ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪهاڻيءَ جي شروعات انسان جي خلقجڻ واري ڏينهن کان ئي ٿي آھي، ڪهاڻي جيڪا درد بڻجي سامهون ايندي آھي ۽ ڪهاڻي جيڪا ذهن جي بند دروازن کي کولي ڇڏيندي آھي. مون ڪٿي پڙهيو هو ته ڪهاڻيءَ ۾ گم ٿي لکڻ ايستائين جو وقت جي خبر نه پوي، اُها ئي ڪهاڻي مڃتا ماڻيندي آھي. سنڌ ۾ ڪيترائي سگهارا ۽ برجسته ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا آھن، جن جڏهن سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن، غريبن جي ڏونگر جيڏن ڏکن ۽ ڪُڌين ريتن رسمن کان بغاوت ڪري پنهنجي قلم سان ان کي ڪهاڻي ۾ اهڙو ائين بيان ڪيو جو احساس رکندڙ ماڻهن جڏهن پڙهيو، بي حس ماڻهن جڏهن ٻڌو ته انهن جي اکين تان ڪاري پٽي پاڻمرادو لهي وئي.
اهڙو ئي هڪ سچو ڪهاڻيڪار، سچو آئون کيس ان ڪري سڏيان ٿو، جو هو ڪهاڻيءَ سان وفا ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هو پنهنجي ڌرتيءَ سان وفا ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ هتي رهندڙ ماڻهن سان وفا ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هونءَ به پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن سان وفا ڪندڙ ئي سچو ڪهاڻيڪار ۽ تخليقڪار آھي.
سندس ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳندو آھي ته ڪهاڻيءَ کي هُن پنهنجي دل جي گهرائين ۾ لهي پنهنجي سماج جو پنهنجي زندگيءَ چٽو عڪس بڻائي لکيو آھي. اهو برجستو ڪهاڻيڪار زاهد منگي آھي.
زاهد منگي پنهنجي ڪهاڻين ۾ جيڪي ڪجھه لکيو آھي يا لکندو آھي اهو هن سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ عوام جي ڏکن جو عڪس آھي. سندس ڪھاڻين جا موضوع ڪنهن رومانيت جي غير حقيقتي ڳالهين تي ٻڌل ناهن پر، زاهد جي ڪهاڻين جا موضوع مور کنڀن جهڙا حسِين آھن، جن ۾ خوشين جا ٽهڪ به آھن، سڏڪن جا پڙلاءُ به، زاهد منگي کي جڏهن پهريون چڪر پڙهيم ته منهنجي دل ۾ اُها آس پيدا ٿي ته زاهد جون ڪهاڻيون منهنجي دل جو آواز آھن. زاهد منگي انهن ڪهاڻيڪارن مان آھي جيڪي پنهنجو درد لڪائي پهرين ٻئي جو درد لکندا آھن، جيڪي پنهنجي ڏکن کان اڳ ۾ سماج جي ڏکن کي لکندا آھن. اصل ۾ ائين کڻي چئجي ته اُهي دلين جا ترجمان ڪهاڻيڪار آھن تيئن ئي زاهد منگي به دلين جو ترجمان ڪهاڻيڪار آھي. جنهن جا لکيل سمورا خيال کيت مان گل چونڊيندڙ ان ڇوڪري جا سڏ آھن جيڪو پنهنجي پيارَ کي ساريندو آھي، ۽ ان جا سڏڪا پياري زاهد جا موضوع هوندا آھن.
حقيقتن جا ڪيترائي روپ ڪهاڻين ۾ شامل هوندا آهن، جن ۾ سچ جي صدا، وڇوڙي جا وڍ، يادن جا ڳرا روپ ۽ ڪنهن غربت ۽ مسڪينيءَ جو درد. هونءَ به ڪهاڻين جا موضوع ڀلي ڪيڏا به وسيع ڇو نه هجن پر جيڪڏهن ڪهاڻيڪار ان ڪهاڻيءَ سان نٿو نڀائي ته ڪهاڻي سڏڪندي آھي ڇو ته ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ ۾ روح ڦوڪيندو آھي. ان کان پوءِ ئي ڪهاڻي جنمن تائين زنده رهندي آھي. زاهد جون ڪهاڻيون به اهڙيون آهن سندس جيڪي به ڪهاڻيون لکيل آھن. اُهي پڙهندڙ کي گواهي ڏينديون آهن ته زاهد ساٿ نڀايو آھي، پر ڪهاڻي کان اڳ ئي پڙهندڙ کان اُهي لفظ زبان مان نڪري ويندا ته زاهد ڪهاڻيءَ سان نڀائڻ ڄاڻي ٿو.
ڪهاڻيءَ جو پلاٽ کڻي ڪهڙو به هجي پر ڪهاڻيڪار جڏهن ان سان نڀائي ٿو ته ڪهاڻيءَ سان گڏ ڪهاڻيڪار کي به سوين سالن جو جنم ملي ويندو آھي پوءِ ڀلي هو هتان عارضي طور تي هِن دنيا مان هليو ڇو نه وڃي، پر هو دلين ۾ زنده رهندو آھي. پياري زاهد جي مختصر ڪهاڻين ۾ جاندار ۽ سگهارو ٿيم هجڻ سان گڏ ڪلائيمڪس به ڏاڍو ڇرڪائيندڙ هوندو آھي. سندس ڪهاڻين جا ڪيترائي موضوع اهڙا آھن جيڪي اڻ ڇهيل آھن جن کي هو پنهنجي ڏانءُ سان اهڙي ريت لکندو آھي جو پڙهندي اهو احساس ٿيندو آھي ته پياري زاهد وٽ جيڪو ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ آھي اهو ڪنهن به مونجهاري جو شڪار ناهي. هو جڏهن چاهي ڪهاڻي لکي سگهي ٿو.
مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي صنفون تخليق ٿيون آھن پر جڏهن انهن صنفن مان ڪهاڻي، شاعريءَ ۽ ناول جو نالو کڻبو آھي ته اسان کان هر صنف وسري ويندي آھي. اُهو ڀل پوءِ افسانو هجي، نثر هجي يا ڪا ٻي صنف پر ڪهاڻي شاعريءَ ۽ ناول جون صنفون انسان جي زندگيءَ سان مشابهت رکندڙ آھن. اُهي ڪڏهن به اسان جي دلين جي احساسن مان نٿيون نڪري سگهن.
اهڙيون ڪيتريون سگهاريون ۽ ڀلوڙ ڪهاڻيون زاهد لکيون آھن. جن ۾ حلالو، مٺائي، نئين پيڙهي، تنهنجي سڪ سڄڻ، لک پتي، لهندڙ سج ۽ ويندڙ وهي، قابل ذڪر آھن. سندس ٻيون به ڪهاڻيون خيالن جي بلندين کي ڇُهن ٿيون.
پياري زاهد جي ڪهاڻي “حلالو” جنهن کي چانڊوڪي سٿ طرفان ايوارڊ لاءِ پڻ چونڊيو آهي. حلالو ڪھاڻيءَ جو موضوع اهڙو اڻڇهيل آهي جو زاهد هي ڪهاڻي لکي هڪ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. هن موضوع ۾ قاسم ۽ ساران جي درد جو اهڙو داستان آهي جنهن کي پڙهي خيال درياهه جي سِير ۾ غوتا کائين ٿا. قاسم جي بيوفائي ۽ ساران جي وفا جو قصو اکين ۾ آب هارڻ تي مجبور ڪري ٿو. پياري زاهد جي هِن ڪهاڻيءَ ۾ وڏو سبق ڏنل آھي ڪنهن جي معصوم جذبن سان هرڀرو کيڏڻ جو.
سندس هڪ ٻي ڪهاڻي “مٺائي” به موضوعاتي حوالي سان ڏاڍي جاندار آھي جنهن ۾ اڄ جي ماڻهن جي ايمان جي خبر پوي ٿي، جيڪي پنهنجي ايمان کي پئسي جي لالچ ۾ ٻوڙي ڇڏين ٿا. هونءَ به ڪهاڻيڪار اهو آھي جيڪو اهڙا موضوع کڻي جيڪي سندس سماج پنهنجي ڳوٺن ۾ ۽ اوسي پاسي ۾ ڏسي ٿو، جنهن کي هو محسوس ڪري ٿو ۽ لکي ٿو. اهڙا ئي موضوع ڪهاڻيءَ ۾ روح وجهي ڇڏين ٿا.
زاهد جي ڪهاڻي، “لک پتي” تي سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ سگهاري نانءُ هڪ موچاري ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو لکيو ته “هِن ڪهاڻيءَ جو موضوع نئون ڪونهي، گٺل پيٺل ۽ روايتي موضوع آھي. پر زاهد موضوع جي اڻ ڇهيل رخ کي پڌرو ڪري موضوع کي نواڻ ڏئي ڇڏي آھي. هن اينٽي ڪلائمڪس ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڇرڪائيندڙ آهي، اُها ائين آھي، ڄڻ سموري ڪٿا کي هڪ جملي ۾ سمائي ڇڏيو آھي، ڀلوڙ ڪهاڻي آھي”.
“تنهنجي سڪ سڄڻ” ڪهاڻي هڪ طرفي پيارَ تي لکيل اينٽي ڪلائيمڪس ڀلوڙ ڪهاڻي آھي، نئون موضوع ۽ اهڙو موضوع جنهن ۾ هڪ طرفي پيار جي باهه ۾ پڄرندڙ پياري زاهد پنهنجي اندر جي اڻ ڇهيل ڪهاڻي پيش ڪئي آھي. خوبصورت ٻوليءَ جي نڀاءُ سان گڏ هي ڪھاڻي موضوعاتي حوالي سان ڏاڍي جاندار آھي.
“لهندڙ سج ۽ ويهندڙ وهي” هي ڪهاڻي رومانيت تي لکيل اُها ڪهاڻي آھي جنهن ۾ روبينه جي سچي پيار کي عبدالڪريم پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ کان پوءِ بيڪار سمجهي ڦٽو ڪري آھي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيءَ سان گڏ روبينه جي ويندڙ وهي ۽ لهندڙ سج جو سڏڪو به سمايل آھي. پياري زاهد منگي ان موضوع تي قلم کڻي ڏاڍي ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي لکي آهي.
ڪهاڻيءَ جو روپ ڀلي ڪهڙو به هجي، ڪيترو به ورجايل موضوع هجي پر ڀلوڙ ڪهاڻيڪار جي اُها سڃاڻپ هوندو آهي جو هو اُن موضوع کي اهڙي نواڻ ارپيندو آهي جو پڙهندڙ دنگ رهجي ويندو آھي. پياري زاهد جون ڪھاڻيون ڪڏهن ڪڏهن ڇهيل موضوع تي لکيل هونديون آھن پر پيارو زاهد پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان انهن موضوعن کي اهڙي نواڻ سان ڀرپور ڪري لکندو آھي جو پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کي ڪهاڻيءَ ۾ گم ٿيندي محسوس ڪندو آهي.
هاڻوڪي جديد دور ۾ توڙي جو ماڻهوگهر تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ اهڙو سوگهو ٿي ويا آهن جو اُنهن کي لکڻ ته پري جي ڳالھه پر سوچن جون سوڳواريون ئي وسري ويون آھن. تنهن هوندي به ڪهاڻي کيتر ۾ نوجوان ڪهاڻيڪارن جي ڪمي ناهي ٿي، جيڪي پاڻ نڀائين پيا ۽ جيڪي ڪهاڻيءَ کي سماج جو سچو عڪس سمجهي لکن ٿا.
زاهد منگي پنهنجي وس آھر ڪهاڻي کيتر ۾ نوَنَ ڪهاڻيڪارن جي مدد ڪري پيو ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري پيو، جيڪا هڪ خوشي جھڙي ڳالھه آھي ڇو ته هڪ ڪهاڻيڪار پنهنجي ڀرپاسي ۾ ٿيندڙ ظلم، ڏکن ۽ خوشيءَ جو اهڙو چٽو عڪس پيش ڪندو آھي جو سماج ۾ ڪا اٿل پٿل جنم وٺڻ لڳندي آهي.
زاهد منگي پنهنجو خوبصورت ڪهاڻين جو ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيو آھي جيڪو “خوشي” جي نالي سان ويجهڙ ۾ ڇپيو آهي. زاهد جي پهرين ادبي پورهئي تمام سٺي مقبوليت ماڻي آھي، جنهن ۾ سمايل ڪهاڻيون دلين جي ترجماني ڪن ٿيون، جن ۾ سڏڪن جا سڏ به آھن ته مرڪن جا ميلا به، اُهي مختصر به آھن ته الاهي وسيع به، ۽ اُهي خوبصورت به آھن ته من کي وڻندڙ به. ائين کڻي چئجي ته زاهد پنهنجي ڪهاڻين ۾ جيڪي پل ۽ موضوع ارپيل آھن. اُهي ڏاڍا خوبصورت آھن ۽ اُها ڳالهھ سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ هڪ خوش آئيند پڻ ڳالهھ آھي جو زاهد ڪهاڻيءَ سان پيارَ وانگر نڀائي ٿو.
زاهد جي ڪهاڻين ۾ جيڪي ڪردار ڏيکاريل آھن، سي جاندار آھن، جيڪي ڪهاڻيءَ جي ٿيم کي ڏاڍو سگهارو بڻائين ٿا. زاهد جي ڪهاڻين کي پڙهي اُها اميد ڪري سگهي ٿي ته سنڌي ڪهاڻيءَ جي آسمان تي پنهنجو نالو چنڊ وانگر روشن ڪندو.