ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان نيٺ ڳالهين تي راضي-I

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

فقط ٽي چار ڏينهن اڳ وزيراعظم شھباز شريف جي حڪومت، سندس اتحادي ڌرين جي گڏيل تنظيم پي ڊي ايم جا سمورا اڳواڻ ۽ خود ڳالهين کان انڪار ڪندڙ وفاقي وزير داخلا راڻا ثناءُ الله اھا دعويٰ ڪندا رهيا ته وزيراعظم شھباز شريف آئين مطابق طئي ڪيل مدي تائين حڪومت ھلائيندو رھندو. اڃا اھڙي ھام ھڻڻ وارن کي ٽي ڏينهن به ڪونه ٿيا آهن ته پنهنجن جي بيانن ۽ فيصلن جي ابتڙ نه رڳو راڻا ثناءُ الله نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ عمران خان کي خميس ڏينهن آڇ ڪئي آهي ته پي ڊي ايم سندس مطالبو مڃڻ واسطي تيار آهي پر شرط اهو آهي ته پھرين عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ واري پنهنجي موقف تي عمل ڪري. ھونئن ته سادي سودي حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن پي ڊي ايم وارا نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ ۾ سچا آھن ته وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو حڪمرانن پاران ھڪڙو اعلان ئي قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي ڄمار گھٽائي سگهي ٿو. اسيمبلين کي ٽوڙڻ بدران ھاڻوڪي پارليامينٽ ۾ باقي بچيل وقت لاءِ تحريڪ انصاف جا ميمبر به شريڪ ٿين ۽ وزير خزانه اسحاق ڊار طرفان صدر عارف علوي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه جي نتيجن کي عوام آڏو آڻي جمھوري سرشتي جي ٿوري گهڻي رھيل لڄ کي به بچائي سگھجي ٿو. تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي دلين اندر اڳ ۾ ئي حڪومت جي قول ۽ فعل تي بي اعتباري آهي تنهن ڪري کين ڪيئن پڪ ٿيندي ته راڻا تو مان راڄ ٿيندا، يعني پيپلز پارٽي جو سربراهه آصف زرداري ۽ جمعيت علما اسلام جو سرواڻ مولانا فضل الرحمان پنهنجي حڪمرانيءَ کي سندس چوڻ تي گھوري ڇڏيندا؟
جلاوطن مسلم ليگي رھنما ميان نواز شريف جي خاص نمائندي، ويجھي عزيز ۽ خزاني جي وزير اسحاق ڊار گذريل ھڪ ھفتي اندر صدارتي محل ۾ وڃي، چار ڀيرا صدر عارف علوي سان سياسي مفاهمت لاءِ ڳالهين جا بند ڪيل دروازا کولائڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي آهي جنهن بابت اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز تي خبرون عام جام آهن. جيتوڻيڪ عمران خان پنهنجي ھوڏ ۽ ھٺ تي بيٺي بيٺي ھڪ ڀيرو ٻيهر چتائي پيو ته ھو 25 ڊسمبر تائين ٻن ھفتن ۾ نه رڳو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين کي ڊاهي ڇڏيندو بلڪ اسلام آباد جو گھيرو ڪري پي ڊي ايم سرڪار تي سياسي دٻاءُ وڌائي کانئن پنهنجي فرمائش تي زوريءَ عمل ڪرائيندو. عمران خان کي ته انھيءَ ڳالھه جي ڪابه پرواهه ناهي ته ھڙتالون ۽ مظاھرا اڳ ۾ تباهيءَ جي ڪناري تي پھتل معاشي ڏيوالپڻي کي وڌيڪ ھٿي وٺائيندا. ھن کي ته ھر صورت ۾ حڪومت کپي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هڪ اداري جي نئين مقرر ٿيل سربراهه صدر عارف علوي سان ٿيل ھر ملاقات ۾ کيس قائل ڪيو ته معاشي بدحالي کي نظر ۾ رکندي اوھان پنھنجي ليڊر عمران خان کي سمجھايو ته سياسي عمل ۾ ڳالهين جا دروازا بند ڪرڻ سان ملڪ جو نقصان ٿيندو آهي. صدر علوي جڏھن اھو نياپو عمران خان کي لاھور پھچايو ته عمران خان ھاڻي ڪجهھ ٿڌو ٿيو آهي. ٽي ڏينهن اڳ ۾ پنجاب جي سياسي اڳواڻ ۽ نامياري قانوندان جناب اعتزاز احسن پڻ ھڪ بيان ذريعي تحريڪ انصاف جي سربراهه کي صلاح ڏني ته هو روزانو جلسا جلوس ۽ مظاهرا بند ڪري ۽ پنهنجن پوئلڳن کي ڪجھه ھفتن لاءِ ٿڪ ڀڃڻ جي مھلت ڏئي نه ته ماڻهو منجهانئس ڪڪ ٿي پوندا. لڳي ٿو ته ھنن ٻنھي سينئر سياستدانن جي صلاح تي ھو ھاڻي ڪجھه وقت لاءِ پنهنجي ضد تان لٿو آهي. ان وچ ۾ پنجاب جي هڪڙي سئو سالا سوشلسٽ دانشمند ڊاڪٽر مبشر حسن ھڪ ٽوئيٽ ذريعي عوام جي ڄاڻ واسطي ھي پيغام جاري ڪيو آهي جيڪو پاڪستان جي لمپن بورجوا سرشتي جي اصليت پڌري ڪري ٿو. اصول پرست سوشلسٽ رھنما فرمايو آهي ته:
ھونئن به راڻو ثنا الله پنھنجي قول ۽ فعل ۾ سچو آهي ڇا؟ تحريڪ انصاف جا ميمبر اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ فقط تڏهن راضي ٿيندا جڏهن عربستان جي ڪنهن به ملڪ جو بادشاهه پنهنجن سفيرن وسيلي لکت ۾ ٺاھه ڪرائي پڪ ڏياريندو ته پي ڊي ايم جا حڪمران پنهنجي قول تان ڦري نه وڃن. انھيءَ سلسلي ۾ جنرل پرويز مشرف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شھيد رھنما بينظير ڀٽو وچ ۾ عرب امارات ۾ 2007 جي وچ ڌاري ٿيل اين آر او معاهدي جو مثال ڏيڻ کان سواءِ 1977 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو واري پارليامينٽ جي مخالف ڌر پاڪستان نيشنل الائنس جي اڳواڻن سان سعودي سفير محمد الخطيب جي گارنٽي ذريعي قومي اسيمبلي جي ستر سيٽن تي ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو ٺاهھ ٿيو ھو جنھن جي ڀڃڪڙي ڪري تڏهوڪي فوجي سربراهه جنرل ضياءُ الحق لولي لنگڙي جمهوري نظام تي راتاهو هڻي، مارشل لا مڙهي ڇڏي ھئي. خير، پاڪستان ۾ ھاڻي مارشل لا مڙهڻ جي ڪنهن کي به طاقت يا خواھش نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته عالمي ادارا، يورپیين يیونيین، ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل ۽ رپورٽرس ود آئوٽ بارڊرس جھڙيون تنظيمون ۽ خود پاڪستان جون ھڙيئي سياسي پارٽيون توڙي باشعور ماڻهو ان جي ننھن چوٽيءَ سان مزاحمت ڪندا. وڏي ڳالهه ته ملڪ جي برباد ٿيل ساک ۽ بدترين معاشي بدحالي به اھڙي ايڊوينچر واسطي سازگار نه آهن.
“سرمائيداري نظام ھيٺ دٻيل ٽين دنيا جي ملڪن ۾ جمھوريت جو مطلب آهي پيداواري سرشتي مٿان قبضو ڪري ويٺل سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي جمھوريت!
ھي سڀ سرمائيدار پاڻ کي ملڪ جي ٽن چئن سياسي پارٽين مان ڪنهن هڪ اهڙي جماعت سان سلهاڙي رکندا آهن جيڪا سندن مالي مفادن جي پرگهور لهڻ سان گڏوگڏ وڌ کان وڌ ناڻو ڪمائڻ واري سندن ھٻڇ کي پورو ڪري سگهي. ھيٺئين وچولي طبقي کي ان سرشتي ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ جي به گهڻي ڀاڱي اجازت ڏيئي ڇڏيندا آهن ۽ خود پاڻ ئي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز جا مالڪ بڻجي ويندا آهن. اھڙي ريت ھو خدا جي خلق کي باور ڪرايو ڇڏين ته ملڪ اندر سياسي سرگرمين، تحرير ۽ تقرير تي ڪابه پابندي ناهي. عوام کي پوري آزادي آهي ته جڏهن وڻين حڪومت کي بدلائي ڇڏين. جيئن ته اسان اوهان جا خادم آهيون تنهن ڪري اسان کي ئي پنهنجن ووٽن سان چونڊي اسيمبلين ۾ اماڻيو. پر سياسي آزاديءَ جو مطلب اهو نه وٺجؤ ته اسان جي مالي مفادن کي ضرب ھڻي ڪڍو! جھڙو تھڙو سياسي ۽ معاشي سرشتو آهي، تنهن کي برقرار رکڻ لازمي اٿئو!
ٻيو ته هي کاٻي ڌر جا سوشلسٽ اڳواڻ ملڪ جو سياسي ۽ معاشي سرشتو بدلائڻ واسطي جيڪا جک ٿا ھڻن انهن جي ڳالهين ۾ متان اچو! ھي سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ نه رڳو جمھوريت جا دشمن پر دين ۽ دنياداري جا به ويري آهن. جيڪڏهن ھنن کي ووٽ ڏيئي حڪومت ۾ آڻيندا ته ھو اوھان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي آزاديءَ کي ختم ڪري ڇڏيندا. اسان جي ھاڻوڪي جمھوريت ۾ ته اوھين پنھنجو ڌنڌو ۽ واپار ڪري جھجھا ڏوڪڙ ڪمائي ۽ ان طريقي سان ترقي ڪندي ڪندي پاڻ به سرمائيدار ٿي سگهو ٿا.
“ھي بدبخت سرمائيدار خدا جي خلق کان اھا حقيقت لڪائي ڇڏيندا آهن ته ھاڻوڪي سياسي نظام ۾ نه رڳو حڪمران سندن کيسي ۾ پيل آھن بلڪ جج به سندن ٻانھا آھن. ان سان گڏوگڏ اخبارون ۽ ٽي وي چئنلز پڻ سندن ساٿارين جا آھن. ھن نظام ۾ ايئن به عام جام ٿيندو آهي ته ڪو غريب مسڪين ماڻھو حڪمرانن جي مدد سان رشوتخوري، بي ايماني ۽ بد ديانتي وسيلي جھجھا ڏوڪڙ ڪمائي وٺي ته ھي سرمائيدار اھڙن نو دولتين کي به پنهنجو بڻائي وئن ٿا.
“اھا آھي سرمائيدارن جي بورجوا جمهوريت جنهن ۾ غريب پورهيت ۽ ھاري ناري ويتر غريب ٿين ٿا، سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي ڌن دولت ۾ پورھيتن جي رت پگهر واري آمدنيءَ مان واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ ھو مچي مواڙ ٿيو وڃن. ھن استحصال واري سرشتي ۾ عالمي سامراج پڻ قرضن جو ڄار وڇائي ٽين دنيا جي پوئتي پيل قومن جي معدني وسيلن ۽ مالي ادارن تي قابض ٿي ويندا آهن.”
ڊاڪٽر مبشر حسن جنھن جي لاھور واري گھر ۾ سوشلسٽ انقلاب جو نعرو هڻندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽي جنم ورتو ھو. ھونئن ته ان پارٽيءَ جي “روٽي ڪپڙا ۽ گھر سڀ ڪنهن لاءِ” منشور کي 1977 وارين چونڊن ۾ ڀٽو صاحب وڏيرا، سردار، سرمائيدار ۽ جاگيردار ڀرتي ڪري، پاڻ ئي پنهنجن پيرن ھيٺان لتاڙي چيڀاٽي ڇڏيو ھو پر ھن مقبول عوامي منشور واري سياسي پارٽيءَ جي جيڪا حالت گذريل 15 سالن ۾ سندس وارثن ڪئي آهي تنهن کان سنڌ جو ٻچو ٻچو واقف آهي.
(ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button