت لاءِ وٽن رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
مون وانگر ھرھڪ سوچيندڙ ذهن ۾ ايڏي مشڪل صورتحال تي گھڻا ئي وسوسا پيدا ٿين ٿا ته آخرڪار اسان جي ملڪ تي اھڙا ڏکيا ڏينهن آڻڻ جا جوابدار ڪير آهن؟ پاڪستان ھڪ غريب ملڪ ضرور آهي پر ايتري قدر ڪنگال ته ڪڏهن به ڪونه ٿيو. گھڻا ليکڪ ۽ تجزيا ڪندڙ ھمراھه انھيءَ ڪنگال پڻي جي اصل جوابدارن جو نالو وٺڻ بدران رڳو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ڏوھي قرار ڏين ٿا. جيڪڏهن سندن ڳالهه مڃجي تڏهن به سوال پيدا ٿئي ٿو ته عمران خان کي تخت تي چاڙھڻ وارا ڪير هئا؟ ان کان به وڏو سوال هيءُ آهي ته پاڪستان جي لولي لنگڙي جمهوري سرشتي ۾ اصل حاڪميت ڪنھن جي ھٿ وس ھوندي آھي؟ انھيءَ کان علاوه اھا ڀيٽ به ڪرڻ گهرجي ته عمران خان جي چئن سالن ۾ سڄي دنيا اندر ڪورونا جي موذي مرض دنيا جي وڏن وڏن ملڪن کي اقتصادي طور تي بي مثال نقصان رسايو تڏهن به پاڪستان جي سالياني Economic Growth
ٽيھن سالن کان حڪومت ڪندڙ سياسي حڪمرانن جي دور کان بھتر ھئي يا نه؟ انگ اکر ڪڍي ڏسو ته سچائي ظاهر ٿي ويندي. آئون اھو باور نٿو ڪرائڻ چاهيان ته عمران خان جي دور ۾ ڪرپشن ڪانه هئي. بيشڪ تمام جھجھي ھئي پر ٽيھن سالن ۾ جن حڪمرانن شگرملز مافيا کان وٺي اسٽيل ملز، سيمينٽ فيڪٽرين ذريعي مونوپولي يا ھڪ ھٽي قائم ڪري، غريب مسڪين وطن واسين کي ڦريو ۽ لٽيو سي نه رڳو بي شمار ڪارخانن جا مالڪ بڻجي ويا پر دبئي کان لنڊن ۽ پيرس کان نيويارڪ تائين سندن محل ماڙيون به ڪروڙين پورھيتن جو رت پگهر نپوڙي نه ٺاھيون ويون ڇا؟
سنڌ يونيورسٽي تي پوليس جي ڪاھه!
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جمعي ڏينهن جنهن نموني ڳڻپ کان مٿي پوليس موبائلن ۾ سوار رينجرس ۽ پوليس آفيسرن پنهنجن ھٿياربند سپاهين جي اٽالن سان ٽي سئو کان وڌيڪ شاگردن کي دھشتگردي ٽوڙ قلمن ھيٺ گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪاھه ڪئي، ان کي وائرل ٿي ويل ويڊيو تي ڏسي ايئن ٿي لڳو ته ھاڻي ڪو وڏو ممڻ مچايو ويندو پر شڪر آهي جو ڪو به فساد نه ٿيو. لڳي ٿو ته اعليٰ عملدارن چوٿين مارچ 1967 جھڙي بدنامي کان بچڻ خاطر پنهنجا پير پوئتي ڪري ڇڏيا. ھونئن به ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پرامن مظاهرا ڪندڙ استادن، ماسترياڻين، ڊاڪٽرن، نرسن، ڪلارڪن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن کي جنھن بيدرديءَ سان ھر ڀيري مارڪٽ ڪئي ويندي آهي، ان سان سنڌ سرڪار جي ڪا نيڪ نامي ته دنيا ۾ نه ٿي آھي. جمھوري سماج ۾ ڪنهن به مسئلي تي آئين مطابق خدا جي خلق کي پرامن مظاهرو يا احتجاج ڪرڻ جو حق حاصل ھوندو آھي.
ھن ڏکوئيندڙ واقعي جي تفصيلن موجب ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پنهنجي پنهنجي تنظيم جي پاران ڌار ڌار ميڙاڪا ڪيا جيئن سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ تي سن ۾ ھرڪو ليڊر ڌار ڌار ميڙ ڪوٺائيندو آهي. انھيءَ سلسلي ۾ مختلف شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن ڪجھه ڏينهن اڳ سياسي اختلافن کي پاسيرو رکي، ھڪ گڏجاڻيءَ ۾ اهو عھد ڪيو ته ھر ڪنھن کي پنهنجي پنهنجي ميڙ ۾ سندس سياسي سوچ ۽ نظرئي مطابق ڳالهائڻ گھرجي ته جيئن ڪوبه تڪرار نه ٿئي.
ڪجھه نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين بيشڪ اھڙا نعرا هنيا جن کي ھن ملڪ جا حڪمران پسند نه ٿا ڪن پر انھيءَ جو اھو ڪھڙو جواب آهي ته مادر علمي جي ٽي سئو نوجوانن ۽ نياڻين تي دھشتگردي وارا قلم لاڳو ڪري کين ھاسٽلن مان گرفتار ڪرڻ لاءِ سوين ھٿياربند پوليس ۽ رينجرس وارا چڙهائي ڪري ڇڏين. يونيورسٽي جي انتظاميه جيڪا چند مفاد پرست استادن ۽ سندن تنظيم آڏو بيوس لڳي ٿي، تنھن ڊپ ۽ خوف وچان سنڌي ڪلچر ڏھاڙو ملھائڻ لاءِ شاگردن کي ڏنل اجازت نامو ئي واپس وٺي ڇڏيو آھي. ھن ملڪ ۾ ھندستان جي سکن جو ڪلچر قبول آهي پر سنڌين کي سال ۾ هڪڙو ڏينهن به پنهنجي مادر علمي ۾ جشن ملهائڻ قبول ناهي!
واھه واھه اوھان حاڪمن جي سوچ؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button