ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي صورتحال: ڪجهه نيون اڳڀرايون

Editorial-Article- Yameen Jatoi

هاڻي مسٽر عمران نيازي وٽ ڏئي وٺي هڪڙو تماشو بچيو آهي، اهو آهي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ استعيفائن جو تماشو. تازو ئي سندس صدارت هيٺ راولپنڊي سان واسطو رکندڙ اسيمبلي ميمبرن جو لاهور ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرين مرحلي ۾ پنجاب اسيمبلي ۽ بعد ۾ خيبر پختونخوا اسيمبلي ٽوڙي ويندي، تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ميمبر ايوان ۾ ٻيهر پيش ٿي استعيفا ڏيندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ کي چونڊ مهم ۾ تبديل ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته “معاشي ۽ سياسي بحران مان نڪرڻ جو هڪ ئي رستو آهي ته تڪڙيون ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.” ٻئي طرف “معاشي ٽيم” جي هنگامي اجلاس کي وڊيو لنڪ خطاب ڪندي مسٽر نيازي چيو ته ” عدليا جو به اهم ڪردار آهي، جنهن کي ملڪ جي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ کپي، ملڪ تيزي سان هيٺ وڃي رهيو آهي جنهن جو اثر سڀني ادارن تي پوندو. ملڪ جا ادارا فوج ۽ عدليا سوچين تي اسان اڄ ڪٿي بيٺا آهيون، جيڪڏهن حالتن کي نه سنڀاليو ويو ته اڃا وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.”
هوڏانهن پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ گلگت- بلتستان ۾ تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومتن سميت آزاد ڪشمير جي حڪومت به اسلام آباد جو گهيراءُ ڪرڻ جي “ڌمڪي” ڏئي ڇڏي آهي. خيبر پختونخوا ۽ گلگت جي وڏن وزيرن، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي ناڻي وارن وزيرن اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران اهم اعلان ڪيو. گلگت جي وڏي وزير خالد خورشيد خان چيو ته “صوبي ۾ اٽو ۽ ٻيون شيون ختم ٿي ويون آهن، وفاقي سرڪار حصي جا پئسا نه پئي ڏئي، اسان سڄي صوبي ۾ هڙتال ڪري اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين.” خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان چيو ته “وفاقي سرڪار صحت ڪارڊ ۽ فاٽا جا پئسا نه پئي ڏئي، وفاق پختونخوا صوبي کي حق نه ڏنا ته اسلام آباد ۾ وڏو ڌرڻو هنيو ويندو.” پنجاب جي ناڻي واري وزير محسن لغاري چيو ته “ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ رڳو سنڌ ۽ بلوچستان کي فنڊ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته پنجاب ۽ پختونخوا صوبن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڇا ٻوڏ رڳو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آئي هئي.” پريس ڪانفرنس ۾ آزاد ڪشمير جي ناڻي واري وزير عبدالماجد چيو ته “وفاق جي چوڻ تي اسان بجيٽ پيش ڪئي پر هاڻي وفاقي سرڪار آزاد ڪشمير کي گرانٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، وفاق کي صوبن جو جائز حصو هر صورت ۾ ڏيڻو پوندو، اسان وٽ احتجاج جو رستو کليل آهي.” محسن لغاري کي اسان اهو چونداسين ته توهان کي وفاق پاران سنڌ ۽ بلوچستان کي ڏنل جنهن “فنڊ” تي پيٽ ۾ ويلو ٿو پئي اچي ڏسي وڃو ته سرڪار سندن ڪيتري سهائتا ڪئي آهي. ٻوڏ متاثر اڄ به بي يارو مددگار ويٺل آهن. اڪثر علائقن مان اڃا تائين پاڻي به نيڪال نٿي سگهيو آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ڊي ايم 20 ڊسمبر تائين عام چونڊن جو فارمولا نٿي آڻي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسيمبليون ٽوڙيون وينديون. فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته “امپورٽيڊ” حڪومت جا اڪابر اليڪشن نٿا چاهين، جڏهن ته ملڪ ڪيئن هلائڻو آهي ڪا خبر نه آهي. رڳو وزير بنائڻ ۽ ٻاهريان دورا ڪرڻ سان ملڪ ناهي هلندو، هي هڪ ڏکيو ڪم آهي، جنهن جي اهليت انهن حڪمرانن ۾ نه آهي. پي ٽي آئي اڳواڻ چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 20 مارچ کان پهريان عام چونڊن جو عمل مڪمل ٿيندو. هن چيو ته اسيمبلين کي ٽوڙڻ لاءِ سمورن اتحادين جو مڪمل اعتماد آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن جون استعيفائون تيستائين منظور نه ڪندس جيستائين اهو يقيني نٿو بڻايو وڃي ته انهن بنا دٻاءُ جي اهو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته استعيفيٰ منظور ڪرڻ جا قاعدا ۽ ضابطا موجود آهن، قانون چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪير ميمبر دٻاءُ ۾ استعيفيٰ ڏئي ٿو ته اِها قبول نه ڪئي وڃي. اسپيڪر دعويٰ ڪئي ته تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جا ميمبر استعيفائن باوجود مراعتون حاصل ڪري رهيا آهن. مون ڏانهن پيغام موڪليا وڃن ٿا ته استعيفائونٰ منظور نه ڪيون وڃن، جيستائين مان مطمئن نه ٿيندس تيستائين ڪنهن رڪن کي ڊي سيٽ نه نٿو ڪري سگهان. هن وڌيڪ چيو ته انهن ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون جن ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي استعيفائن جي تصديق ڪئي ۽ پنهنجي مرضيءَ سان سيٽون خالي ڪيون.
ليگي اڳواڻ راڻا تنوير چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ افراتفري ڦهلائڻ بدران 2023 جي اليڪشن جو انتظار ڪيو حڪومتن کي بليڪ ميل ڪري ڪڏهن به اليڪشن پنهنجي تاريخ کان اڳ نه ٿيندي. رانا تنوير چيو ته جنرل اليڪشن هر حال ۾ پنهنجي تاريخ کان اڳ نه ٿيندي وفاقي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي چڪر ۾ عمران خان پنجاب حڪومت به وڃائي ويهندو.
وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان پاران نئين آرمي چيف کي سياسي معاملن ۾ مداخلت جي اپيل مذمت جوڳي آهي، پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ڪوبه جمهوري سياستدان ادارن کي سياست ۾ وچ ۾ پوڻ جي دعوت نٿو ڏئي، هو اڳ به ادارن کي پنهنجي حق ۾ وچ ۾ پوڻ جو چوندو رهيو آهي عمران خان نئين آرمي چيف کي پنهنجي سياسي بيانئي کان پري رکي. وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽيون عوام جي ووٽ سان اقتدار ۾ اچن ٿيون ۽ پارليامينٽ ۾ عوامي اختيار استعمال ڪن ٿا، هي پارليامينٽ کان ٻاهر ويهي ادارن جي مدد سان اقتدار ۾ اچڻ چاهين ٿا. وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي هاڻي ادارن جي مدد بنا سياست سکڻي ۽ ڪرڻي پوندي، عمران بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي هاڻي نه ان جا قومي اسيمبلي ميمبر استعيفا ڏيڻ چاهين ٿا ۽ نه ئي سندس اتحادي ۽ پارٽي اسيمبليون ٽوڙڻ جي حق ۾ آهن.
جڏهن ته بچا واري وزير خواجا آصف چيو آھي تھ عمران خان کي هڪ ايجنڊا ۽ رٿابندي تحت اقتدار ۾ آندو ويو، نئين نسل کي تباهه ڪرڻ بعد عمران هاڻي چونڊن جا آواز ڏئي رهيو آهي، هن توشا خاني مان 6 ارب رپين جا تحفا ڏيڍ ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيا ويا، هنن سڄي عمر مفت خوري ۾ گذاري ڇڏي، عمران سڀ غلطيون مڃي رهيو آهي، ائين نه ٿئي جو اڳتي هلي چوي ته هن مرشد سان شادي ڪري به غلطي ڪئي. خواجا آصف چيو ته اسان کي چور ۽ ڦورو چوندڙ عمران خان پاڻ وڏو چور نڪتو، مرشد ذوالفي بخاري ذريعي گهڙيون وڪرو ڪري ڇڏيون، عمران خان پاڻ تي لڳل سمورا الزام پنهنجي مرشد مٿان هڻي ڇڏيندو ۽ چوندو ته مون ڪجهه ناهي ڪيو، منهنجي مرشد ئي سڀ ڪجهه وڪرو ڪيو هو. عمران خان جي اقتدار ۽ پئسي جي حوس جي ڪابه حد ناهي. دفاع واري وزير چيو ته عمران خان هڪ تجربو هو، جنهن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي وئي پر هاڻ حالتون ان جون گواهه آهن ته اهو تجربو غلط هو.

ٻئي طرف هڪ ٻي پيشرفت اها به ٿي آهي ته اسلام آباد جي مقامي عدالت اليڪشن ڪميشن جي عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جي ڪيس ۾ درخواست شنوائي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي دليلن کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو. شنوائي دوران ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر اسلام آباد جي وڪيل سعد حسن ڪمپلينٽ ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي دليل ڏيندي چيو ته عام راءِ اها آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان توشا خاني مان گهڙي ورتي کپائي ڇڏي. عمران خان چيو ته تحفه کپائي مان روڊ ٺهرائي ڇڏيو هي ميڊيا تي بيان آيو 18 ڊسمبر 2018 تائين اوهان تحفي جي 20 سيڪڙو رقم ويليو ڏئي اهي توشه خاني مان وٺي سگهو پيا پي ٽي آئي حڪومت 18 ڊسمبر 2018 کان پوءِ رول ٺاهيا ته 50 سيڪڙو ويليو رقم ڏيڻي پوندي سڄي دنيا ۾ هڪ ئي گهڙي هئي ان جي ويليو ساڍا 8 ڪروڙ لڳائي وئي هئي عمران خان اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيو ته گهڙي آخر اڳتي ڪيترن پئسن ۾ وڪرو ڪئي وئي آهي ڪيس گهڙي بابت نه آهي ڪيس عمران خان پاران جمع ڪرايل اثاثن جي حوالي سان آهي عمران خان ۽ ان جي زال توشه خاني مان 58 تحفا ورتا عمران خان پاران ٽن سالن ۾ ڪيل 58 آئيٽمز جي ماليت 142 ملين رپيا آهي 19- 2018ع ۾ عمران خان توشه خاني مان اٽڪل 107 ملين رپين جا تحفا ورتا عمران خان پنهنجي گوشوارن ۾ 4 ٻڪريون ۽ 5 لک رپين جو به ذڪر ڪريو آهي. وڪيل چيو ته سينيٽ صوبائي يا قومي اسيمبلي لا اليڪشن وڙهندڙ ڪو به شخص پنهنجا اثاثا ظاهر نٿو ڪري ته اهو ڪرمنل عمل آهي، عمران خان تحفن جي قيمت پبلڪ نه پيو ڪرڻ چاهي، 142 ملين رپين مان عمران خان 107 ملين رپين جا تحفا 20 سيڪڙو قيمت ۾ توشه خاني مان حاصل ڪيا، عمران خان اصل ۾ نه پيو چاهي ته 142 ملين رپين جا تحفا پبلڪ ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button