سنڌ ۾ هيلوڪي هٿرادو ٻوڏ هنڌين ماڳين جيڪي هاڃا ڪيا، تنهن الميي جي اُپٽار وقت سان گڏ جھڪي ٿيندي ٿيندي، اڄڪلهھ اها ناهي رهي جيڪا مُهڙ ۾ هئي. هونئن به اسان وٽ اهو معمول رهندو آيو آهي ته سنڌ مٿان آيل ڪنهن به ڏُکي ويل بابت وقتي واڪا ڪري، وري اسين جهڪا ٿي ويندا آهيون ۽ اهو ئي حال گهڻي ڀاڱي اسان جو هيلوڪي ٻوڏ وارن سُورن ڏانهن ڏسجي ٿو. حالانڪ اها سڀني کي سُڌ هئي ته ٻوڏ سٽيل سنڌ جي عام لوڪ جي سهائتا رڳو شروع وارن ڏينهن ۾ کين وقتي ماني ڳڀو يا ڪو خيمو مهيا ڪرڻ تي دنگ نه ڪندي بلڪ اصل ڪم ٻُڏل ماڻهن جي ڳوٺن ڏانهن واپسي کان پوءِ ئي سامهون اچڻو آهي. ها، اهو اصل بحالي وارو ڪم، جنهن بابت سنڌ حڪومت پاڻ اعتراف ڪرڻ لڳي آهي ته گهربل مقدار ۽ معيار وارو نه پيو ٿي سگهي. تڏھن اسان جي وطن دوست ڌرين مٿان جيڪا ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، ڇا اها پوري ٿي رهي آهي؟ اهو آهي پنهنجو اڄوڪو سوال، جنهن جا پاڻ کي پيرا کڻڻا آهن. ان سان گڏ اهو به ڏسڻو آهي ته جيڪڏھن ٻڏل لوڪ جي بحالي لاءِ ڪا سياسي ڌُر وک کڻي رهي آهي ته ان گڏيل مقصد لاءِ اسين هڪ ٻئي سان ڪيئن ۽ ڪيترا سهڪاري ٿي ٿا سگهون. اصل ۾ عوام جا ڏُک سُور محسوس ڪرڻ واري حرارت اسان ۾ جيڪڏهن باقي رهي آهي ته پوءِ پنهنجي شهر مان نڪري سنڌ جي ڪنهن به پاسي هليا وڃون ۽ پوءِ اچي پنهنجي منهن ليکو ڪيون ته اسين سڀ هي جيڪو پنهنجي پر ۾ سنڌ کي ڪلهو ڏيو بيٺا آهيون، تنهن جو ڪُلهي جو ڪوئي ڪارج به آهي؟ آئون اهو نٿو چوان ته اسين سڀ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ جيڪو ڪجھه ڪري رهيا آهيون، سو مڪمل طور تي اڪارج يا اجايو آهي، پر اهو بهرحال ايترو ڀلو ڪنهن به ريت ناهي، جنهن سان انهن ماڻهن جو حقيقي ڀرجهلو ٿي سگهجي، جيڪي سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ اهڙن سردارن، پيرن، ميرن، شاهن، نوابن، راڻن ۽ سيٺين جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن، جن وٽ انهن جيئرن جاڳندن انسانن جي حيثيت پنهنجي شوق جي پاليل جانور جيتري به ناهي. اهو ايئن ته ڪنهن وڏيري جي ننڊ پنهنجي گهوڙي بيمار ٿيڻ تي ته ڦِٽي سگهي ٿي پر ٻوڏ کان پوءِ سخت وبائي اگهائي ۾ ان هاري جي ڪِنجھه تي ڪڏهن به، جنهن هاري جي پورهئي تي اهو حرامخور طبقو نسل در نسل پلجندو پيو اچي. ياد رکو سنڌ جي اقتداري پارلياماني سياست، جنهن جي ذمي سنڌ جي عام لوڪ جي مسئلن جو حل طئي ڪرڻ آهي، سا جيئن ڪٺور، موقعي پرست ۽ چاپلوس گروهن جي ور چڙهي وئي آهي، تيئن عوام جي ابتري، محڪومي، محرومي توڻي غلامي جي ذميوار انهن ڌاڙيل طبقن سان اسين اوئين نه پيا جهيڙيون جيئن جهيڙڻ جي حقيقي معنيٰ ۾ گهرج آهي.
ان تناظر ۾ ٻوڏ کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ ڀڳل ٽٽل کنڊر جهڙن رستن مٿان چنگچين ۾ سٿيل بيمار، بکايل ۽ هيسيل عوام جا هيڊا چهرا اسان کان تقاضا ڪري رهيا آهن ته ٻيلي ڪٿي آهيو!؟ اهي ماڻهو جيڪي اسان جي شاعري، ادب ۽ ڊگهين ڊگهين تقريرن جو موضوع ڪالھه به هئا ۽ اڄ به آهن پر انهن جي نجات واري عملي سياست جو مٿو جڏهن کان اڇو ٿيو ته وري انهن ماڻهن ڏانهن مڙي به نه ڏٺو ويو ۽ جمهوريت جي ٽڪساٺ جي آسري ۾ عوام انهن واڳوئن جي وات ۾ اچي ويو، جيڪي واڳون مختلف جهنڊن جي جُهنڊ ۾ لڪي، عوام جي تقديرن جو ڌاڙو هڻي رهيا آهن.
حالانڪ جيڪي حالتون آهن، تنهن ۾ ته انهن اقتداري ٽولن کي اصل ۾ اها پريشاني هئڻ گهرجي ته متان عوام غصي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي، انهن جي خلاف نه ٿي وڃي پر ايئن ناهي. اهي اقتداري ٽولا اڄ به بيپرواهھ آهن ۽ انهن ڀڳل ٽٽل رستن تان پنهنجون وڏيون ڌمتال لکن ڪروڙن واريون گاڏيون گولي جي رفتار سان ڊوڙائيندا، ٻُڏل لوڪ جي سُورن کي لتاڙيندا پنهنجن فارم هائوسز ڏانهن ويندا ۽ ايندا ٿا رهن. اهو ٻُڏل لوڪ جن جي ووٽ ئي کين اتي پهچايو آهي، جتي هو پنهنجين گاڏين ۾ ايم اين اي يا ايم پي اي وارا ٽيگ سجائي هلن ٿا. ظلم اهو به آهي ته اهو سڀڪجهه وري جمهوريت جي نالي تي ٿي رهيو آهي. جمهوريت جي نالي سان اهڙي ڦرلٽ ۾ اهي به شمار آهن جن جي منشور ۾ طاقت جو سرچشمو عوام درج ٿيل آهي ته اهي به شريڪ آهن جن جي ميراث ۾ ڪڏهن اها حُريت به رهي هئي، جنهن حُريت “وطن يا ڪفن” جو نعرو هڻي پنهنجي ظرف جي حد مقرر ڪئي. ان ڦرلٽ ۾ اهي به شمار آهن جن جي وڏڙن وٽ راڄ ۽ ان راڄ جي رکوالي کان مٿي ڪجھه به اهم نه هو. ها جن جي وڏڙن جن سچائي ۽ عوام دوستي جي حد اها هئي پنهنجي راڄ جي مرڻن توڻي پرڻن ۾ پاڻ پيرن ڀر بيهي ڪم ڪندا هئا ۽ هر غريب جي گهر جو ڪو به اوکي سوکي وارو معاملو پنهنجو ڪري سمجهندا هئا ۽ ان جي حل واسطي هر وس هلائيندا هئا.
پر اڄ اتي ڪير آهن؟ اڄ اتي لطيف سائين جي فڪر جي سهائي سان ڏسون ته “چِٻ چڙهي ويٺل آهن”. هاڻ سوال اهو آهي ته ان سموري ڪوڙ ۽ دولاب واري انهي ڌُُنڌ مان اها راهه ڪيئن هموار ڪجي جو سنڌ جي عوام کي واضح نظر اچي ته هيستائين هو جن جي پويان نسلن کان هلي رهيا آهن، سي ئي سندن حال وسلين جا اصل ويري آهن. ان لاءِ منهنجي نظر ۾ سنڌ جي جواني کي سنڌ جي انهن ڌرين سان عملي طور سلهاڙجڻ جي ضرورت آهي، جيڪي پنهنجي سياسي ڄمار ۾ ڀل کڻي اڃان پهريان پير کڻڻ لڳيون آهن پر پوءِ به انهن جو طرف درست آهي. ان ۾ سنڌ اندر ڳولي ڏسي سگهجي ٿو ته ڪير ڪير آهن، جيڪي پنهنجي قومي، طبقاتي ۽ جمهوري سوال کي نج سائنسي، روشن خيال ۽ عوام دوست فڪر سان کڻڻ وارا آهن ۽ ڪهڙا آهن جيڪي اسٽيٽسڪو جا نسل در نسل حصيدار آهن؟ منهنجي نظر ۾ اها پرک ڪرڻ سنڌ جي هر ان نوجوان لاءِ لازمي آهي، جيڪو ٻه درجا پڙهيل آهي يا پڙهيل نه به آهي پر سمجھه رکي ٿو ۽ ان جي ڄمار ويھه سال ٿي چڪي آهي. اهو جيڪو ووٽ ڏيڻ جي به اهل آهي ته اڳيان ڏھه سال ان جو سجاڳي وارو سياسي عمل هن ديس لاءِ وڏي وٿ به ثابت ٿي سگهي ٿو. پاڻ اهو به نٿا چئون ته سنڌ جا اهي نوجوان پنهنجو سڀ ڪجھه ڇڏي رڳو سياست ڪن، ايئن ڀلي نه به هجي پر اهڙن نوجوانن کي پنهنجي سوچ ۽ سمجھه جي اڱڻ جي صفائي ته پهرين فرصت ۾ ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ جيترو به ممڪن ٿي سگهي سنڌ ۾ روشن خيال ۽ پورهيت دوست سياسي عمل جي ممڪنات لاءِ پنهنجي پنهنجي وستي واهڻ ۾ راهه هموار ڪرڻ لاءِ جيترو به وقت ڪڍي سگهن اهو کين لازمي ڪڍڻ گهرجي.
ڇاڪاڻ ته ان ڪم لاءِ وڌيڪ انتظار جي سچ به ته گنجائش ناهي رهي. اهو ان ڪري جو اها ٻي ڪنهن جي به نه پر سنڌ جي ان نوجوان جي ئي مٿي جي ڀري آهي، جنهن لاءِ ايندڙ وقت اڃا به وڌيڪ مفلسي، بيروزگاري ۽ افراتفري وارو اچي رهيو آهي. هي ملڪ جنهن اوجهڙ ۾ هلي رهيو آهي، تنهن ۾ اڃا وڏو عرصو عوام جي نجات جون اميدون رولڙي ۾ لڳن ٿيون. ٻيو ته ٺهيو پر هن دور ۾ خود اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اندر شديد بحران جو شڪار بڻجي چڪي آهي ۽ ان بحران جا اثر سڄي ملڪ تي جيئن پوڻ شروع ٿيا آهن، تنهن ۾ سنڌ سڀ کان گهڻو ڀوڳيندي. ان ڪري سنڌ جي نوجوان کي مستقبل جي انهن سمورين تبديلين تي نظر رکڻي پوندي.
هتي پاڻ عوامي جدوجهد جي فڪري استادن جي اها ڳالهھ به ڪندا هلون ته حالتون ڪيتريون به خراب ڇو نه هجن يا اڳيان اڃا به خراب ٿين پر نااميد ناهي ٿيڻو، پويان پير ناهن ڪرڻا. دنيا ۾ قومن اسان کان هزار ڀيرا وڌيڪ ڀوڳيو آهي پر جڏهن انهن قومن پنهنجي فڪر، سوچ ۽ عمل جا سڙهه سڌا ڪيا ته سُورن جا سڀئي تار تري نڪتيون. اسان کي به ايئن ئي ڪرڻو آهي. جنهن ۾ سڀ کان پهرين ۽ بنيادي وک اها کڻڻي آهي جو عوام کي اهو سمجهائڻو آهي ته هي جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو سندن ازلي دشمن آهي. ان کان پوءِ ان دشمن کان نجات جي راهه جي تعين جو جيتري قدر تعلق آهي ته اها راهه فقط اها ئي آهي، جنهن ۾ طبقاتي فرق ميٽجي وڃن. ياد رکو! بظاهر اهو ڪم ڪٺن لڳي ٿو پر ڪرڻو سنڌ جي نوجوان کي اڳي پوءِ اهو ئي پوندو. اهو ان ڪري جو سماج سياست کان سواءِ سنوت ۾ اچي نٿو سگهي ۽ هيستائين جي سياسي تاريخ ۾ عوام جي حق ۾ فقط اها ئي سياست ثابت ٿي آهي، جنهن ۾ عوام پنهنجن وسيلن ۽ اختيارن جو پاڻ ڌڻي هجي. جيئن صديون اڳ سنڌ اهو نعرو هڻي به چڪي آهي ته: “جو کيڙي سو کائي”. باقي اڄ ان نعري جي ميراث ڪنهن جي هٿن ۾ آهي ۽ اهي پنهنجي فڪر عمل ۾ ڪٿي بيٺل آهن؟ اهو هو پاڻ طئي ڪن ته ڀلو. باقي سنڌ جي نوجوان کي وري به اها سنڌ ئي اڏڻي پوندي، جنهن ۾ جيڪو کيڙيندو سو کائيندو. ان کان سواءِ اسان جي نسلن جي نجات جو ٻيو ڪوبه رستو ناهي.
پاڻ جيئن مُهڙ ۾ ئي اهو ذڪر ڪري آياسين ته اسان کي هاڻ بنا ويرم جي اهو ويچارڻ گهرجي ته سنڌ جي عوامي بحالي ۽ آجپي وارن گڏيل مقصدن لاءِ ڪيئن ۽ ڪٿي هڪ ٻئي سان سهڪاري ٿي ٿا سگهون ته پوءِ اڄ پاڻ سنڌ جي قومي، جمهوري ۽ طبقاتي مزاحمت جي اُهڃاڻي پَڊن خيرپور ناٿن شاھه، ميهڙ ۽ نصير آباد توڙي وارهه کان ويندي لاڙڪاڻي تائين جي عوام خاص طور نوجوانن کي اهو نياپو ڏيڻ ٿا چاهيون ته جيترو به ٿي سگهي ٻيلي ان “سنڌ بحالي مارچ” سان اچي جُڙو، جيڪا مارچ عوامي ورڪرز پارٽي جي ميزباني ۾ خيرپور ناٿن شاھه ۽ مٿي ڄاڻايل شهرن کان ٿيندي پنجن ڏينهن جو پنڌ پُڄائي لاڙڪاڻي پهچڻي آهي. سردارن ۽ جاگيردارن جي گهيري ۾ آيل انهن پَڊن جي جواني کي بنا ڪنهن سياسي فرق جي، هن عوامي پنڌ ۾ پنهنجي پوري سگهه شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي ڦُورو طبقن ڏانهن اهو واضح پيغام وڃي سگهي ته سنڌ جو نئون سياسي فهم سندن آپيشاهي جي تڏا ويڙهه لاءِ سنبري چڪو آهي. اڄ ڪنهن هڪ سياسي ڌُر جو نه پر سموري سنڌ جو سوال آهي ۽ ٻوڏ ۾ سڀني سياسي ڌرين جا سنگي ۽ سندن ويڙها ٻُڏا آهن. ٻيو ته حقيقي عوامي انقلابي شعور رڳو پنهنجن حمايتي حلقن نه پر سموري محڪوم ۽ مظلوم طبقي جي واهُر جي تقاضائن آڏو ذميوار هوندو آهي ۽ اها گڏيل ذميواري اڄ تاريخ اسان سڀني مٿان لاڳو ڪئي آهي. سو اچو ته پنهنجي ذميواري ادا ڪندي، سنڌ وطن جي لوڪ جي بحالي واري هن گڏيل مقصد ۾ هڪ ٻئي سان سهڪاري ٿيون.