گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان جن بحرانن مان گذري رهيو آهي، ان جو هڪ سبب سياسي تجربا ڪرڻ آهي. جڏهن سياست کي انساني فلاح بدران تجرباتي طور استعمال ڪيو وڃي ته هڪ ئي وقت ملڪ ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار ٿي ويندو آهي، تبديليءَ جي چڪر ۾ جيڪي ڪجهه عوام کي اڳ ملي رهيو هو، اهو به ان جي هٿان هليو ويو آهي، نتيجي ۾ نه رڳو عوام معاشي طور بدحال ٿي ويو آهي پر اهو ذهني طور به ڏتڙجي ويو آهي. هن وقت پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون ڳالهيون بحث آهن. ملڪ ڊيفالٽ ڪيئن ٿيندا آهن، انهن جون معاشي حالتون ڪهڙيون هونديون آهن، ان جو اندازو پاڪستان جي هاڻوڪي معاشي حالت کي ڏسي بهتر نموني لڳائي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته حڪومت پاڻ اهو اعتراف ڪري رهي آهي ته اها معاشي طور جتان ڪٿان جڪڙي پئي آهي ۽ اها جڪڙ آءِ ايم ايف جي آهي. جيستائين آءِ ايم ايف سان ملڪ جا معاهدا جاري رهندا، تيستائين معاشي سڌارا ممڪن نه آهن. ڇو ته هاڻ بجليءَ جي بل جا اگهه به آءِ ايم ايف طئي ڪندو آهي. جڏهن ان جي مداخلت ان حد تائين آهي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ آزاد معاشي پاليسي جڙي سگهي. پر اهڙن فيصلن جي ڪري سڌي ريت عوام لوڙيندو آهي. ان جي کيسي تي معاشي بار وڌندو آهي ۽ اهو ڏينهون ڏينهن پريشانيءَ جو شڪار پيو ٿيندو رهندو آهي. هونئن ته هتي ڪوبه اهڙو بحران ڪونهي، جنهن کان ملڪ بچيل هجي، پر تازو ئي دوائن جي بحران جو خدشو پڻ ڏيکاريو پيو وڃي.
خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دوائن جي بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. صحت واري وفاقي وزارت ناڻي واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو. وفاقي صحت جي وزارت جي آفيسرن مطابق دوائن جي ڪچي مال لاءِ ايل سيز نه کوليون ويون ته دوائن جي بحران جو خدشو آهي. اختيارن چيو ته دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين وٽ هاڻي رڳو چند هفتن جو ڪچو مال بچيو آهي. ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي سفارش تي ناڻي واري وزارت کي خط لکيو آهي. پاڪستان فارما سوٽيڪل مينوفيڪررز ايسوسيئيشن دعويٰ ڪئي ته ڀارتي ڪچو مال ٺاهيندڙ ڪمپنين پاڪستان کي ڊيفالٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي ۽ چيني ڪمپنيون هاڻي پاڪستانين کي اوڌو تي ڪچو مال نٿيون ڏئي سگهن. پي پي ايم اي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ايل سيز کولڻ جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ دوائن ۽ ميڊيڪل ڊوائسز جو وڏو بحران ايندو. ٻئي پاسي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ترجمان مطابق پيٽروليم ۽ فارماسوٽيڪل شيون گهرائڻ تي ڪائي پابندي نه آهي. گورنر اسٽيٽ بئنڪ جون واضح هدايتون آهن ته پيٽروليم ۽ فارما سوٽيڪل لاءِ ايل سي بند نه ڪئي وڃي.
ملڪ ۾ هزارين مريض سستي کان سستي ۽ مهانگي کان مهانگي دوا استعمال ڪندا آهن. پر جيڪڏهن انهن دوائن جي ڪچي مال جو بحران پيدا ٿي وڃي، اهو ملڪ جي فارماسوٽيڪل ڪمپنين تائين نه پهچي ته پوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت اهو بحران وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري هي صورتحال جيڪا دوائن جي حوالي سان ويجهي مستقبل ۾ پيدا ٿيڻ واري آهي. اها عوام لاءِ بنهه خراب آهي. ملڪ ۾ هونئن به اصلي دوا ملڻ ئي وڏو مسئلو آهي اتي جيڪڏهن نقلي دوا ملڻ به مشڪل ٿي وڃي ته پوءِ مريض ڪيڏانهن ويندا ۽ اهي ڪهڙي ريت پنهنجي زندگي جا بچيل گذاري سگهندا. هي ڪو پهريون ڀيرو ڪونه ٿيو آهي جو ملڪ ۾ دوائن جو ڪچو مال اچڻ بند ٿي ويو آهي ۽ مارڪيٽ ۾ ملندڙ عام دوائون به کٽي ويون آهن. دوائون انساني زندگيءَ جو اهم جز آهن. انهن جو سستي اگهه تي ملڻ ۽ هر وقت ملڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ڇاڪاڻ ته اهو انساني زندگين جو معاملو آهي پر جيڪڏهن اهي دوائون نٿيون ملن ۽ بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ٿو ته ڪيترن ئي مريضن جون حياتيون داءُ تي لڳي وينديون.
ڇا هاڻوڪي حڪومت ۾ اها اهليت ناهي ته اها بحران کي حل ڪري سگهي. عوامي مسئلن کي منهن ڏئي سگهي ۽ دوائن جهڙي اهم شعبي ۾ ڪنهن به قسم جو بحران پيدا ٿيڻ نه ڏئي، جيڪي خدشا پاڪستان فارما سوٽيڪل مينوفيڪررز ايسوسيئيشن ظاهر ڪري رهي آهي، ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ملڪ کي رڳو بحرانن ۾ رهڻو آهي ۽ ان جا حل پيش ناهن ڪرڻا ته پوءِ سياسي پارٽيون حڪومت ۾ انهن وعدن سان اقتدار ڇو ماڻينديون آهن، جيڪي پورا نٿيون ڪري سگهن.
اسين سمجهون ٿا ته دوائن جي کوٽ هڪ اهم ترين معاملو آهي، ان کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ دوائون ٺاهڻ جو ڪچو مال ڪنهن به ريت بند نه ٿيڻ گهرجي ته جيئن مريضن کي دوائن جي رسد جاري رهي ۽ اهي بيمارين کان آجا ٿي سگهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان مسئلي تي سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي.