ورديءَ ۾ ڪيتري طاقت هوندي آهي، اها خبر ان وقت پوندي آهي، جڏهن ملڪ ۾ ڪو آرمي چيف ريٽائرڊ ٿي ويندو آهي. پرويز مشرف پنهنجي وردي بابت چوندو هو ته اها هن جي کل هئي. واقعي به اها هن جي کل ئي هئي، جيڪا کيس هر خطري کان بچائي ويٺي هئي. هن 2004ع ۾ وردي لاهڻ جو ارادو ڏيکاريو هو. سياسي پارٽين سان هن وعدو ڪيو هو ته هو وردي لاهي ڇڏيندو پر هن ان سال وردي نه لاٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي ملڪي صدر طور برقرار رکيو. ان کان پوءِ جيڪي به آرمي چيف ٿيا، وردي انهن لاءِ ڍال جو ڪم ڪيو.
تازو ئي جنرل قمر جاويد باجوا ريٽائرڊ ٿيو آهي، هن پنهنجي آخري خطاب ۾ ان ڳالهه جو اظهار به ڪيو هو ته هو هاڻ گمنامي واري زندگي گذاريندو. هونئن به جڏهن ڪو آرمي چيف ريٽائرڊ ٿيندو آهي ته اهو ماضي جو قصو ٿي ويندو آهي پر اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي ان ڪري به ياد رکيو ويندو ڇاڪاڻ ته هو پراجيڪٽ عمران خان جو متحرڪ ڪردار هو. هن نه رڳو عمران خان نيازيءَ لاءِ سياسي طور ماحول کي سندس حق ۾ ڪيو پر هو عمران خان نيازيءَ جي حڪومت جو ڀرجهلو به رهيو. هو ايتري قدر عمران خان نيازيءَ جي حڪومت جو سهولتڪار رهيو هو جو عمران خان نيازيءَ کي کيس ايڪٽينشن ڏيڻي پئي پر هاڻ هو ان ايڪسٽينشن کي پنهنجي وڏي غلطي قرار ڏئي رهيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان نيازي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته جنرل باجوا کي نوڪريءَ ۾ واڌ ڏيڻ غلطي هئي ۽ ڪنهن به آرمي چيف کي نوڪري ۾ واڌ نه ڏيڻ گهرجي. پر عمران خان نيازي جنرل قمر جاويد باجوا کي ان ڪري به واڌ ڏني جو سندس اقتدار جي بقا ان ۾ هئي. جيڪڏهن هو ان وقت واڌ نه ڏئي ها ته سندس اقتدار پوڻا چار سال نه هلي سگهي ها. عمران خان نيازي ان ڳالهه جو اظهار به ڪيو آهي ته جنرل باجوا هن سان ڊبل گيم ڪئي. پر اصل ۾ عمران خان نيازي جنرل باجوا سان ڊبل گيم ڪري رهيو هو. جيڪڏهن هن کي ان وقت موقعو ملي وڃي ها ته هو جنرل فيض حميد کي نئون آرمي چيف مقرر ڪري هڪ ڀيرو وري پنهنجي ڪرسيءَ کي مضبوط ڪري ڇڏي ها پر جيئن ته عمران خان نيازيءَ جي سياسي چالن کان فوج ۽ سياسي پارٽيون به آگاهه ٿي چڪيون هيون، ان ڪري سندس سڀئي چالون ابتيون ٿي ويون. اهڙي ريت هو نه رڳو پنهنجو اقتدار وڃائي ويٺو پر هن اسٽبلشمينٽ جون سڀئي همدريون پڻ وڃائي ڇڏيون، جيڪي کيس هر حوالي سان سهولتون فراهم ڪري رهيون هيون.
معاملا ان وقت گهڻا خراب ٿي ويا هئا، جڏهن جنرل فيض حميد کي آءِ ايس آءِ چيف طور هٽائي ڪور ڪمانڊر ڪري رکيو ويو پر يقينن جيڪڏهن اهڙي ڪا رٿابندي ٿي رهي هئي ته ان تي ڪم گهڻو وقت ٿي رهيو هو، جنهن جي شايد عمران خان نيازيءَ کي خبر نه هئي. هن وقت ڀلي عمران خان نيازي وڏي واڪي اهو چوندو هجي ته هو ڪنهن ملٽري جي نرسري ۾ ڪونه پليو آهي ۽ نه ئي ڪنهن فوجي جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار ۾ آيو آهي پر پي ٽي آءِ جو سڄو وجود ۽ ان کي اقتدار ۾ آڻڻ جو سڄو مرحلو ميڊيا، سياسي پارٽين ۽ عوام جي سامهون آهي. نه ته اهو ئي ساڳيو عمران خان نيازي هو جيڪو سياسي طور هڪ گمنامي واري زندگي گذاري رهيو هو. جنهن کي اقتدار جو مزو ماڻڻ جو شرف حاصل ٿيو ته هو ان کي ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونهي. اڄ به سندس جدوجهد جو محور عوام ناهي پر اهو وڃايل اقتدار آهي، جنهن کي هو وري ماڻڻ ٿو چاهي. ان لاءِ هو نه رڳو سياسي ادارن پر ٻين ادارن کي به تڪراري بڻائيندو رهيو آهي. پنهنجي اقتدار دوران هو نه رڳو جنرل باجوا جا قصيدا پڙهندو رهيو آهي پر هو هن کي جمهوريت پسند جنرل چوندو رهيو آهي ۽ هن جي ڪردار جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ڪندو رهيو آهي، انهن مان اهو ئي ظاهر ٿيندو رهيو ته جنرل باجوا سياستدانن کان به وڌيڪ جمهوريت پسند آهي. پر اها گذريل ويل وقت جي ڳالهه آهي، اڄ هو نه رڳو جنرل باجوا کي پنهنجو دشمن سمجهي ٿو پر هاڻوڪي حڪومت کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ سهولتڪار به سمجهي ٿو.
ڪجهه ڏينهن کان اهي سڀ ڪردار آهستي آهستي گم ٿي رهيا آهن، جيڪي هائبرڊ رجيم جو حصو هئا، جن عمران خان نيازي جهڙي فاشسٽ ماڻهو کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ سڄو ملڪ ئي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. جن کي ان ڳالهه جي به ڪا پرواهه نه هئي ته عمران خان نيازي جهڙي ماڻهو جي اقتدار ۾ اچڻ سان عالمي سطح تي ڪيتري بدنامي ٿيندي ۽ ڪهڙي ريت عالمي سطح تي هو مسئلا پيدا ڪندو، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ کين ئي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پنهنجو اقتدار وڃائڻ کي آمريڪي سازش قرار ڏيندڙ عمران خان نيازي هاڻ ته ان موقف تان به ڦري ويو آهي. جيڪڏهن هو ان وقف تان ڦري ويو آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته سندس اقتدار آئيني طريقي سان ختم ٿيو آهي ۽ ان کان سواءِ ڪا به اهڙي سازش ناهي، جنهن وسيلي اقتدار ويو هجي.
سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن عمران خان نيازي هڪ ڀيرو وري اسٽبلشمينٽ کي ميدان ۾ لاهڻ چاهي ٿو ته پوءِ سياست ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. ان سان ڊيل ڪري اقتدار ۾ اچي وڃي پر ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته هو اسٽبلشمينٽ کي بدنام نه ڪندو ۽ نه ئي وري انهن سان دوکو ڪندو، جيڪي کيس اقتدار ۾ وٺي ايندا. تنهنڪري سياسي مقابلو ڪرڻ لاءِ عوام ڏانهن وڃڻ جي ضرورت آهي ۽ سياسي محاذ کي استعمال ڪري اقتدار ماڻڻ جي ضرورت آهي پر جيئن ته هو پنهنجي مزاج ۾ غيرجمهوري آهي، تنهنڪري هو غيرجمهوري طريقن سان اقتدار ۾ اچڻ جا جتن ڪري رهيو آهي.