ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ متاثرن بابت وڏي وزير جو اعتراف

Editorial

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اعتراف ڪيو آهي ته ٻوڏ متاثر اڃا تائين به سخت تڪليفن ۾ورتل آهن. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سبب نه رڳو ڪروڙين ماڻهو دربدر ٿيا پر انهن جي روزگار جا ذريعا به سخت متاثر ٿيا آهن، اهڙي ريت انهن ماڻهن ٻوڏ کانپوءِ دربدري کي به ڏٺو آهي، ڪئمپن ۾ رهڻ کانپوءِ متاثرن ڪيترين ئي بيمارين کي پڻ منهن ڏنو آهي ۽ ان کانسواءِ گهر ڊهي وڃڻ کانپوءِ انهن جي وري اڏاوت هنن لاءِ وڏو مسئلو آهي. سنڌ ۾ ريسڪيو ۽ رليف جو جيترو به ڪم ٿيو آهي، اهو ڪافي ناهي. جنهن جو اعتراف سنڌ حڪومت پڻ ڪري رهي آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت سنڌ حڪومت پنهنجي ڪوتاهيءَ کي قبول ڪري رهي آهي، ان جو مطلب اهو ئي آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم بهتر نموني ڪونه ٿي سگهيو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ماڻهو سمجهن ٿا ته شايد اسان رليف ۽ ريسڪيو واري مرحلي مان گذري چڪا آهيون پر حقيقت ۾ ائين ناهي، هن وقت به جتي ٻوڏ آيل آهي اتي ماڻهو شديد تڪليف ۾ مبتلا آهن، متاثرن جا گهر ڊهي پيا آهن، وٽن کائڻ لا به ڪجهه ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن جا سمورا فصل پاڻي ۾ تباهه ٿي ويا آهن ۽ اهڙي موقعي تي اهو تاثر ڏيڻ ته سڀ ٺيڪ آهي، مان ائين نه ڪندس، پر ايترو ضرور چوندس ته اسان ٻوڏ متاثر 80 کان 85 سيڪڙو علائقن مان پاڻي ڪڍي ورتو آهي، ان جو اهو مطلب ناهي ته جتان پاڻي نڪري چڪو آهي، اتي ماڻهو معمول واري زندگي ڏانهن موٽي آيا آهن پر ائين ناهي، اها ئي ڳالهه اسان وفاقي حڪومت سان به ڪئي آهي، ڇو ته اتي به ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته هاڻي بس اسان بحالي واري عمل تي زور ڏيون پر اڃا رليف وارو ڪم هلي رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ سينٽ پال انگلش هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي، ڪنهن کي به اڪيلو نه ڇڏيو اٿئون، پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ ناهي جو ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ورتل چندا ۽ امداد کائي وڃي، ثقافتي سرگرمين ذريعي سماج ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. وڏي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، سنڌ کي عمران خان مان ڪا به اميد نه رکڻ گهرجي، شڪر آهي ته عمران خان جو ڏمر وارو دور گذري ويو، هن چيو ته سنڌ جي 80 سيڪڙو علائقن مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي ۽ اسان ماڻهن جي مدد ۽ بحالي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، هينئر به متاثرن جي بحاليءَ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. جنوري ۾ رٿيل ڊونر ايجنسين جي ڪانفرنس ۾ اميد آهي ته سنڌ جو ڪيس بهتر انداز ۾ پيش ڪري عوام کي جلد رليف فراهم ڪنداسين ۽ سندن گهرن جي تعمير جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت سڀ گڏجي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم اڳ به اسان جي اتحادي رهي آهي ۽ اسان 2008ع کان 2013ع تائين گڏجي ڪم ڪيو ۽ پوءِ هنن هڪ نئون تجربو ڪيو.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ جيڪي به ٻوڏ متاثر هن وقت تائين دربدر آهن، انهن جي سار لهڻ جي ضرورت آهي، انهن کي وڌ کان وڌ رليف جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ٻوڏ متاثرن جي مالڪي ڪري. جيڪڏهن اها مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ ٻوڏ متاثرن جون تڪليفون اڃا به وڌي سگهن ٿيون. تنهنڪري جتي به ڪا ڪوتاهي ٿي رهي آهي، ان کي ختم ڪري ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.

جهنڊو مري اسڪول جي حالت

سنڌ تعليم بابت سنڌ حڪومت مهم هلائي رهي آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ مائٽ پنهنجن ٻارن کي داخل ڪرائين. پر جڏهن سنڌ جي اسڪولن جي حالت ڏسجي ٿي ته پهريون خيال اهو ٿو اچي ته ڇا سنڌ جي اسڪولن جي حالت واقعي اهڙي آهي جو اتي ٻارن کي داخل ڪرايو وڃي. سنڌ جا هزارين اسڪول اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم لڳا پيا آهن، نتيجي ۾ ٻارن جو اتي وڃڻ ممڪن نٿو لڳي. ڇاڪاڻ ته اسڪول مڪمل اهو تصور ڪيو ويندو آهي، جتي بنيادي سهولتون موجود هجن. پر هن وقت تائين اهڙو ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي، ڪالهه به اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي.
جهنڊومري ۾ 15 سالن کانپو کليل اسڪول ۾ شاگردن جي ويهڻ لا فرنيچر به نه مليو، سڄي عمارت ٻوڏ سبب زبون ٿي وئي. جهنڊو مري جي يوسي ميرآباد جي ڳوٺ ڦوٽو خاصخيلي ۾ گورنمينٽ پرائمري پيار علي خاصخيلي جي نالي سان قائم اسڪول ۾ 15 سالن کانپو استاد مقرر ڪري اسڪول کوليو ويو آهي، اسڪول ۾ هن وقت 80 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخل آھن. اسڪول کي 1995ع ۾ بلڊنگ ملي، پر گذريل ٻن مھا ٻوڏن ۾ عمارت زبون ٿي چڪي آهي، اسڪول ۾ شاگردن جي ويهڻ لا فرنيچر به ناهي، جنهن سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. تعليم کاتي جي مقامي عملدارن اسڪول کولڻ باوجود شاگردن لا فرنيچر ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي، نه ئي ٻيون سهولتون ڏنيون. اعلى عملدارن به مرمت لا ڪي اپا نه ورتا. ان سلسلي ڳوٺ جي معززن غلام محمد خاصخيلي، الهڏتو خاصخيلي، سعيد خان، قبول احمد خاصخيلي تعليم کاتي جي اعلى عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ قائم سرڪاري زبون اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي شاگردن لا فرنيچر فراهم ڪيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته جهنڊو مري واري اسڪول ۾ ترت فرنيچر پهچايو وڃي، ڇاڪاڻ ته اها بنيادي ضرورت آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسڪولن کي فعال ڪرڻ چاهي ٿي ته اها پهرين اسڪولن ۾ بنيادي ضرورت کي يقيني بڻائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button