ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي تماشو

عمران خان اھو اعلان ورجايو آھي تھ ھو چونڊن جي تاريخ نھ ملڻ جي صورت ۾ اسيمبلين تان استعيفائون ڏيندو. جڏھن تھ ھن جي اعلان جي ضد ۾ ھن جي مخالف ڌر يعني پي ڊي ايم اھو اعلان ڪيو آھي تھ عمران ڀلي استعيفائون ڏئي، اسان استعيفائون ڪرائينداسين. ھن وقت ان سلسلي ۾ اھم ترين سوال اھو آھي تھ ڇا انھن ٻنھي اعلانن تي عمل ٿيندو؟ ڇا عمران خان واقعي بھ استعيفائون ڏيندو ۽ اھو بھ ھلندڙ مھيني ۾!!؟ جيڪڏھن عمران اھو ڪجھھ ڪري ٿو تھ ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ملڪ تمام وڏي سياسي بحران جي ور چڙھي ويندو. جڏھن تھ ھن وقت بھ ملڪ سياسي بحران موجود آھي. اھو بحران جيڪو گذريل ستن مھينن کان وٺي ملڪ جي سياسي سسٽم کي سھڪائي ماري رھيو آھي.
عمران خان پنھنجي حڪومت جي خاتمي کي قانوني ۽ اخلاقي طور غلط سمجھي ٿو. ھن جو خيال آھي تھ ھن جي حڪومت سازش ذريعي ختم ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ھو ڪڏھن غيرملڪي سازش يعني سائفر جو ذڪر ڪندو رھيو آھي ۽ ڪڏھن پنھنجي حڪومت جي خاتمي جي تھمت اڳوڻي آرمي چيف جي مٿان مڙھيندو رھيو آھي. ھو اھو بھ چوندو رھيو آھي تھ جيڪڏهن ماڻھن کي زرداريءَ زر سان خريد ڪيو. ھو اھي بھ دانھون ڪندو رھيو آھي تھ ھن جي اتحادين کي ھن کان الڳ ڪرڻ لاءِ ملڪ جي حساس ادارن اھم ڪردار ادا ڪيو. جڏھن تھ پاڪستان جي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار سدائين موجود رھيو آھي. پر اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) باجوا اھو چوندو ويو تھ ھاڻي فوج سياست ۾ ڪڏھن بھ مداخلت نھ ڪندي. پر ان اعلان کان اڳ ۾ تھ اھو سڀ ڪجھه ٿيندو رھيو، جنھن جي باري ۾ ميڊيا سدائين ڀري رھي آھي. ھاڻي اھو ڪجھه ٿيندو يا نھ ٿيندو؟ پر ھر اھو سلسلو جيڪو سالن کان روان دوان ھجي، ان کي روڪڻ سان اھو سسٽم ڪجھھ وقت تھ وٺندو ۽ ان ڪجھھ وقت دوران ڇا ٿيندو؟
عمران خان ڪجھھ بھ چوي پر جڏھن ھن جو اتحادي ۽ ھن جي ووٽن تي چونڊيل وڏو وزير چوڌري پرويز ۽ سندس پٽ اھو اعتراف ٿا ڪن تھ انھن کي عمران جو ساٿ ڏيڻ لاءِ جنرل باجوا چيو تھ پوءِ عمران خان اھڙي بيان تي ڪجھھ ڇو نھ ٿو ڪڇي؟ ھو جيڪو سدائين اھو چوندو رھيو تھ ھن کي اقتدار ۾ آڻڻ واري معاملي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو ڪردار نھ ھو پر جڏھن ھن جا پنھنجا سياسي اتحادي ھن جي لاک لاھي رھيا ھجن تھ پوءِ ھو اخلاقي طور ڪھڙي پوزيشن ۾ بيھي ٿو؟ ڇا ھن کي پنھنجي اقتدار جي خاتمي تي سياسي اخلاق جي حوالي سان ڪو اعتراض ڪرڻ جو حق حاصل ھجڻ گھرجي؟ ھو ان ڪڙي سچائيءَ کي قبول ڇو نھ ٿو ڪري تھ سازش ذريعي اقتدار ۾ آيل ڌر سازش ذريعي اقتدار کان محروم ٿئي تھ ان ۾ ڪنھن کي بھ روڄ راڙي جو حق نھ ھجڻ گھرجي.
عمران خان کي معلوم آھي تھ ھاڻي بھ جيڪڏھن ايم ڪيو ايم پي ڊي ايم کان پري ٿي بيھي تھ شھباز شريف جي حڪومت ڪٽيل لغڙ وانگر نظر ايندي. پر عمران خان تھ عمران خان آھي. ھو ڪنھن بھ ريت اھو قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھي تھ ھن سان جيڪو ڪجھھ بھ ٿيو اھو “جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي” واري اصول جھڙو ھو. جيڪڏھن اسٽيبلشمينٽ جو سياست ۾ ڪردار غلط آھي تھ پوءِ ھر صورت ۾ غلط آھي. ائين نھ ھجڻ گھرجي تھ اسٽيبلشمينٽ جيڪڏھن عمران خان جي حمايت ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري تھ ھو درست چيو وڃي پر جيڪڏھن اھا شريف فيملي يا زرداري فيمليءَ کي سپورٽ ڪري تھ پوءِ ان صورت ۾ ان مٿان سخت تنقيد ٿيڻ گھرجي. اھو ٻٽو معيار ئي تھ اسان جي سياست جو اصل قاتل آھي. عمران خان بھ ان وقت ان رجحان جي سپورٽ ٿي ڪئي، جڏھن هو اقتدار مان لھڻ کان پوءِ جلسن ۾ تقريرون ڪندي اھو چئي رھيو ھو تھ “نيوٽرل” تھ جانور ھوندو آھي. ھو ڪجھھ وقت اڳ تائين بھ اسٽيبلشمينٽ کي ايلاز ڪندو رھيو تھ ھن جي ماضيءَ جون غلطيون معاف ڪري ھڪ ڀيرو ٻيھر ھن کي ان سيني سان لڳايو وڃي، جيڪو سينو فوجي ميڊلن سان سجيل ھوندو آھي.
حڪومت مٿان ھن وقت اليڪشن جو وقت ويجھو اچڻ کان سواءِ ٻيو ڪو بھ دٻاءُ ڪونھي. انھن جا ڪيس ختم ٿي رھيا آھن. مفرور قانوني مراعتون ملڻ کان پوءِ موٽي آيا آھن ۽ موٽي رھيا آھن. ممڪن آھي تھ ميان نواز شريف کي بھ اشارو ملي تھ ھن کي ڪجھھ بھ نھ ڪيو ويندو. ممڪن آھي تھ ھو بھ پنھنجي ڌيءَ سان گڏ واپس وري؟ اسان جو پاڪستان ھڪ اھڙو ملڪ آھي، جتي ڪنھن بھ وقت ۽ ڪجھھ بھ ٿي سگھي ٿو. اسان ڪنھن بھ شيءِ جي باري ۾ حتمي طور تي ڪا راءِ رکي نھ ٿا سگھون. اسان اھو چئي نھ ٿا سگھون تھ پاڪستان جي سياست ۾ اھو ڪجھھ ممڪن ناھي. ھتي سڀ ڪجھھ ٿي سگھي ٿو. ھتي ھر شيءِ ممڪن آھي.
پاڪستان ۾ جيڪڏھن ڪا شيءِ ممڪن نھ رھي آھي تھ اھو عوام قانون جي مٿان عمل! جيڪڏھن پاڪستان ۾ قانون جي مٿان عمل ٿئي ھا تھ ھي ملڪ ان حال ۾ نھ ھجي ھا. جڏھن بھ پاڪستان ۾ قانون ھر شخص لاءِ ساڳيو ٿيندو تھ ھي ملڪ دنيا جي بھترين ملڪن ۾ شمار ڪيو ويندو. عمران خان اھو واعدو ڪيو ھو تھ ھو “قانون سڀ لاءِ ساڳيو” بڻائيندو پر ھو اھو ڪجھھ نھ ڪري سگھيو. ھو تھ ھاڻي بھ پنھنجي لاءِ ڪجھھ ٻيو چاھي ٿو ۽ ٻين لاءِ ھن جي سوچ ۽ ھن جي سمجھھ ٻي آھي. جيڪڏھن ٻي ڪنھن بھ شيءِ کي الڳ ڪري فقط ملڪي فوج جي سياسي ڪردار جو مثال پيش ڪجي تھ اھا ڳالھھ صاف طور تي نظر اچي ٿي تھ جڏھن فوج جو سياسي ڪردار عمران خان جي فائدي ۾ آھي تھ ھو خوش آھي پر جڏھن ان ڪردار مان ھن کي نقصان ٿو پھچي تھ ھو ان ڪردار جو سڀ کان وڏو ناقد ٿي سامھون ٿو اچي.
پاڪستان جي سماج ۾ جيڪا ٻھ اکيائي آھي، ان جو سبب پاڪستان جي سياست آھي. پاڪستان جي سياست جا پاڪستان جي سماج تي تمام گھڻا اگرا اثر پيا آھن ۽ ھاڻي بھ پئجي رھيا آھن. پاڪستان ھن وقت بھ پنھنجي سياسي ڪلچر سبب تمام گھڻي ڏچي ۾ آھي. ڇا اھو سڀ ڪجھھ تبديل ٿيندو؟ اھو سوال گھٽ ۽ حسرت وڌيڪ آھي. پاڪستان جي سياست جو الميو اھو آھي تھ ھتي سياست ڀلي ڪيترا بھ رنگ روپ مٽائي پر ھن ملڪ جي عوام جي اصل زندگين تي انھن جو ڪو بھ معاشي ۽ سماجي فرق نھ پوندو. اسان جي سياست ان ڪرڪيٽ جي راند جھڙي آھي، جن ۾ ڀلي ڪھڙي بھ ٽيم کٽي وڃي پر تماشائين جي زندگين تي ان جو ڪو بھ مثبت اثر نھ ٿيندو.
پاڪستان جي سياست ھن وقت بھ ھڪ تماشي جھڙي آھي. ان تماشي ۾ ماڻھن کي ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ لاءِ ھڪ قسم جو موضوع تھ ملي ٿو. جڏھن ھو پاڻ ۾ ملن ٿا تھ موسم جي ذڪر کان پوءِ ھو سياسي موسم تي بھ اظھار خيال ڪن ٿا پر ڪنھن کي بھ اھا اميد ناھي تھ فلاڻي جي وڃڻ سان يا فلاڻي جي اچڻ سان ماڻھن جي زندگين تي ڪو فرق پوندو. آخر عمران خان بھ تھ ساڍا ٽي سال اقتدار ماڻيو. انھن ساڍن ٽن سالن ۾ ھن ڪھڙو سڌارو آندو؟ ھو جلسن ۾ جيڪي انگ اکر پيش ڪندو رھي ٿو، اھي تھ بجيٽ جي تقرير وانگر لفظن جي راند جيان لڳن ٿا. جڏھن تھ اصل تبديلي اھا ھوندي آھي، جيڪا دليلن ۽ مثالن جي محتاج نھ ھجي. جيڪا بيان نھ ڪئي وڃي. جنھن کي ٻڌايو نھ وڃي. جيڪا نظر اچي. عمران خان جي اقتدار دوران پاڪستان ۾ تر جيتري تبديلي نھ آئي ۽ نھ اچڻي ھئي. ڇو تھ عمران خان ۽ ھن حڪومت جي وچ ۾ ڪو بھ نظرياتي متڀيد ناھي. انھن جا نظريا ۽ انھن جي سياسي سوچ ۽ انھن جي پاليسي ھڪ جھڙي آھي. ھو ڪڏھن بھ مختلف بڻجي ملڪ جي مٿان مثبت اثر وجھي نھ ٿا سگھن. پر سياست پوءِ بھ ھڪ شغل آھي. ھڪ راند آھي. ھڪ رونشو آھي. ان شغل ۾ مشغول ماڻھو ھاڻي جنھن ڪيفيت مان گذري رھيا آھن، ان ۾ انھن لاءِ ڪو زندگي موت جو مسئلو ناھي. پر پوءِ بھ ھڪ دلچسب قسم جو مقابلو آھي.
سياست ۾ دلچسبي رکندڙ ماڻھو سوچين ٿا تھ ڇا عمران خان پنھنجي اعلان مٿان عمل ڪندي استعيفائون پيش ڪندو؟ جيڪڏھن عمران خان اھو ڪجھھ ڪيو تھ ڇا حڪومت ڪجھھ مھينن لاءِ پنجھتر سيڪڙو چونڊون ڪرائيندي؟ جيڪڏھن حڪومت اھو ڪجھھ ڪيو تھ ڇا عمران خان انھن چونڊن ۾ بھ حصو وٺندو؟ جيڪڏھن نھ وٺندو تھ عمران خان کي ان جو ڪيترو نقصان پوندو؟ جيڪڏھن وٺندو تھ ان جو کيس ڪھڙو فائدو پوندو؟ اھي سوال ھر ان ماڻھوءَ جي مٿي ۾ گردش ڪري رھيا آھن، جنھن کي سياست سان دلچسپي آھي. جنھن کي اھو ڏسڻ جو شوق آھي تھ عمران خان ڪھڙي ريت پنھنجو وڃايل اقتدار واپس وٺي ٿو؟
عمران خان ۽ موجوده حڪمران نئين آيل آرمي چيف تي پنھنجو مثبت اثر وجھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. عمران خان پاران ھن مھل ڪو احتجاج نھ ڪرڻ جو بھ اھو سبب آھي تھ ھو فوج جي نئين قيادت کي ناراض ڪرڻ نھ ٿو چاھي. ھو چاھي ٿو تھ ڀلي نئون آرمي چيف پنھنجي منصب کي سمجھي ۽ ان جي سلسلي ۾ پنھنجي پاليسي ٺاھي ۽ ھن کي ان وقت تائين ڪنھن بھ ريت ڊسٽرب نھ ڪيو وڃي. ھو سڀ سندس موڊ جا منتطر آھن. پر ان سان گڏ ھو اعلان بھ ڪري رھيا آھن. انھن جا اعلان عمل جوڳا آھن يا نھ؟ انھن لاءِ بھ اھو سوال اھم ناھي. ڇو تھ انھن کي بھ معلوم آھي تھ ايتري وڏي خفي ۾ پوڻ کان اڳ ۾ ڪا اھڙي واٽ ورتي ويندي، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين کي منھن جي ڦڪائيءَ کان بچڻو پوي. ان سلسلي ۾ عمران خان کي بھ ڪجھھ ھٽڻو پوندو ۽ حڪومت کي بھ ڪجھھ اڳتي اچڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button