سنڌي سماج هن وقت هڪ عجيب دور مان گذري رهيو آهي، اسان جو سمورو سماجي ڍانچو ئي ناڪاري بڻجي چڪو آهي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌي سماج منطق ۽ دليل بدران جذباتي نعري بازي تي بيٺل آهي. هر پاسي کان جذباتي نعرا ته ٻڌڻ ۾ اچن ٿا پر ڪا به منطقي ڳالهه يا دليل ٻڌڻ لا نٿو ملي ۽ نڪو وري سنڌي ماڻهو ان کي ٻڌڻ لا تيار آهن. اسان وٽ اڻڳڻيا اهڙا جذباتي نعرا آهن جن جي آڙ وٺي اسان هڪ ٻئي جو پٽڪو ئي ڌوڙ ڪيو ڇڏيون. جهڙوڪر: ايشيا جي وڏي ۾ وڏي سياسي ليڊر کان ويندي ايشيا جو وڏي ۾ وڏو سائنسدان، وڏي ۾ وڏي بازار، وڏي ۾ وڏو شاعر، ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم، دنيا جو وڏي ۾ وڏو ترجمي نگار وغيره سڀ اسان سنڌين وٽ ئي آهن ۽ اهي سڀ وڏا ۽ وڏيون هوندي به جڏهن سنڌي سماج تي نظر وجهجي ٿي ته خبر پئي ٿي “نالو وڏو ديهه ويران.” مطلب اسان وٽ حقيقت ۾ ڪجهه به نه آهي.
انهن سڀني وڏن ۽ وڏين جي هوندي به سنڌي سماج جنهن ۾ اسين ساهه کڻي رهيا آهيون، اهو بدبودار ٿي چڪو آهي. سنڌي سماج جو دنيا جي ترقي ۽ ڏاهپ ۾ ڪوبه هاڪاري ڪردار نظر ئي نٿو اچي. ڇا اسان سنڌين لا اهو سوال واجبي ناهي ته اسين جيڪي هي مهانتا جون ڪوڙيون پٽيون ٻڌي گهمي رهيا آهيون، اسان جي هن سماج گذريل ڇهه سو سالن ۾ ڌرتي جي گولي کي ڏنو ڇا آهي؟ نه اسان سنڌين جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڪو ڀاڱو آهي، نڪو وري اسان جو دنيا جي علم، ادب ۽ ڏاهپ ۾ ڪو ڀاڱو آهي. ان هوندي به اسان نڪ جي پڪائي ڪري اهو چوندي نٿا ٿڪجون ته اسين “عظيم تهذيب جا وارث ۽ تسلسل” آهيون.
جيڪڏهن اسين ڪنهن عظيم تهذيب جا وارث ۽ تسلسل آهيون به ته پو هن وقت اسان جو حال به وڏيري جي ان عياش پٽ جهڙو آهي جنهن کي وراثت ۾ هزارين ايڪڙ زمين ملي جيڪا هن شراب، جوا ۽ ماين تي وڃائي ۽ هاڻي بيشرمي مان چوندو وتي ٿو ته منهنجو ڪوبه سڄڻ نه هو. مون سان جيڪو به مليو ان رڳو مون کي ڦريو جنهن جي ڪري منهنجا هي حال ٿي ويا آهن. سنڌي سماج جي حالت بلڪل ان چوڻي جيان آهي ته:
“هلڻ پاڻ کان نه پڄي ڏوهه گوڏن جو.”
مون کي ته اڄ ڪلهه لڳي ٿو، اڄوڪي سنڌي سماج جي “قومي راند” گار ڏيڻ ٿي پئي آهي. جيڪو ماڻهو اسان جي نظرين، لکڻين، سياسي سوچ يا ليڊر جو مخالف آهي ان کي اهڙيون گاريون ڏيو جو وري ڪنڌ کڻي نه گهمي سگهي. جيڪو اسان جي خيال پو ڀلي اهو خيال ڪيترو به دقيانوسي ۽ پراڻو ڇو نه هجي، جيڪڏهن ان جي حمايت نٿو ڪري ته ان سان بلڪل “ڪاري” وارو حشر ڪرڻو آهي. ان جي پوڙهين پڪين کي به قبرن مان ڪڍي اچڻو آهي. پر سنڌي سماج جي گار ڏيڻ “قومي راند” ڪو اڄ کان نه رهي آهي، اها قومي راند ته لڳ ڀڳ چاليهه پنجاهه سالن کان هلندي پئي اچي. مثال جڏهن سائين عبدالقادر جوڻيجو يا ميڊم نور الهدى شاهه پي ٽي وي تي هڪ مخصوص پسمنظر ۾ ڊراما لکيا ته سنڌ جي انهن ٻنهي ليکڪن سان اسان جي مائروڙن اهڙي ته تاريخ ڇڏائي جو وڃي ٿيا ست خير. اسان اهڙا ته عقل جا اڪابر آهيون جو اهو به نٿا سمجهي سگهون ته افسانو ۽ افسانوي دنيا ڇا هوندا آهن ۽ انهن جون ڪهڙيون گهرجون هونديون آهن؟ اسان عقل جي اڪابرن کي اها ئي خبر ناهي ته دنيا جا مشهور ناول، ڪهاڻيون ۽ ڊراما ته لکيا ئي ڌاڙيلن جي پسمنظر ۾ ويا آهن. دنيا جو وڏي ۾ وڏو ناول ماريو پيزو جو “گاڊ فادر” سسلي جي انڊر ورلڊ تي لکيل آهي. ان ناول تي ٺهيل فلم به ڪمال جي آهي. اهڙي ريت هندستاني سينيما کي چار چنڊ هڻندڙ اڪثر فلمون جهڙوڪر: شعلي، ستيا، بينڊٽ ڪوئين، گينگز آف واسيپور وغيره سڀ جون سڀ ڌاڙيلن يا انڊر ورلڊ تي ٺهيل آهن، ۽ انهن فلمن هندستاني فلم انڊسٽري کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏئي ڇڏي. انهن فلمن جي ڪري سڄي دنيا جون نظرون هندستان جي فلم انڊسٽري ڏانهن ٿي پيون.
پر نه سائين نه… جيئن ته گار ڏيڻ اسان سنڌين جي “قومي راند” آهي، ان ڪري شين کي بنا سمجهي ئي اسان سنڌين کي گار ضرور ڏيڻي آهي، پو ڀلي سامهون عبدالقادر جوڻيجو هجي، ميڊم نور هجي يا ڪو ٻيو…. اڄڪلهه وري سنڌين جي ريڊار تي حفيظ ڪنڀر کان ويندي ڪليم ٻُٽ تائين ڪيترائي اهڙا ليکڪ آهن، جن کي گاريون ڏيڻ اسان پنهنجو قومي فرض سمجهون ٿا. گهران وڙهي نڪرون يا نشي پتي لا ڏوڪڙ نه ملن ته وارو ڪيو حفيظ ڪنڀر کان ويندي ڪليم ٻُٽ کي گاريون ڏيو ۽ پنهنجي دل جي باهه کي جهڪو ڪيو. اهي ٿيندا ڪير آهن جو اسان سان اختلاف ڪن، اسان جي سياسي سوچ کي مدي خارج ۽ قدامت پرست چون…. هلا ٿئو اسان سنڌين سان عقل ۽ منطق جي ڳالهه ٿا ڪريو… متان ويا آهيو…..
اسان سنڌين جي اهڙن روين جي ڪري سمورو سماج نرگسيت جي بيماري ۾ وڪوڙجي چڪو آهي. اسان کي پنهنجي پاڻ کان سوا ٻيو ڪير به نظر ئي نٿو اچي. اسان جي نرگسيت جو عالم اهو آهي ته ڪنهن ادبي نظرئي جي ڳالهه ڪجي ٿي ته پهرين پهرين اهو ٻڌڻ لا ملي ٿو ته ان جو ته اسان سنڌين سان ڪو واسطو ئي ناهي، اها علمي ۽ عقل واري ڳالهه ته اسان سنڌين جي ڪم جي ئي نه آهي. اسان جي سماجي حالتن جي ته اها گهرج ئي نه آهي. ڀلا جنهن سماج کي نئين علم، خيال، ڳالهه ۽ نظرئي جي گهرج نه هجي، ان جو حال ڪهڙو هوندو….؟ اسان جي اهڙن ناڪاري روين جي ڪري اسان جو حال ان مست ڍڳي جهڙو ٿي پيو آهي جيڪو ڀت ۾ سڱ هڻي پاڻ کي ئي زخمي ڪري رهيو آهي ۽ اسين سنڌي وري چئون ٿا ته اهو موهن جي دڙي جي نشاني ڍڳو وري هن دنيا جي گولي کي پنهنجي سڱن تي کڻي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان کي اها ڪوشش ڪرڻ ڏيو، ان جي اهڙي ڪوشش تي ان جي واهه واهه به ڪريو، جيڪڏهن اوهين ايئن نٿا ڪريو ته پو سنڌي قوم جا غدار ۽ دشمنن جا ايجنٽ آهيو…. ٻيو نه ته پڪ پ پ پ کان پيسا وٺندڙ اديب ۽ ليکڪ آهيو. سنڌي سماج لا مون کي اردو ٻولي جي مشهور افسانا نگار منٽو جو هڪ جملو ياد اچي رهيو آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو، ان اميد سان ته سنڌي جا عظيم ترجمي نگار ان مان گرامر جون چڪون نه ڪڍندا، ڏيان ٿو:
“مان ان سماج جو چولو ڇا لاهيندس جيڪو آهي ئي اگهاڙو، مان ان کي چولو پارائيندو به ناهيان، جو اهو منهنجو نه پر درزي جو ڪم آهي.”