حيدرآباد ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي شام تي ڪو ڪير صحافي لکڻ چاهي ته اهو ان ڪارڊ روم يا ٽيرس تي ڪو شاهڪار ناول لکي سگهي ٿو. مرحوم صحافي سائين شيخ عزيز پنهنجي ڪتاب دارون ۽ ڪارون ۾ حيدرآباد پريس ڪلب، حيدرآباد جي صحافين تي شاندار لکيو آهي. جنهن ۾ صحافين جي زندگين جو سٺو ڇيد ڪيو ويو آهي. هن لکيو آهي ته هڪ دفعي مڌ لا پئسا نه هجڻ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب تي تاش جي راند ۾ محو صحافين کان هڪ لاش لا ڪفن دفن جي بندوبست ڪيرڻ جو چئي پئسا کڻي بار ۾ پهتاسين، جيڪي واردات جو حقيقت واپس اچي هنن صحافين کي ٻڌائي هئي. مطلب ته اهي قصا ۽ ڪچهريون سميٽڻ لا صحافين کي عام خبرن سان گڏ پنهنجي دوستن ۽ پنهنجي زندگي لکڻ به گهرجي. صحافي پنهنجي آتم ڪٿا لکن ته هنن جي زندگين ۽ فيلڊ ۾ آيل مشڪلاتن جا اهي واحد گواهه به هوندا آهن. جيڪي ڀلوڙ منظر نگاري ڪري سگهن ٿا. هڪ ڀيري شيخ عزيز جي ياد ۾ ڪرايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ صحافين شرڪت ڪئي، ان تقريب ۾ ڪراچي جي سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن مجاهد بريلوي به شرڪت ڪري صحافت سان گڏ شيخ عزيز جي زندگي تي ڀلوڙ ڳالهايو هو. هن ان تقريب ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ اڇي رنگ جو حوالي ڏيندي مڪمل اڇي ڊريس، اڇي وارن ۽ اڇي دارو جو حوالي ڏيندي اتي جي رات ڀيري ڪچهري کي ياد ڪيو هو. اتي ڳاڙهي مڌ کي به هن ياد ڪيو هو. هن ڪچهري جو ٿلهه ٻڌندي اختر بلوچ ۽ ٻين صحافين جي زندگي تي به ڀلوڙ ڳالهايو هو، مجاهد بريلوي جهڙن صحافين وٽ صحافت، ان جي تاريخ ۽ صحافين بابت جاندار ۽ شاندار ڳالهيون آهن. جن کي اهي لکڻ چاهين ته هڪ ڪتاب جي صورت ۾ اهي لکڻيون نروار ڪري سگهن ٿا.
مجاهد بريلوي هڪ دفعي برک ڪميونسٽ اڳواڻ ڄام ساقي جي تقريب ۾ شرڪت ڪري ڪميونسٽ پارٽي، ان جي خدمتن، ڪم ڪارن ۽ صحافين جي جدوجهد سان ڳنڊي تجزيو پيش ڪيو هو، جتي هن منهاج برنا ۽ مزدور تحريڪ جو وڏو ذڪر ڪيو هو، جنهن صحافين جي تنظيم حڪمرانن جي تخت کي به لوڏي ڇڏيو هو، ان وقت جي صحافين ڪوڙا کائي اذيتون برداشت ڪرڻ ۽ نوڪرين تان هٿ کڻڻ باوجود پنهنجي صحافين وارن حقن جي جدوجهد تان هٿ نه کنيو هو. هن منهاج برنا ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن جي ويجهڙائپ ۽ سياسي هڪجهڙائپ تي به ڳالهايو هو. جنهن تقريب ۾ سياسي اڳواڻن سان گڏ ملڪ جي سياست تي ڪڙي نظر رکندڙ حامد مير به شرڪت ڪئي. اسلام آباد جي ٿڌين هوائڻ ۽ اتي جي صحافت ۽ سياست جون ڳالهيون ٻڌايون هيون. ان تقريب کي به ڪٿي ڊاڪومينٽ ڪيو وڃي ها ته هڪ تاريخ ٺهي پوي ها. ان ڪري هر هڪ تقريب ۽ اتي ايندڙ اڳواڻن اهي پو صحافي هجن يا سياستدان هنن جي خطابن کي محفوظ ڪجي ته ايندڙ نسل جا ماڻهو ۽ نوجوان سبق پرائيندا رهندا. اهڙي ريت حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ صحافين طرفان حياتي ۾ ئي سماج ۾ خدمتون ڏيندڙ اڳواڻن سان شام ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت نالن جي چونڊ ڪري اهو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ۾ غلام نبي مغل سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ شام ملهائي وئي هئي. هن تقريب ۾ صحافين سان گڏ سماجي ۽ سياسي طور متحرڪ ماڻهن جي اين مغل جي زندگي تي ڳالهايو هو، جتي موجود مٿي ذڪر ڪيل اينڪر پرسن ۽ صحافي مجاهد بريلوي به شرڪت ڪئي هئي. جتي هن چيو ته صحافت کي زندگي ڏيندڙ، هڪ ڏکئي وقت ۾ اٽل بيهندڙ صحافين لا لکڻ لاءِ آڱريون رت سان ڪرڻيون پونديون. ان لاءِ ڀلا دولت سان مالا مال ميڊيا جي ادارن کي ان جي ضرورت به ڪهڙي آهي. هن چيو ته جي اين مغل ۽ منهاج برنا جي قبيلي جي صحافين پيٽ سا پٿر ٻڌي صحافت ڪئي آهي. اهي اڄ به بک ۾ پاهه ٿيل صحافين جي صفن ۾ بيٺل آهن. هن چيو ته پوري برصغير ۾ هن صحافين جي يونين جهڙو ڪٿي به مثال نه ملندو. جنهن صحافين جي لا پوري کنڊ ۾ هڪ وڏي تحريڪ هلائي. صحافين جي جدوجهد سان صحافين کي پنهنجا حق مليا. اڄ ان تنظيم ۽ جدوجهد کي ختم ڪيو ويو آهي. اڄ هڪ نه پر الئي ڪيتريون پي ايف يو جي ٺهي چڪيون آهن. اڄ جيڪو ميڊيائي ڪارڪن ته ڏکيو وقت آيو آهي. اهو وري ڪڏهن نه آيو آهي، 90 سيڪڙو صحافين کي ڪيتري پگهار ملندي آهي. اهي پگهارن لا ترسن ٿا. هن چيو ته مونکي چڱي ريت خبر آهي ته جهازن، فائيو اسٽار هوٽلن ۾ آزادي صحافت لا جيڪي تقريبون ۽ روز سيمينار ٿين ٿا. ان لا ڪٿان پئسا اچن ٿا. اڄ ميڊيا جي مالڪن ۽ ڪارڪن جي وچ ۾ وڏو فرق آهي، هڪ لڪير نڪتل آهي. ڪارڪن کان پڇو اهي ڪيئن پگهارن لا تاريخن جو انتظار ڪندا آهن. پو اها پگهار به ڪيتري ملندي هوندي. اڄڪلهه ته ڪيتريون ئي صحافين جون يونين ٺهي چڪيون آهن.
هن جي چيل ڳالهين کي وري ٻِئي ڏينهن جي ميڊيا ۽ اخبارن ٻئي انداز ۾ رپورٽ ڪيو هو. جنهن لا صحافين چوندا آهن ته خبر سنسر ٿي وئي پر ان خبر کي سنسر ڪري ئي ٺاهيو ويو هو. مجاهد بريلوي جي خطاب کانپو اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته صحافت ۽ ان جي سياست ڪٿي بيٺل آهي. هن وقت هر ٻيو صحافي يونين ۽ پريس ڪلب ٺاهڻ لا جتن ڪري رهيو هوندو آهي. صحافين کي ورهائڻ ۾ ئي ته دشمن کي مزو ايندو آهي. جنهن لا صحافت جي ڪارڊ کڻي هلندڙ هر ٻيو نمبر ماڻهو دستياب آهي. ماضي جي صحافت ۽ اڄ نظر ايندڙ صحافت ۾ فرق به واضح ٿي چڪو آهي. هن صحافت ۾ اٽل ۽ اڏول ڪردار اڄ به سرخرو بيٺل نظر اچن ٿا پر سماج جو تجزيو هميشه مجموعي ۽ اڪثريت جي حوالي سان ڪيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ پراڻن ۽ جهدوجهد مان نڪتل صحافين سان ملاقات ڪجي ٿي ته اهي پنهنجي شاندار ماضي جي صحافت جي سهاري اڄ به ڳاٽ اوچو ڪري ڳالهائين ٿا. ان لا ضروري آهي ته اهي پنهنجون يادگيريون لکن. يقينن مرحوم اختر بلوچ به پنهنجي ڪا آتم ڪٿا لکي ويو هوندو يا هن جا دوست هن ته لکي به سگهن ٿا. جنهن وٽ به ڳالهين جو تمام گهڻيون ڳٺڙيون هيون، جيڪي هن ڪٿي کوليون به هونديون. هن جي رات ڪراچي پريس ڪلب سان ئي منسوب هئي، جيڪا رات هن کي رنگين بڻائي ماڻهن جي سجاڳ ٿيڻ کان پهرين ڪي چار ڪلاڪ اڳ ۾ اسڪوٽر تي گهر پهچائي ڇڏيندي هئي. ڪراچي جا صحافين ٻڌائين ٿا ته هن پنهنجي اسڪوٽر تي ڪڏهن به پريس يا صحافي نه لکرايو هو. جنهن سان لکيل هوندو هو “عام آدمي”