سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي تي رياست سان گڏ ڪجهه “مها انقلابين” عرف ڪند ذهن ڪميونسٽن کي ڏاڍي ارهائي ٿي پئي آهي. (هتي اسان جي سمورن ڪميونسٽن تي تنقيد ناهي، ڇاڪاڻ ته سالم دماغ ڪميونسٽن ثقافت جي اهميت، ان جي تاريخي ارتقا جي حالتن ۽ اهميت کي سمجهندي، سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهايو.) چي “مزدرون جو ڪو به ڪلچر نه ٿيندو آهي.” ان مان ته صاف ظاهر آهي ته وٽن مزدور رڳو هڪ “معاشي” ڪيٽيگري آهي، مزدور جي ٻي ڪا به زندگي نه ٿيندي آهي، سواءِ معاشي سرگرمي ڪرڻ جي. اهڙي بازاري مارڪسزم جي ڪري ئي اڄ ڪجهه بنيادي نوعيت جون ڳالهيون ڪرڻ تي دل چوي ٿي.
ڪلچر يا ثقافت، جنهن جي هڪ معنيٰ تهذيب جي به ورتي وڃي ٿي، ماڻهوءَ جي مادي (مٽيريل) ۽ ذهني (روحاني) سرگرميءَ جو نالو آهي. اينٿروپالجي (بشريات) موجب ثقافت سماجي طور حاصل ڪيل قدرن، عقيدن، ۽ روين ۽ اخلاقي قائدن جو ڪامل سرشتو آهي، جيڪو ڪنهن به سماج ۾ قبوليل روين جي دائري جي حدبندي ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ڪلچر کي سڄي سماج جي “طرز زندگي” قرار ڏنو وڃي ٿو، جنهن ۾ اخلاقي ضابطا، ويس وڳا، ٻولي، ريتون رسمون رواج، روين جا قدر، عقيدن جا سرشتا اچي وڃي ٿا، پر سوال بنيادي طور آهي ئي اهو ته اهو ڪل سماج جي ميراث هئڻ باوجود ان جو خالق ڪير آهي؟ اسان جي نظر ۾ ڪلچر صورت (Form) ۾ کڻي قومي يا حاڪم طبقي جو لڳي ٿو پر ان جو مواد (Content) پورهيت ٿيندو آهي. ٻين لفظن ۾ دنيا جي سمورين تهذيبن ۽ ثقافتن جو اڏيندڙ بنيادي طور ٿيندو ئي محنت ڪش ۽ پورهيت آهي. پر جيئن ته ڪو به سماجي ڍانچو حاڪم پيداواري رشتن تحت ئي جڙندو آهي، اهڙي نموني، جيڪي ڌريون پيداواري وسيلن تي قابض هونديون آهن، آخري تجزئي ۾ اهي ئي حاڪم پيداواري رشتن جي حيثيت ۾ ڪنهن به سماج جو ڍانچو تشڪيل ڏينديون آهن، تنهنڪري، ڀاسڻ اهو لڳندو آهي ته اهي سڀ تهذيبون ۽ ثقافتون دراصل حڪمران طبقن جون ئي اڏيل هونديون آهن. اسان جي نظر ۾ ايئن ڪونهي. سماج جا سمورا قدر پوءِ اهي روحاني هجن يا مادي، بنيادي طور پورهيتن ۽ محنت ڪشن جي پيداوار آهن. مهين جي دڙي جي تهذيب ڪنهن تخليق ڪئي؟ ان جي اسٽوپا، ان جي سوئيمنگ پول، ان جي شاندار گهٽين، ديوارن ۽ ڊرينيج جو خالق ڪير هو؟ بابل ۾ نيبوچڊنيذر پنهنجي زال لاءِ جيڪي لڙڪندڙ باغ اڏيا، ڇا اهي هن پاڻ اڏيا هئا؟ مصر جا اهرام فرعونن پاڻ تعمير ڪيا هئا؟ تاج محل ڪنهن اڏيو هو؟ شاهجهان؟ اڄ جي بورجوا تهذيب جي علامت برج الخليفا شيخ زيد بن النهيان اڏيو آهي؟ يقينن نه. انهن پويان لکين پورهيتن جو پورهيو ڪارفرما هو ۽ آهي. جن اهڙيون عظيم تهذيبون بيهاريون. پوءِ نيٺ توهان يعني ڪند ذهن ڪميونسٽ ڇا ڪندئو؟ جيئن طالبان باميان ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جي مجسمن کي “ڪفر” جي علامت سمجهي مسمار ڪري ڇڏيو، ڇا ڪميونسٽ به مهين جي دڙي، مصر جي اهرامن ۽ تاج محل وغيره کي غلامداراڻي، جاگيرداراڻي ۽ بورجوا تهذيب جون علامتون چئي بم هڻي تباهه ڪري ڇڏيندا؟ توهان نيٺ ڪهڙي قسم جو ڪميونسٽ سماج قائم ڪرڻ چاهيو ٿا؟
خير، اهڙي روش کي روس جي انقلابي رياست کي به منهن ڏيڻو پيو. آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ اهڙا “انتهاپسند انقلابي” به هئا، جن ان بنياد تي ته اهو بورجوا آهي سڄي پراڻي ڪلچر کي برباد ڪري “پرولتاري ڪلچر” جي تخليق جي تجويز ڏني، جنهن ۾ ماضيءَ جي ڪا به شئي مشترڪ نه هجي. ڪجهه “مها انقلابين” ته اها به تجويز پيش ڪري ڇڏي ته پوشڪن جهڙي عظيم روسي شاعر جي لکڻين کي تاريخ مان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو وڃي. لينن مٿن سخت تنقيد ڪئي هئي ۽ کين ٻڌايو ته پرولتاري ماضيءَ جي ترقي پسند جمهوري تهذيبي روايتن جو محافظ آهي ۽ مهذب نموني سان انهن کي جاري رکي ٿو. سوشلسٽ ڪلچر کي خاليءَ جاءِ تي قائم نٿو ڪري سگهجي. ان کي ترقي ڏيڻ لاءِ پنهنجي ذهن کي علم جي ان سڄي دولت سان مالامال ڪرڻ جي به ضرورت آهي جيڪا انسانيت جي پورهئي جو نتيجو آهي.
ماڻهو پنهنجي سرگرميءَ ۽ باهمي لاڳاپن سميت هڪ سماج هوندا آهن. ماڻهوءَ جي هر سرگرمي ان جي سماجي رشتن تحت ئي ٿيندي آهي. مارڪس فائرباخ تي پنهنجي ڇهين ٿيسس ۾ هڪ ڀلي ڳالهه ڪئي هئي ته “ماڻهو سماجي رشتن جو مجموعو آهي.” ڇا سماجي رشتا رڳو پيداواري ٿيندا آهن؟ تهذيبون ۽ ثقافتون به ماڻهوءَ جي سماجي لاڳاپي ئي اظهارين ٿيون. ماڻهوءَ کي ان لاڳاپي کان ٻاهر ڪڍي توهان ڪيئن سمجهي سگهندا؟ ڇا ڪند ذهن ڪميونسٽن وٽ ان جو جواب آهي؟