ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڌرتي سان محبت

سنڌ جو ثقافتي ۽ ايڪتا ڏڻ هر سال وانگر ڊسمبر مهيني جي پهرين آچر تي سموري ملڪ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تمام وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، قوم جي هن ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌي ثقافتي پوشاڪ، ٽوپي ۽ اجرڪون پهريل لکين ماڻهن ۽ سنڌي گج، سوسيون ۽ ثقافتي ويس وڳا ۽ ڪنگڻ پاتل سنڌياڻين، سورمين سنڌ جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هر جا پنهنجي هن قومي ڏينهن کي ثقافتي عيد وانگر ملهايو. سنڌ جي سمورن ننڍن، وڏن شهرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وسندين ۾ هر عمر ۽ رنگ نسل جي مردن، عورتن، ٻارڙن پنهنجي پسند ۽ من موجب پنهنجين روحاني خوشين کي ملهايو ۽ قومي گيتن تي رقص جهمريون هڻي پنهنجي ثقافت ۽ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو. اسان جي سنڌ کان علاوه پنهنجي ملڪ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ سنڌ جي قومي ڏڻ کي مان ۽ مرتبي سان ملهايو ويو، هر قسم جا اجتماع، ميڙاڪا، ريليون ۽ محفلون سجايون ويون. سنڌي قوم ۾ گذريل ڪجهه سالن کان پيدا ٿيل هن قومي ثقافتي تحرڪ ۽ سرگرمين سموري دنيا جي توجهه پڻ پاڻ ڏانهن ڪرائي ورتي آهي ۽ هر سال وانگر هن سال به آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، چين ۽ دنيا جي مختلف ملڪن طرفان سنڌي قوم سان پنهنجي ثقافتي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ انهن ملڪن جي حڪومتن جي سفارتخانن ۽ ثقافتي ادارن جي سربراهن طرفان سرڪاري طور تي پنهنجي لکت ۽ ويڊيو پيغامن ذريعي سنڌي قوم کي سندس هزارين سالن جي قديم تاريخ ۽ تهذيب جي ورثي جي وارث هئڻ تي مڃتا ڏني ۽ واڌايون پيش ڪيون.

سنڌي ثقافتي ڏڻ واري ڏينهن تي سنڌ ۾ سڀ کان وڏا اجتماع ۽ ميڙاڪا سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شهر، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ڊويزنن سميت سموري سنڌ جي شهرن ۽ وسندين ۾ ڏسڻ ۾ آيا. خاص طور تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان هر سال وانگر مختلف سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ادارن ۽ جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو گڏيل قومي ايڪتا جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت سموري سنڌ ۾ قوم پنهنجي ڳاڙهن رنگن ۽ ٽوپي اجرڪ سان جهرجهنگ ۾ جاڳي پئي ۽ سموري سنڌ جرڪي پيئي. سال 2022ع ۾ ملهايل قومي ثقافتي ڏڻ يقينن، سنڌ جي گذريل مهينن ۾ قدرتي آفتن، رڪارڊ ٽوڙ برساتن ۽ ٻوڏن جي ٿيل هاڃيڪارين واري صورتحال جي باوجود وري اٿي کڙو ٿيڻ ۽ پنهنجي قوم ۽ قومي جياپي جي جدوجهد وري شروع ڪرڻ لا سندرا ٻڌي بيهڻ جي عزم کي اجاگر ڪرڻ واري همت جو اڀري مٿي اچڻ سان يقينن سنڌي قوم جي مان شان ۽ عزت و احترام ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي ۽ سندن همت ۽ مڙسي، محنت ۽ هر مشڪل کي منهن ڏيڻ وارن جذبن جي سمورن زخمن ۽ تڪليفن تي وري وڃڻ واري ڪردار ۽ عمل سان شاندار مڃتا ماڻي آهي.

سنڌ جي ثقافت ته يقينن قوم وانگر هزارين سال قديم آهي پر اسان وٽ هرسال ڊسمبر جي پهرين آچر تي ساليانو قومي ثقافتي ڏڻ ملهائڻ وارو سلسلو يقينن گهڻو پراڻو نه آهي. اهو ملڪ ۾ 10 سال اڳ پيدا ٿيل هڪ ڏکوئيندڙ واقعي ۽ سنڌين ۽ سنڌي قوم جي چونڊيل سياسي قيادت پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر مملڪت آصف علي زرداري جي ملڪ جي سربراهه طور افغانستان جي دوري ۾ سنڌي ٽوپي ۽ وڳو پائي افغان فوج کان گارڊ آف آنر وٺڻ تي هڪ بدبخت صحافي طرفان هڪ ٽي وي چينل تي سندس پروگرام ۾ ڪيل انٽرويو ۾ ٽوڪ ۽ اعتراض ڪرڻ واري واقعي ۽ سندس اڻوڻندڙ هلت جي ردعمل طور سموري ملڪ ۽ دنيا ۾ جهڙي ريت ردعمل اڀري پيو، اهو ملڪ جي سياسي تاريخ جو پڻ هڪ وڏو واقعو ٿي ويو ۽ سموري سنڌي قوم انهي ردعمل ۾ هڪ ٿي وئي ۽ تنهن وقت وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي دور ۾ ڊسمبر مهيني ۾ قومي ثقافت ۽ ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ٿي، جنهن کي سنڌ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ادارن طرفان پڻ وڏي ڌام ڌوم سان ملهائڻ واري ڪم کي قومي فرض سمجهي انجام ڏيڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو. اهڙي ريت، قوم، حڪومت، سنڌي ميڊيا ۽ سمورا ساڃهه وند قومي حقن ۽ قومي ايڪتا واري معاملي تي پٺتي نه هٽڻ جي اڻ لکيل آواز کي ٿورڙن ئي سالن ۾ لوهه تي ليڪي ۽ پٿر تي لڪير واري صورت ڏيارڻ ۾ جيڪا ڪاميابي ۽ مڃتا ماڻي آهي اها بي مثال بنجي وئي آهي.

 قومي ثقافت ۽ ساليانو ايڪتا ڏڻ ملهائڻ وارو سلسلو هر سال نئين آب ۽ تاب سان لڳاتار جاري آهي ۽ وڌي ويجهي رهيو آهي. سنڌي قوم پنهنجي هن ثقافتي ڏينهن کي پنهنجي قومي حقن، وطن جي حفاظت، ملڪ جي وفاقي سرشتي ۾ برابري ۽ گڏيل امن ۽ دنيا جي قومن وانگر پنهنجي ثقافت ۽ عزت سان محبت ۽ عالمي ڀائيچاري جي علامت طور لڳاتار ملهائي رهي آهي ۽ هر سال ان جي جوش، رنگن ۾ اضافي ۽ قومي ايڪتا وڌائڻ ۾ هي قومي ثقافت نسلن ۾ ڳانڍاپي، پنهنجائپ ۽ هڪٻئي سان محبتون وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سنڌي ثقافت ۽ ايڪتا ڏينهن جي هن وقت هڪ پاسي عالمي سڃاڻپ ۽ مڃتا وڌي رهي آهي ته، ٻئي پاسي قومي سطح تي هن قومي ثقافتي ڏڻ کي ڪنهن به سياسي ڌر بجا قوم جي سمورين ڌرين ۽ ماڻهن جو ايڪتا وارو ڏينهن مڃيو وڃي ٿو. هن موقعي تي ٿيندڙ اجتماعن ۾ ڪنهن به سياسي ڌر يا گروپ جي جهنڊن، بينرن کي کڻي هلڻ کي نامناسب ۽ نفاق جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. ايڪتا ڏينهن تي قومي فڪر ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ لا  قومي ثقافت جي هن قيمتي اظهار کي سمورن سنڌين جي اتحاد جي علامت طور برقرار رکڻ تمام اهم قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ قوم کي سياسي اختلافن کان ڌار ٿي هڪ قوم ۽ هڪ ئي ثقافت جي اظهار ۽ نما ڪرڻ کي پسند ڪيو وڃي ٿو. سنڌي قومي ثقافت ۽ ايڪتا ڏڻ واري ڏينهن سنڌ جي راڄڌاني ۾ ڪراچي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ عالمي اردو ادبي ڪانفرنس ۾ پڻ سنڌ جو ثقافتي ڏڻ پروقار طريقي سان ملهايو ويو ۽ پهرين کان 4 ڊسمبر تائين هلندڙ انهي عالمي ڪانفرنس جي سمورين ويهڪن ۾ مهمانن کي سنڌي ثقافتي اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا ويا.   

بيشڪ! سنڌ ۽ سنڌي قوم پنهنجي ئي ملڪ ۾ تمام وڏين ناانصافين ۽ پنهنجن وسيلن جي حق ملڪيت ۽ پنهنجي ٺاهيل ملڪ وفاق پاڪستان ۾ پنهنجي حقن جي حاصلات ۾ رنڊڪن ۽ حق تلفين جي حوالي سان تمام گهڻو پريشان آهي. خاص طور تي ملڪ جي چئني پاسن کان غيرقانوني پرڏيهين، افغانين، برمين، بنگالين ۽ هندستان جي مختلف علائقن ۽ مختلف ملڪن کان ايندڙ ڌارين جي داخلا ۽ آبادڪاري سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي والار جي حوالي سان تمام گهڻي ڳڻتي ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. هاڻوڪي قومي ثقافت ۽ ايڪتا ڏهاڙي جي اجتماعن ۾ سمورن ساڃاهه وندن طرفان جيڪي پنهنجا ويچار، بيان ۽ اظهار ڪيا ويا انهن ۾ سڀ کان وڌي اڀريل معاملو سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ والار اهم ۽ ڳڻتي وارا معاملا قرار ڏنا ويا. ان کان علاوه سنڌ ۾ هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ واري قدرتي هاڃيڪارين ۾ قوم جي بيوسي ۽ تمام وڏڻ معاشي نقصانن جي پورائي ۽ عوام جي بحالي ۽ هنگامي بنيادين تي انهن کي مدد مهيا ڪرڻ ۽ برباد تعليمي سرشتي ۽ صحت مرڪزن جي بحالي ۽ وفاقي ۽ صوبائي سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ سنڌ جي عوام جي حقن کي يقيني بنائڻ جا يڪرا مطالبا ڪيا ويا ۽ تباهه حال سنڌ جي بحالي لا هنگامي بنيادن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۽ قومي سطح تي پڻ سمورن ساڃاهه وندن کي گڏجي اپا کڻڻ تي پڻ اتفاق ۽ ايڪتا وارا اظهار ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button