جڏهن مراڪش جي ٽيم پرتگال کي هارائي عالمي فوٽ بال ڪپ جي 92 سالن جي تاريخ ۾ سيمي فائنل ۾ پهچندڙ پهرين عرب مسلم آفريڪي ٽيم قرار ڏني وئي ته ان ٽيم جي رانديگرن سان ڳالهه ٻولهه مان اندازو ٿي ويو ته هي ڪم ڪيئن ٿي ويو.
“اسان کي پنهنجي ذهنيت بدلائڻي پوندي، گهٽ هجڻ وارو خيال دل مان ڪڍڻو پوندو. اهو ويساهه ڪرڻو پوندو ته مراڪش جي ٽيم دنيا جي ڪنهن به ٽيم سان مقابلو ڪري سگهي ٿي، تڏهن اسان جي نسلن کي به يقين ايندو ته مراڪشي به معجزا ڏيکاري سگهن ٿا. ايندڙ جيڪو به اسان سان مقابلي ۾ لهندو، ان کي هارائڻ لاءِ اسان کي محنت ڪرڻي پوندي. (گول ڪيپر ياسين بوٽو)
“ٽورنامينٽ کان اڳ ۾ مون کان پڇيو ويو ته توهان ورلڊ ڪپ کٽي سگهو ٿا، مون چيو ته ڇو نه. ڇا اسان کي خواب ڏسڻ جي اجازت ڪونهي، توهان خواب ڏسو ٿا، تڏهن ان جي ساڀيان تائين پهچندا آهيو، هونئن به خواب املهه هوندا آهن، ڪوبه ڏسي سگهي ٿو ۽ انهن کي کٽي سگهي ٿو. يورپي ٽيمن کي ورلڊ ڪپ کٽڻ جي عادت پئجي وئي آهي، هاڻ اسان کي ان هنڌ تي پهچڻو آهي. (مراڪشي ڪوچ رگراگي)
ڪا خبر ڪونهي ته مراڪش فائنل ۾ پهچي ٿو يا نه پر ڪهڙُو فرق ٿو پوي، مراڪش هڪ مثال ته بڻجي ويو آهي، انهن سمورين قومن لاءِ جن جو ويساهه صدين تي پکڙيل احساس ڪمتري چورائي ورتو آهي. جن جي جينز مان امنگن جو ست ڪڍيو ويو آهي. جن کي بهترين ماتحت جو خطاب ڏئي ثانوي عظمت تي گذارو ڪرڻ جي عادت وڌي وئي آهي، جن مان فقط اها اميد ڪئي ويندي آهي ته سٺا ٻار ٿي رهن. پاڻمرادو اعليٰ نسلن ۽ نام نهاد نجيب الطرفين جي خوشنودي ماڻڻ جي سعي ۾ ڄمار ۽ نسل کپائڻ جي تعريف ڪجهه سڪن جي حاصلات کي ئي مڪمل ڪاميابي ڄاڻو ۽ ڪجهه سڪا اڇلائيندڙن جا اڳ کان وڌيڪ وفادار ثابت ٿيو.
مراڪش جي سوڀ جو سڀ کان وڏو جشن مراڪش کان پوءِ غزه ۽ اولهه ڪناري تي ملهايو پيو وڃي. سڄو آفريڪا نچي رهيو آهي، عرب پٻن ڀر بيٺا آهن. پاڪستاني خوش آهن، ڪرد هارن وڄائي رهيا آهن، انهن سڀني جو ان سوڀ سان بظاهر ڪهڙو تعلق آهي؟
پر محروميون، ٺوسيل احساس ڪمتري، نئين بيٺڪيت واري ذلت، ڪجهه ثابت ڪرڻ جي امنگ ۽ “آئون به آهيان” ثابت ڪرڻ جي وجود جي خواهش ته ساڳي هوندي آهي. اها ئي هڪجهڙائي ته پاڻمرادي سنڍپڻ تي غالب اچڻ واري شعوري ۽ لاشعوري جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ اها جدوجهد اسين نه ته “اسان جو ڀاءُ ئي سهي” جي گڏيل احساس کي خوشيءَ ۾ بدلائي چهرو ٻهڪائي رهي آهي.
هي ورلڊ ڪپ 18 ڊسمبر تي ختم ٿي ويندو. ٽيمون ۽ تماشائي گهرن ڏانهن موٽي ويندا. دنيا پنهنجي رستي ڏانهن وري موٽي اچي ويندي. پر شايد نه. اهڙي هر واقعي کان پوءِ رستو هڪ سينٽي ميٽر هيڏانهن کان هوڏانهن ٿيندو آهي ۽ ائين تاريخ به گهٽ ۾ گهٽ هڪ سينٽي ميٽر ۽ اڳيان وڌندي آهي.
هن ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ حوصلو فلسطينين کي مليو آهي، جڏهن ته فلسطيني، اسرائيل جي ٽيم ان ٽورنامينٽ جو حصو نه هئي، پوءِ به ٻنهي پاسن جا شوقين قطر پهتا. حڪومتون جيتريون به منافق هجن، پر عام ماڻهو گهٽ ئي ان منافقت جو حصو ٿيندو آهي. تنهنڪري ڪئين رانديگرن ۽ ڪئين اولهه جي شوقينن فلسطنين کي درپيش مسئلن تي ڪيمرا آڏو کليل نموني ڳالهايو.
مراڪش جي هڪ رانديگر ڪوارٽر فائنل کٽڻ کان پوءِ فلسطيني جهنڊو ويڙهي اسٽيڊيم ۾ ڊوڙ لڳائي، ڪيتريون ئي اسرائيل چينل جون ميڊيا ٽيمون به ميچ جي ڪوريج لاءِ موجود آهن. پر تقريبن هر عرب شوقين ان اها ڳالهه ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪئين اولهه واسين ڪيمرا آڏو پنهنجا تاثرات بيان ڪندي اهو سوال به ڪيو ته اوهين فلسطينين جي جان ڪڏهن ڇڏيندا؟ ان اعتبار کان هي ٽورنامينٽ فلسطيني ڪاز کي عام ڪرڻ لاءِ به خاصو ڪارائتو رهيو.
اسٽيڊيم اندر ۽ ڀرپاسي ۾ نشي وارين شين تي پابندي هئي، ان تي اولهه جي ميڊيا ۾ وٺ وٺان به ٿي. پر ان تي پابنديءَ جو فائدو اهو ٿيو جو هارائيندڙ ٽيم جا شوقين نشي جي آڙ ۾ گوڙ ۽ ڀڃ ڀڃان ڪرڻ جي سهولت کان محروم رهيا. نعري بازي ڪٿي نه ڪٿي ڪو نه ڪو ٽولو ڪندي ضرور ڏٺو ويو، پر لا اينڊ آرڊر ٿلهي ليکي قابو ۾ رهيو ۽ ان جو اعتراف اولهه جي ميڊيا کي به ڪرڻو پيو.
ڳالهه شروع ٿي هئي مراڪشي ڪوچ جي بقول ته خواب ڏسڻ تي ڪا پابندي ڪونهي ۽ خواب ئي اهو ڊرائنگ بورڊ آهي، جنهن تي ساڀيان جي عمارت جو نقشو ٺهندو آهي ۽ پوءِ احساس ڪمتريءَ کي هڪ پاسي رکي لڳن ۽ محنت اهي ڏينهن ڏيکاريندي آهي جنهن کي اسين سولائيءَ سان معجزو چئي ڇڏيندا آهيون. اسان جي پنهنجي تاريخ به اهڙن معجزن سان ڀري پئي آهي.
هيءَ ملڪ به پليٽ ۾ ڪونه مليو هو. ان لاءِ ڪئين پاپڙ ويلڻا پيا هئا. پر پوءِ ان معجزي کان پوءِ روزانو معجزا ٿيڻ لڳا. اجتماعي جوش ۽ خروش مان پيدا ٿيندڙ توانائي ذاتي ۽ طبقاتي مقصدن جي حاصلات لاءِ ٿڌي ٿيڻ لڳي، نه ته سن 40 ۽ 50ع جي ڏهاڪي جي اجتماعي جوش ۽ حوصلي کي گڏيل ترقيءَ جي ٽرين جي انجڻ به ٺاهي پئي سگهجيو.
اها خواب مان جنم وٺندڙ لڳن ئي هئي جو ملڪ جي پيدائش جي فقط پندرهن سالن کان پوءِ پي آءِ اي جو ڳاڻيٽو دنيا جي ڏهن بهترين ايئر لائنز ۾ ٿيڻ لڳو. راندين جي ميدان ۾ جڏهن وسيلن جا پر لڳائي خوابن کي اڏام لاءِ آسمان فراهم ڪيو ويو ته ڏسو پاڪستان سالن جا سال هاڪي، اسڪوائش ۽ ڪرڪيٽ ۾ ڪيئن جهنڊا کوڙي ڇڏيا ۽ هڪ ئي وقت ڪيترا تاج مٿي تي رکيا.
جيڪي قطر سوڌو مختلف خليجي رياستن ۾ لکين پاڪستاني ريگستان ۾ عمارتون اڏي رهيا آهن، اهي به ڪجهه خواب کڻي ئي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيا هئا. اولهه جي ملڪن جي اهم ڪمپنين ۾ جيڪي هزارين پاڪستاني سٺن عهدن تي پهتا، انهن خوابن کي جيڪڏهن گورننس جو ڍانچو مقامي سطح تي اڏڻ جي قابل هجي ها ته اهي ڇو پنهنجو گهر ڇڏين ها.
اسان وٽ اڄ ان کان سواءِ فخر ڪرڻ لاءِ بچيو ڇا آهي ته ڏکڻ ڪوريا ۽ تائيوان ۽ سنگاپور جي في ڪس آمدني 1960ع ڏهاڪي ۾ پاڪستان کان گهٽ هئي ۽ سو کان مٿي ملڪن ۾ پاڪستان جي ويزا فري انٽري هئي ۽ ٽائيم ميگزين جي ٽائيٽل تي پاڪستان جو نقشو ڇپيو هو، جنهن ۾ اڳڪٿي ڪئي وئي ته هي ملڪ ايندڙ ويهن سالن ۾ هڪ ٺوس ايشيائي معاشي طاقت هوندو. پر اها 1965ع جي جنگ کان اڳ جي ڳالهه آهي.
پوءِ ٿيو ڇا؟ اهي ئي ماڻهو آهن، اها ئي زمين آهي، ها نيت ۾ کوٽ اچي وئي. ان قيمتي پلاٽ تي پنهنجو گهر ٺاهڻ بدران پارڪنگ ۾ بدلايو ويو ۽ ان پارڪٽ لاٽ کان ايندڙ مسواڙ مٿان ئي مٿان ورهائجڻ شروع ٿي وئي. عام ماڻهو پنهنجو ويساهه سستي اگهه وڪڻي ڇڏيو. هاڻي نه خواب گر نه تعبير ساز. البت هر پاسي خواب فروش گهمي رهيا آهن. پر انهن وٽ به وڪڻڻ لاءِ ٽئين درجي جا خواب ئي آهن.