عمران خان جي انداز ۾ ٿوري نرمي، حڪومتي حلقن ۾ وڏي گرميءَ جو باعث بڻجي رھي آھي. ان جو تازو ثبوت اھو آھي تھ وزير اعظم ميان شھباز شريف عمران خان سان ڳالھائڻ لاءِ مڪمل راضپو ظاھر ڪندي چيو آھي تھ تاڙي ٻن ھٿن سان وڄندي آھي. جيڪڏھن عمران خان صلح جي سلسلي ۾ سنجيده آھي تھ ھن کي امن جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. جڏھن تھ عمران خان ھڪ ئي وقت ٻيئي گر استعمال ڪري رھيو آھي. ھڪ طرف ھو حڪومت جي مٿان صوبائي اسيمبلين تان استعيفائن جي صورت ۾ دٻاءُ وجھي رھيو آھي ۽ ٻي طرف حڪومت کان چونڊن جي تاريخ وٺڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. جيڪڏھن ان سياسي معاملي کي سنجيدگيءَ سان ڏسجي تھ ڳالھھ ۾ ڪجھھ بھ نظر نھ ايندو. ڇو تھ جيڪڏھن حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڪو متڀيد بھ بيھي ٿو تھ اھو صرف ۽ صرف ڪجھھ مھينن جو آھي. عمران خان چاھي ٿو تھ چونڊون چار پنج مھينا اڳ ٿين ۽ حڪومت چاھي تھ چونڊون چار پنج مھينا پوءِ ٿين.
ڇا اھو ايڏو وڏو اشو آھي؟ جنھن جي بنياد تي ملڪ کي مقابلي جو ميدان بڻايو وڃي؟ اھو معاملو ڪجھھ ڏيڻ ۽ ڪجھھ ڇڏڻ جي انداز سان آرام سان طئي ٿي سگھي ٿو. اھا ٻنھي ڌرين کي ڄاڻ بھ آھي. پر اصل ڳالھھ اھا آھي تھ ٻيئي ڌريون سياست کي ھلائي پنھنجو پنھنجو مفاد حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آھن. عمران خان جي ڪوشش آھي تھ ھو حڪومت کي ولين ثابت ڪري ۽ پاڻ کي ھيرو قرار ڏياري چونڊن ۾ تمام وڏي اڪثريت سان سوڀ ماڻي سگھي. جڏھن تھ حڪومت جي اھا ڪوشش آھي تھ ڪنھن بھ ريت عمران خان کي ڪنھن سمجھوتي تي راضي ڪجي تھ جيئن ان کي مڪمل نھ تھ گھٽ ۾ اڌ سڌ اقتدار ملي سگھي.
پاڪستان ۾ سياست اھڙو رخ اختيار ڪري چڪي آھي جو ڪا بھ سياسي پارٽي اقتدار کان سواءِ پنھنجي وجود کي مڪمل نھ ٿي سمجھي. اقتدار سياسي پارٽين لاءِ ائين آھي، جيئن مڇيءَ جي لاءِ پاڻي ھوندو آھي. مڇي پاڻيءَ کان سواءِ زنده رھي نھ ٿي سگھي ۽ سياسي پارٽيون اقتدار کان سواءِ اڌوريون آھن. ھڪ وقت اھڙو ھو، جڏھن سياسي پارٽيون اصولن جي بنياد تي اقتدار کي ٺڪرائي ڇڏينديون ھيون پر اھي پارٽيون اھڙيون ھيون، جن وٽ ڪرپشن جو ڪو تصور ئي نھ ھو. ھو صرف ۽ صرف عوام جي خدمت ۽ پنھنجي عزت لاءِ سياست ڪنديون ھيون. انھن جي سياست جو محور انھن جا آدرش ھئا. پر پاڪستان جي سياست ۾ اھو وقت اچي ويو، جڏھن سياسي پارٽين کي محسوس ٿيڻ لڳو تھ آدرش ڪنھن بھ ڪم جا ناھن. انھن جا آدرش ڪنھن بھ ريت ان ھنڌ قبول نھ ڪيا ويندا، جتان اقتدار ماڻڻ جي اين او سي ملندي آھي. ان ڪري ھو آدرش ڇڏي ائين ھليا آيا، جيئن ڪوئي جوتا لاھي ڪنھن درٻار ۾ داخل ٿيندو ھجي. انھن جو واقعي بھ اھڙو رويو ھو. انھن جي ان روش سبب ملڪ ۾ ان سياست کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، جنھن وٽ ڪڏھن ملڪ ھلائڻ ۽ سماج سڌارڻ جا ڪي خواب ھوندا ھئا. شيخ اياز ان سلسلي ۾ ڪيترو نھ سچ لکيو آھي تھ:
“ھاڻي تھ ھن ڌرتيءَ تي سڀ کان
خواب وڏا ڏوھاري آھن
آزاديءَ جا خواب انھن تي
بند اڳي کان ڀاري آھن”
جڏھن انسانن کان خواب ڏسڻ جو حق کسيو وڃي تھ موٽ ۾ماڻھن وٽ ڇا ٿو رھي؟
پاڪستان جي سياست ۾ سڀ ڪجھھ اقتدار آھي. سياسي پارٽيون اقتدار جي پويان سڀ ڪجھھ لٽائڻ لاءِ تيار آھن. ان سلسلي ۾ ھر پارٽي ٻي پارٽيءَ کان گوءِ کڻڻ لاءِ تيار آھي. مون کي ان وقت تمام گھڻو افسوس ٿيو، جڏھن اقتدار ۾ اچڻ لاءِ عمران خان پنھنجي مخالف جنرل باجوا کي چيو ھو تھ جيڪڏھن ھو پنھنجي مدي ۾ واڌ چاھي ٿو تھ ھو کيس ھميشھ لاءِ آرمي چيف بڻائڻ لاءِ تيار آھي. ان جو مطلب اھو ٿيو تھ ھاڻي سياست ۾ سڀ ڪجھھ اقتدار آھي ۽ اقتدار جي آڏو اصول ڪجھھ بھ ناھن. جڏھن سڀ ڪجھھ ساڳيو آھي تھ پوءِ سياسي پارٽين جي الڳ نالن ۽ جھنڊن جو ڪھڙو تڪلف؟ سڀ پنھنجي پنھنجي وزن ۽ طاقت مطابق اقتدار ماڻين ۽ سڀ گڏجي پنھنجي پنھنجي شيئر مطابق ملڪ کي لٽين ۽ ڦرين!! ان سلسلي ۾ ھاڻي اجايو منھن لڪائڻ مان ڪھڙو فائدو؟ چوندا آھن تھ جڏھن بازار ۾ نچڻو آھي تھ پوءِ منھن مٿان گھونگھٽ ڇو وجھجي؟
پاڪستان جي عام ماڻھوءَ لاءِ اذيت جو سامان فراھم ڪرڻ واري سياست کان سواءِ ٻيو ڇا بچيو آھي؟ مٿان اھا مصيبت تھ جيڪڏھن سويلين سياست کان انڪار ٿو ڪجي تھ فوجي سياست ڳچيءَ جو ڳٽ بڻجي وڃي ٿي. ان صورت ۾ ماڻھو مجبوري سمجھي بھ ووٽ وجھي ٿو ۽ چوي ٿو تھ سويلين سياست صحيح آھي. ڇو تھ جڏھن فوجي راڄ ايندو آھي تھ اھو پنھنجي دھشت قائم ڪرڻ لاءِ ماڻھن جي مٿان ظلم ۽ جبر ڪندو آھي ۽ ماڻھو ان کان بچڻ لاءِ سويلين سياست جو رخ اختيار ڪندا آھن. پر ان جو مطلب اھو ھرگز نھ سمجھڻ گھرجي تھ ماڻھو ان سياست سان اتفاق ڪن ٿا، جنھن سياست جي سيني ۾ عام عوام لاءِ احساس جو زرو پرزو ناھي. جنھن سياست وٽ ماڻھن لاءِ ۽ ملڪ لاءِ ڪا منصوبا بندي ناھي. جنھن سياست وٽ صرف پنھنجي مفاد لاءِ اھو سڀ ڪجھھ آھي، جيڪو صرف ۽ صرف ڪرپشن مان حاصل ٿي سگھي ٿو. ھي ملڪ بھ عجيب آھي، ھن ملڪ ۾ ھاڻي سياست اھڙي موڙ تي پھتي آھي، جتي ماڻھن کي ننڍي چور ۽ وڏي چور جي وچ ۾ چونڊ ڪرڻي آھي. جڏھن ماڻھن کي اھا چونڊ ڪرڻي آھي تھ ڪير وڏو چور آھي ۽ ڪير ننڍو چور آھي؟
اسان جيڪڏھن انھن جون تقريرون غور سان ٻڌون ۽ انھن جا انٽريوز ڏسون تھ اسان کي صاف نظر ايندو تھ ھو ھڪ ٻئي جي مٿان جيڪا تھمتون لڳائي رھيا آھن، انھن جو ھڙ حاصل اھو رھي ٿو تھ ڪير ڪيترو چور آھي؟ صرف اھو ئي نھ پر جيڪڏھن اسان عام ماڻھن کان پڇون ٿا تھ توھان عمران خان ۽ حڪمران اتحاد جي وچ ۾ ڪھڙو فرق محسوس ڪريو ٿا؟ تھ ھو بھ اسان کي اھو چون ٿا تھ عمران خان گھٽ درجي جو چور آھي ۽ جڏھن تھ ھو تمام وڏا چور آھن. ان سلسلي ۾ اسان عام ماڻھن کي غلط بھ ثابت ڪري نھ ٿا سگھون. ڇو تھ ھو جيڪو ڪجھھ چون ٿا، سموري دنيا بھ اھو ڪجھھ چوي ٿي. اھا دنيا جنھن دنيا جي مٿان اسان جي ملڪ جو ڪنٽرول ناھي. اسان جيڪڏھن غيرملڪي ۽ ڪنھن حد تائين آزاد ميڊيا کان معلوم ڪنداسين تھ اسان کي اتان بھ ڪجھھ اھڙو ئي جواب ملندو. اھو ئي سبب آھي تھ جڏھن بھ چونڊن جو وقت ويجھو ايندو آھي يا جڏھن چونڊن جي مھم پنھنجي عروج تي ھوندي آھي. ان مھل اسان کي سوشل ميڊيا تي ان قسم جا شعر پڙھڻ جي لاءِ عام جام ملندا آھن تھ:
“اپني قاتل ڪا انتخاب ڪرو”
اسان کي ھر صورت ۾ ڪنھن نھ ڪنھن مشڪل فيصلي مان گذرڻو پوي ٿو. ڇو تھ اسان لاءِ فرق صاف ظاھر ناھي. ائين ناھي تھ ڪير اڇو آھي ۽ ڪير ڪارو آھي؟ ائين ناھي تھ ڪير چور آھي ۽ ڪير ڀاڳيو آھي؟ اسان کي ٻنھي صورتن ۾ ھڪ اھڙي عمل مان گذرڻو پوي ٿو، جنھن عمل ۾ فرق تمام گھڻو گھٽ آھي. ان وقت اسان کي صرف اھو خيال مدد ڪرڻ اچي ٿو تھ ڪير گھٽ ڪرپٽ آھي؟ جيڪو گھٽ ڪرپٽ آھي، اھو ملڪ ھلائڻ لاءِ مناسب سمجھيو وڃي ٿو. ڇا ڪنھن بھ ملڪ جي قسمت ايتري سخت ٿي سگھي ٿي؟ پاڪستان جنھن سياسي عذاب مان گذري رھيو آھي، اھڙو سياسي عذاب دنيا جي گھٽ ملڪن جي مقدر ۾ آھي. پاڪستان جو عوام سياست جي سخت تڪليف ۾ آھي. ڇو تھ ھن جي آڏو جيڪو ڪجھھ بھ آھي، اھو آسان نھ پر تمام گھڻو مشڪل آھي. اسان کي ھر وقت ھڪ مشڪل فيصلي مان گذرڻو پوي ٿو. ھن وقت بھ پاڪستان جي سياست جنھن راھھ تان گذري رھي آھي، اھا راھھ آسان ناھي. اھا راھھ تمام گھڻي تڪليف واري آھي. ڇو تھ جنھن معاملي تي ايتري ساري وٺ وٺان آھي، اھو معاملو اھڙو ناھي، جھڙي معاملي تي ايترو وڏو مانڌاڻ برداشت ڪرڻ جو ڪٺن ڪم قبول ڪجي.
عمران خان پاران صوبائي اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جي ڳالھھ ڪرڻ سان جيڪو ماحول جنم وٺي رھيو آھي، ان ۾ عمران خان کي تمام گھڻو فائدو آھي. حڪومتي حلقا بھ ھوشيار آھن. انھن کي معلوم آھي تھ عمران خان جلدي استعيفائون نھ ڏيندو. ھو چئي رھيو آھي تھ ھلندڙ مھيني ۾ استعيفائون ڏيندو تھ ھو ھن مھيني ۾ ممڪن آھي تھ پنجاب اسيمبليءَ کي قربان ڪري. جيڪڏھن پنجاب اسيمبلي قربان ٿي وئي تھ حڪومت لاءِ وڏو مسئلو ٿي پوندو. حڪومت پنھنجي دعويٰ تي عمل ڪندي جيڪڏھن چونڊون ڪرائي ٿي تھ عمران خان وڏي اڪثريت سان کٽي ويندو ۽ حڪومت لاءِ ڏچو پيدا ٿيندو. حڪومت جي مٿان پنجاب جي صوبائي اسيمبليءَ جي تحليل تمام وڏو پريشر وجھندي ۽ عمران خان پنجاب اسيمبليءَ کي ٽيسٽ ڪيس جي صورت ۾ استعمال ڪرڻ جو خواھشمند آھي. اهڙي ريت ھڪ تھ عمران خان جو اھو موقف درست ثابت ٿيندو تھ ھن ھلندڙ مھيني ۾ استعيفائن جو اعلان ڪيو ھو تھ ھن پنجاب جي حڪومت قربان ڪري ثابت ڪري ڇڏيو تھ ھو صرف ڦوڪون نھ ڏيندو آھي ۽ ساڳي ريت انھن صوبن جون حڪومتون بھ پنھنجي وجود کي ڪجھھ مھينا بچائڻ لاءِ سياسي احتجاج جي مٿان مڪمل زور ڏينديون ۽ حڪومت کي تمام گھڻو تنگ ڪنديون. ان حوالي سان عمران خان جو وزن وڌيل آھي. پر عمران جي وزن جي واڌ مان عوام کي ڪھڙو فائدو ٿيندو؟ عمران خان اقتدار ماڻي بھ وٺي تھ ھو ڇا ڪندو؟ ھو اھوئي ڪجھھ ڪندو، جيڪو ڪجھھ ھن ست مھينا اڳ اقتدار ۾ رھندي ڪيو ھو. ڇا اھو ڪجھھ ڪافي ھو؟ ھاڻي بھ جيڪو ڪجھھ ٿي رھيو آھي، اھو ڪجھھ ڪافي ناھي. ڇو تھ اسان لاءِ اھو اھم ناھي تھ ڪير تخت تي ويٺل آھي؟ اسان لاءِ اھم ڳالھھ اقتدار ناھي. اسان لاءِ اھم ترين ڳالھھ انصاف آھي. اصل ۽ سچو انصاف!!