ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي مڊل ڪلاس جو سياسي الميو

سنڌ جو سياسي ماحول ۽ سياسي تجزيو جيڪڏهن پاڻ طبقاتي نقطه نگاھه کان ڪنداسين ته سنڌ جي سياست ٻن پرتن ۾ ورهايل ۽ سلهاڙيل نظر ايندي. ورهايل مان مقصد هي آهي ته هڪ طبقو جيڪو حڪمراني ڪري ٿو يا جاگيرداري، ڀوتارڪي سياست ڪري ٿو ڀلي ان ۾ اهي فرد شامل هجن جيڪي پنهنجو طبقاتي پسمنظر جاگيرداري ۽ زمينداري جو نه رکندا هجن پر عملي طرح سان هنن جو سياسي ڪلچر رويو انداز ۽ فڪر اسان کي اهوئي نظر ايندو جيڪو جاگيرداري سياسي ڪلچر رهيو آهي.
پاڻ هڪ کان وڌيڪ دفعا سنڌ جي ۽ پاڪستان جي سياسي تجزين ۾ اشرافيا ڪلاس جي سياست انهيءَ جو ڪردار انهيءَ جا مفاد بحث آڻيندا رهيا آهيون جنهن ۾ اهوئي بحث ڪندي تجزيو ڪيو ويندو آهي ته هن طبقي جا سياسي مفاد هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ هجڻ جي باوجود پنهنجي طبقاتي مفادن جي بنيادن تي هڪ ٻئي سان تمام گھڻا اتحادي ۽ جڙيل رهيا آهن ۽ هي به تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي ته ڊامينيٽ سياست يعني مٿانهين پرت جي سياست پارٽين ۾ ۽ عمل ۾ سڀني تي گھرو اثر ڇڏيندي آهي تنهن ڪري مجموعي طور تي سياست جي ڌارا هڪڙي ئي مفاداتي ڪلچر ۾ رنگيل نظر ايندي.
سنڌ جي اندر سياست جي ٻي ڌارا (پاڻ پوري ملڪ جي سياسي طبقاتي تجزيي جي گھراين ۾ وڃڻ جي بجاءِ سنڌ کي آڏو رکي ڪري بحث ڪنداسين توڙي جو اها صورتحال ڪجھه فرق سان ٻين صوبن ۾ به تقريبن ساڳي آهي) اها سياست آهي جيڪا قوم پرستي يا طبقاتي سياست ڪندڙ نظر ٿي اچي ۽ ان سياسي ڌارا ۾ اڳواڻي کان ڪارڪنن تائين تمام وڏي اڪثريت جيڪڏهن پاڻ نوانوي سيڪڙو چئون ته ٺيڪ رهندي مڊل ڪلاس جي آهي. مڊل ڪلاس جو اهو طبقو رڳو قوم پرست ۽ طبقاتي سياست سان سلهاڙيل ناهي پر هي ڪلاس چڱي خاصي تعداد جي اندر اشرافيا ڪلاس جي سياست سان به ڳانڍاپيل آهي گھڻو ڪري اشرافيا ڪلاس جي سياسي ورڪر انهي مڊل ڪلاس مان آهي ڪهڙي به اشرافيائي سياسي پارٽي کي جانچي ڏسو ته ان ۾ تمام گھڻو متحرڪ ورڪر مڊل ڪلاس جو آهي ڀلي هو پارٽي جي عهدن تي نالي ماتر هجي پر انهيءَ جو سياسي ڪردار ورڪر وارو ئي نظر ايندو ڇو ته طبقاتي سياست جي اندر جاگيردار ۽ اشرافيا ڪلاس قيادت ۽ سياست پنهنجي ئي مفادن ۾ ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪن حالتن جي اندر ڪي هيڪڙ ٻيڪڙ فرد وچولي طبقي يا هيٺين ڪلاس مان ليڊرشپ جي اعتماد ۽ همدردي کي حاصل ڪرڻ ۾ اڳتي وڌي ويندا آهن ته انهن کي اهي پارٽيون پنهنجي پارٽي عهدن سان گڏوگڏ اقتداري ايوانن ۾ به نمائندگي ڏيارينديون آهن اقتداري ايوانن ۾ پهچڻ کان پوءِ اهي هيٺين طبقن کان مٿي ايندڙ فرد عوام ۽ سياسي طاقت ۽ نظريي تي اعتماد ڪرڻ جي بجاءِ ليڊرشپ جو ٿڌو ٿورو تصور ڪندي پنهنجو پاڻ کي انهن جي احسانن ۾ ايترو جڪڙائي ڇڏيندا آهن جو انهن جو حشر ۽ ڪردار غلام جي ڪردار کان به ٻه قدم اڳتي وڌيل نظر ايندو آهي ۽ هو پوري جو پوري سياست ليڊر شپ کي خوش ڪرڻ جي لاءِ سياسي اخلاقيات جا سڀ حد ۽ حدون اورانگي اڳتي وڌڻ جي جستجو ۾ نظر ايندا ۽ اهو هڪ اهڙو بدترين عمل ۽ الميو نظر ايندو آهي جو اهڙا فرد نه ورڪر جي مفاد کي اڳتي رکندا آهن نه پارٽي جي مفاد کي گھڻي ڀاڱي ڪرپشن جي خطرناڪ شيطاني گيم ۾ پارٽي ليڊر انهن جو استعمال وڏي اعتماد سان ڪندا آهن ڇو ته کين يقين هوندو آهي ته هي احسانن جي قيد جا ڪردار ۽ مالي حالت ۾ غريب جڏهن دولت ڪمائيندا ته به اسان جي ئي وفاداريءَ ۾ رهندا ۽ دولت ڪمائڻ کان پوءِ عملي طرح پنهنجو ڪردار تبديل ڪندي ٻئي مٿانهين ڪردار ۾ اچي ويندا انهيءَ کان وڌيڪ اشرافيا طبقي جي مفادن ۾ اهو شامل ٿي ويندو آهي ته هو پنهنجو هڪ ڪارڪن نواز تاثر پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب تصور ڪندا آهن ۽ ائين ٿيندو به آهي ته پارٽي جي ڪارڪن جي وڏي اڪثريت هڪ ٻن يا ڪجھه فردن تي نوازش ڏسي ان جي حاصلات جي لاءِ سڀئي خوشامد جي ڊوڙ ۾ هڪ
ٻئي کي پوئتي ڌڪڻ شروع ڪندي نظر ايندا آهن.
پارٽي جي ليڊر شپ هلڪن ڦلڪن مفاداتي ٽُڪرن کي ڦٽي ڪرڻ جي هلڪي حڪمتِ عملي اختيار ڪندي رهندي آهي جنهن ۾ هو ان ٽڙڪ ٺڳي جي حڪمتِ عملي ۾ هر وقت عمل ڪندي نظر ايندا پر مٿي تعداد هيٺين طبقي مان ايترو رکندي آهن جيئن اٽي ۾ لوڻ برابر. سياسي پارٽين جي اندر مڊل ڪلاس جو اهو سياسي الميو هوندو آهي ته وڌ کان وڌ قرباني ڏئي پنهنجا طبقاتي مفاد حاص ڪرڻ جي بجاءِ اهڙا بادشاهي فوج جا سپاهي بڻجي ويندا آهن جيڪي “شاباشي” ۽ ترقي جي امڪان کي دماغ ۾ رکي مسلسل عوام دشمن ۽ استحصالي سياست جو حصو رهندي پنهنجيون سياسي تلوارون عوامي مفادن جي خلاف وڙهائيندي نظر ايندا آهن.
وچولي طبقي جي سياست جو ٻيو الميو هي آهي ته اها سياست جيڪا قوم پرست ۽ طبقاتي سياست ڪئي ٿي وڃي انهي ۾ مڊل ڪلاس جو ورڪر سياسي رومانس ۽ نظريي جو اثر ته قبول ڪري ٿو پر ان جي هڪ وڏي اڪثريت نظريي کي گھراين سان سمجھڻ جي تڪليف ناهي ڪندي طبقاتي ۽ قوم پرستي جي سياسي جو رومانس پنهنجي دماغ ۾ اڀاري مستقبل جا سنهري خواب (جيڪي هر وقت ڏسڻ گهرجن) سحر آميزي سان ڏسندي گيتن ۽ جملن ۾ سياست ڪندي پنهنجي عملي وابستگي نظريي ۽ عوام سان رکڻ جي بجاءِ پارٽي ليڊرشپ سان جوڙي ٿو ڇڏي ڇو ته مڊل ڪلاس جي طبقاتي فطرت اهائي رهي آهي ته هو هيٺ ٿيڻ يا ڏسڻ جي بجاءِ مٿي ڏسندو آهي اها طبقاتي ڪيمسٽري ان کي طبقاتي ڪردار سبب ائين ڪرائي ٿي اهو عمل هو پنهنجي ڪاروباري ۽ معاشي عمل ۾ ڪندي ڪندي سياسي زندگي جي اندر به هو اهڙوئي ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو آهي هو جيترو وقت پنهنجي شخصي وفادارين جي سحر ۾ رهندي ليڊر جي تصورات ۾ گذاري ٿو اهائي نفسياتي بيماري هن کي پنهنجي ذات جي لاءِ به گھيري ٿي ڇڏي ۽ انهن اثرات ۾ هو پنهنجو پاڻ کي ليڊر شپ جي مفروضي ۾ جوڙيندي حال ۽ مستقبل جو ليڊر تصور ڪندو آهي تنهن ڪري هو هيٺ عوامي پرتن ۾ پورهيو ڪرڻ ضروري ناهي سمجھندو ۽ نه ان جي هو گھرج ئي محسوس ڪري ٿو. اهڙي روش سان هو پنهنجا تعلقات ليڊر شپ وٽ مضبوط ٿو ڪري پر پارٽي طاقتور ٿيڻ جي بجاءِ هڪ قدم اڳتي ۽ ٻه قدم پوئتي نظر ايندي.
مڊل ڪلاس جو اهوئي رويو هن کي پارٽي جي اندر گروهي ۽ انفرادي ڌارائن ۾ جوڙي ٿو وسيع تر قومي مفادن جي بجاءِ صرف ۽ صرف پارٽي مفادات ۽ پارٽي بالادستي جي بيماري جو مريض بڻجي ٿو وڃي ۽ هو مخالف گروهن ۽ سياسي پارٽين سان سياسي ۽ اخلاقي بنيادن جي بجاءِ شائونسٽنا رويا اختيار ڪندي نظر ايندو آهي جنهن جو وڌ کان وڌ فائدو پارٽين جي اندر يعني مڊل ڪلاسي سياست جي اندر ڏوهاري گروھه کڻندو رهيو آهي جيڪي پارٽي شائونسٽنا حڪمت عملي ڪري گروهن کي مضبوط ڪري اخلاقي مالي ڏوھه ڪندي سرگرم هوندا آهن ۽ پارٽي شائونسٽنا ڪلچر جو نتيجو هي ٿو نڪري ته ڏوهاري لوفر انهن جا هيروز بڻجي ٿا وڃن. سنڌ جي سياست جو هي بدترين الميو رهيو آهي جو گھڻي ڀاڱي قوم پرستي سياست انهيءَ گندي ۽ بدبودار ڌارا ۾ وهندي پنهنجو پاڻ کي هن وقت تائين تمام گھٽ آجو ڪري سگھي آهي ظاهر آهي ته عوام جي وابستگي سياسي نظرين کان وڌيڪ سياسي اخلاقياتي بنيادن تي ٿئي ٿي مڊل ڪلاس جيڪو پاڻ کي عوامي سگھه سان جوڙي پنهنجي سياسي طاقت وڌائڻ جي بجاءِ جڏهن عوام کان ڪٽيل رهندو ته نه ان وٽ عوام جي طاقت رهندي ۽ نه وري هن وٽ اخلاقيات جي بلندي جو ڪو تصور ۽ هٿيار رهندو جنهن ڪري هو سياسي طور تي هو عوام ۾ گھڻو ڪمزور رهي ٿو ۽ عوام جي موٽ نٿي ملي مڊل ڪلاس جو اهو ٻيو سياسي الميو آهي جيڪڏهن سنڌ جو قوم پرست ۽ طبقاتي سياست ڪندڙ مڊل ڪلاسي طبقو يا ٻين پارٽين ۾ ڪم ڪندڙ مڊل ڪلاسي ورڪر پنهنجي قومي طبقاتي مفادن کي ترجيح ڏيندي ڪردار نڀائي ته گھڻو ڪجهھ حاصل ڪري سگھي ٿو پر اهو خود اهو ٻيو يوٽوپيائي عمل
ٿيندو انهي جي لاءِ لازمي آهي ته سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن انقلابي پارٽي کي مڪمل طور تي نظرياتي سياسي ڪردار کي عملي طور تي ثابت ڪرڻ لاءِ عوام کي مضبوط ۽ طاقتور رشتو جوڙڻ کان سواءِ پوري مڊل ڪلاسي سياسي ڌارا کي تبديل ڪرڻ ڏکيو ۽ ناممڪن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button