ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف جي آسري هلندڙ معيشت

Editorial

گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان ملڪ جي معيشت آءِ ايم ايف جي آسري هلي رهي آهي. عمران خان جي حڪومت آَءِ ايم ايف کان رڪارڊ قرض کڻي ملڪي معيشت کي جيڪو نقصان پهچايو ان جو ازالو اڃا تائين ڪونه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته هاڻوڪي حڪومت مان اهي اميدون پئي ڪيون ويون ته اها ملڪي معيشت کي پاڻڀرو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي پر هن حڪومت به ٻوٽو ڪونه ٻاريو ۽ آءِ ايم ايف جي پروگرام کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن سان نه ته ملڪي معيشت بهتر ٿيڻ جا امڪان آهن ۽ نه ئي وري عوام جي معاشي حالت ۾ ڪو سڌارو ايندو. ڪجهه ڏينهن کان معاشي ايمرجنسيءَ جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن. جيڪڏهن صورتحال واقعي به معاشي ايمرجنسي جهڙي آهي ته پوءِ ملڪي معيشت ڪنهن به ريت بهتر حالت ۾ ڪونهي ۽ نه ئي ان جا ويجهڙ ۾ ڪي امڪان نظر اچي رهيا آهن.
ملڪ کي درپيش معاشي بحران سبب ناڻي واري وزارت هلندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ ساڍا 3 ارب رپين جي ڪٽوتيءَ جي تجويز جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته منصوبابندي واري وزارت ڪٽوتين جي تجويز جي مخالفت ڪري رهي آهي. ايڪسپريس نيوز کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي دٻاءُ سبب ناڻي واري وزارت هلندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ 48 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن تحت ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تحت ناڻي جي ترقياتي بجيٽ ۾ 350 ارب رپيا گهٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب ترقي ۽ رٿابندي واري وزارت فنڊن ۾ گهٽتائي جي مخالفت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته منصوبابندي واري وزارت ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي واري معاملي تي اختلاف راءِ جو اظهار ڪندي معاملو وزيراعظم وٽ اٿارڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. پلاننگ ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو. هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 727 ارب رپيا رکيا ويا هئا، پهرين 4 مهينن دوران مختص ڪيل ترقياتي بجيٽ جو رڳو 14 سيڪڙو يعني 98 ارب 78 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهيو آهي. ٻئي طرف وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کان وڌيڪ بليڪ ميل نه ٿيڻ، ملڪ ۾ معاشي ايمرجنسي لڳائڻ ۽ چونڊون 2024ع تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ حڪومت سخت اپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. معيشت جي ڏکي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ وڌيڪ آءِ ايم ايف جي دٻاءَ ۾ نه اچڻ ۽ شرط نه مڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪري سخت اپاءَ ورتا ويندا. چونڊون 2024ع تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ معيشت جي بهتري لاءِ هر اپاءُ ورتو ويندو. هوڏانهن ناڻي واري ڊويزن ملڪ ۾ اقتصادي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي ۽ حڪومت جي ڪوششن سان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جو پروگرام ٻيهر ٽريڪ تي اچي ويو آهي ۽ نائين جائزي تي ڳالهيون اسٽيج تي اڳتي وڌي رهيون آهن. فنانس ڊويزن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان ۾ معاشي ايمرجنسي بابت غلط پيغام سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته فنانس ڊويزن اهڙين دعوائن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اقتصادي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪي معيشت کي رڳو آءِ ايم ايف جي ٽيڪ تي نٿو هلائي سگهجي پر ان لاءِ ڪي اهڙيون رٿابنديون ڪرڻيون پونديون جن وسيلي ملڪي معيشت پاڻڀري ٿي سگهي ۽ ملڪ تان قرض جو بار لاهي سگهجي. پر ان لاءِ ضروري آهي ته ڪي اهڙا اپاءَ ورتا وڃن جن سان عوام تي ڪو بار نه پوي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button