ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناياب نسل جي هرڻن جو شڪار

Editorial

سنڌ ۾ ناياب نسل جي هرڻن جي شڪار تي سنڌ واسي سدائين احتجاج ڪندا رهندا آهن. سنڌ ۾ انهن هرڻن جو انگ ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي پر تنهن هوندي به شڪار جو سلسلو هلندڙ آهي. ڪجهه عرصو اڳ جڏهن ننگر پارڪر ۾ ست هرڻ شڪار ڪيا ويا هئا ته ان تي سڄي سنڌ مان ردعمل سامهون آيو هو، اهو ردعمل ان ڪري سامهون آيو هو ته جيئن ناياب نسل جي هرڻن جو شڪار بند ڪيو وڃي پر هيستائين ائين نه ٿي سگهيو آهي. نه رڳو هرڻن جو شڪار جاري آهي پر انهن شڪارين خلاف به ڪا ڪارروائي عمل ۾ ناهي آئي، جيڪي جتي چاهين هرڻ مارڻ ۾ دير نٿا ڪن. جڏهن ته وائيلڊ کاتي جو ڪم آهي ته اهو ناياب نسل جي هرڻن توڙي پکين جي حفاظت ڪندو ۽ انهن شڪارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪندو جيڪي پنهنجي مرضيءَ سان سڄي سنڌ ۾ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي شڪار ڪري رهيا آهن. ڇا وائيلڊ لائيف کاتي جو ڪم رڳو اهو رهجي ويو آهي ته جڏهن به ناياب نسل جي پکين يا جانورن جو شڪار ٿئي ته اهو رڳو تماشو ڏسندو رهي. هڪ ڀيرو وري ننگر پارڪر جي ڳوٽ ساڪر ويرو ۾ چئن ناياب نسل جي هرڻن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي.

خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ننگرپارڪر ۾ ناياب نسل جي هرڻن جو شڪار رڪجي نه سگهيو آهي. گذريل رات دير سان ڳوٺ ساڪر ويرو ۾ 4 ناياب نسل جا هرڻ اڻڄاتل شڪارين جي گولين جو کاڄ بڻجي ويا، اڻڄاتل شڪاري ٽي ناياب نسل جا هرڻ شڪار ڪرڻ کان پوءِ ذبح ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا. شڪارين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل هڪ هرڻ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو، جيڪو واقعي واري هنڌ پيل آهي. اطلاع کي 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود واقعي واري هنڌ وائلڊ لائيف عملدار نه پهتا. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن سروپ سنگهه ٺڪر، سردار سنگهه ۽ اندر سنگهه ٺڪر ٻڌايو ته گذريل رات ڳوٺ ڀرسان جھنگ ۾ نامعلوم شڪارين طرفان 4 ناياب نسل جي ھرڻن جو شڪار ڪيو ويو آھي، شڪارين جي گولي سبب زخمي ٿيل ھرڻ جھنگ ۾ مري ويو، شڪار ڪيل 3 ھرڻن جو رت ۽ بندوق جي گولين جا خول اسان ھٿ ڪري ورتا آهن. شڪارين ويگو گاڏيءَ ۾ چڙهي ھرڻن جو شڪار ڪيو آهي، گاڏيءَ جي ٽائرن جا نشان واقعي واري جا تي زمين تي پيل آهن، اڳ به ڳوٺ ۾ موجود ھرڻن جو شڪار ٿيندو رھندو آھي، پر وائلڊ لائيف کاتو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن تي به ڪيس داخل ناهي ڪيو، جنهن ڪري شڪاري ان جو فائدو وٺندي سرعام ھرڻن جو شڪار ڪري رھيا آھن. واقعي جو اطلاع بروقت وائلڊ لائيف عملدارن کي ڏنو، پر ان باوجود عملدار 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ناهن آيا. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف مير اعجاز ٽالپر ٻڌايو ته شڪار واري هنڌ وڃي رهيو آهيان، في الحال واقعي بابت ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهان، شڪارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
سنڌ ۾ هن قسم جي شڪار جو واقعو ڪو پهريون واقعو ناهي، پر ان کان اڳ به ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا آهن ۽ هاڻي به ٿي رهيا آهن. انهن واقعن مان اها خبر پوي ٿي ته وائيلڊ لائيف کاتو رڳو زباني طور اهو بيان جاري ڪري ڇڏيندو آهي ته شڪارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي پر هيستائين ڪا به اهڙي ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، جنهن مان خبر پوي ته اها ڪارروائي ٿي آهي ۽ ان کان پوءِ شڪارين شڪار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ واقعي به ناياب نسل جا هرڻ موجود آهن ۽ انهن کي مارڻ تي پابندي آهي ته پوءِ انهن جو شڪار ڪنهن به ريت جائز ناهي ۽ جيڪڏهن سمورين پابندين باوجود به ڪو شڪار ڪري ٿو ته ان خلاف گهٽ ۾ گهٽ وائيلڊ لائيف کي ڪارروائي ضرور ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ جانورن توڙي پکين لاءِ ماحول ڪنهن به ريت سازگار ناهي ۽ نه ئي ان کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. شڪاري پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهن، اهي جتي به چاهين شڪار ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته ننگر پارڪر ۾ ٿيل هاڻوڪي شڪار تي هڪ ڀيرو وري سنڌ جو عوام ڏکارو آهي، تنهنڪري انهن شڪارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪا رعايت ملڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هرڻن جي نسل ڪشي ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ وقت ۾ هڪ به هرڻ موجود نه هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button