اڄڪلهه ڪئين ماڻهن پاران اها ڳالهه چئي پئي وڃي، ته اسين ماضي کي دفن ڪري اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا. اسين ماضي ۾ قيد ٿي ترقي نٿا ڪري سگهون. اها ڳالهه ان حوالي سان صحيح آهي ته پنهنجي اڄ جي ناڪامين کي لڪائڻ لا ماضي جي عظمت جو سهارو نه ورتو وڃي، پر ان مسئلي جو هڪ ٻيو پهلو اهو به آهي ته جيئن ته اسان ماضي ۾ اهڙيون غلطيون ڪيون آهن، جن جو اعتراف ڪرڻ اسان لا سولو ڪونهي، تنهنڪري اسين تاريخ ۽ ماضي کي دفن ڪرڻ جو رويو اختيار ڪريون ٿا. ان سچ کي مڃڻ گهرجي ته تاريخ اسان کي آئينو ڏيکاري ٿي ۽ اهو نياپو ڏئي ٿي ته مستقبل ۾ اهي غلطيون نه ڪيون وڃن، جيڪي اسان لا تباهي جو سامان پيدا ڪن.
عهدنامي قديم کي پڙهيو وڃي ته شروع کان آخر تائين تاريخ جو قصو آهي، انهي جي بابن ۾ گم ٿيل قبيلن ۽ قومن جي تاريخ اسان کي پنهنجو چهرو ڏيکاري ٿي. انهن غلطين جي نشاندهي ڪري ٿي، جيڪي ڪن قومن کان ٿيون، جن جي ڪري اهي مٽجي ويون. عهدنامي قديم جو هڪ صحيفو جيڪو دنيا ۾ ڪلاسيڪي ادب ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، اهو “نوحو” آهي. چيو وڃي ٿو ته ان کي يرمياه نبي پنهنجي دربدري دوران لکيو هو ۽ ان عهدنامي قديم جو هڪ صحيفو “زبور” آهي. جنهن ۾ “قيدين جو نوحو” آهي، قيدين جو اهو نوحو “اسين بابل ندين تي ويهي، صيون کي ياد ڪري روئي پياسين.” 1970ع جي ڏهاڪي ۾ بوني ايم ان کي ڳايو، ته اهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙي ويو. اهو اهو ئي نوحو آهي، جنهن کي يهودين ايترا ڀيرا ورجايو جو اڍائي هزار سالن کانپو اهي صيون جي سرزمين تي پنهنجي هڪ مملڪت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اسين ۽ اسان جا حاڪم چون ٿا ته ڍاڪا جي ڌار ٿيڻ جي تاريخ کي وساري ڇڏجي، يرمياه نبي يروشلم تي نوحو لکيو هو.
يروشلم جي سقوط، ان جي تباهي اسرائيلن جو قيد ٿيڻ ۽ انهن جي دربدري کي ان جا دانشور جيڪڏهن وساري ويندڙ ذلت قرار ڏئي، پنهنجن ماڻهن کي اهو نقطو ٻڌائين ها ته شڪست جي معاملن کي وساري ڇڏڻ بهتر آهي ته اڄ يهودي تاريخ جو هڪ گم ٿيل ورق هجن ها.
ويجهي ماضي ۾ ڏسجي ته پهرين عالمي جنگ جي شڪست کاڌل جرمني ٺاهه ۽ رسائي جي ذلت آميز جي شرطن کي، جيڪڏهن “تاريخ جو حصو” قرار ڏئي وساري ڇڏي ها ته ڇا رڳو 20 سالن جي اندر اهو هڪ عظيم عسڪري قوت بڻجي اڀري سگهي ها ۽ ٻي عالمي جنگ جي شروعات جي جرئت ڪري سگهي ها. جرمني قوم پنهنجي قوت، پنهنجي بدترين شڪست مان ماڻي. اهڙي ريت اسين ٻي عالمي جنگ ۾ جاپان جي المناڪ شڪست کي ڏسون ٿا، جاپانين جيڪڏهن تاريخ کي وسارڻ وارو رويو اختيار ڪيو هجي ها ته پنهنجي شڪست کي تاريخ جو حصو سمجهي، پنهنجي روزمرهه جي معاملن ۾ مصروف ٿي وڃي ها ته اڄ هو دنيا جي اهم ترين صنعت ۽ اقتصادي قوت نه هجي ها. 20هين صدي جي آخري ڏهاڪن ۾ سامهون ايندڙ هڪ آمريڪي دانشور پال ڪينيڊي پنهنجي ڪتاب “عظيم طاقت جو عروج ۽ زوال” ۾ جڏهن آخري باب لکڻ ويٺو، اول ته هو اها ڳالهه اسان جي سامهون رکي ٿو ته رڳو ماضي بعيد ئي نه ماضي قريب به تاريخ جو درجو رکي ٿو. ٻي ڳالهه اها چوي ٿو ته مستقبل کي ڄاڻڻ، سمجهڻ ۽ ان جي باري ۾ اندازي لا اهو ضروري آهي ته ماضي تي نظر ڊوڙائي وڃي ۽ اهو ڏٺو وڃي ته گذريل پنجن صدين ۾ وڏيون طاقتون ڪهڙي ريت عروج ۽ زوال کان واقف هيون.
جيڪڏهن اسين تاريخ مان سکڻ وارو رويو رکون ها ته اسان کي ياد رهي ها ته هندي ۽ فقط هندي تي زور ڏيڻ ننڍي کنڊ کي ورهائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو. جيڪڏهن اسين اها ڳالهه ذهن ۾ رکون ٿا ته 1948ع ۽ پو 1952ع ۾ پاڪستان ۾ ڪڏهن به اردو ۽ فقط اردو کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ تي زور نه ڏيون ها. بنگلا کي ان جو جائز حق ڏيڻ، جيڪو نيٺ ڏيڻو پيو هو ته اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي وچ ۾ لساني نفرتن جو بارود نه وڇائجي ها. جيڪڏهن اسان تاريخ جي ان پاسي کي ياد رکيو هجي ها ته سنڌ ۾ 1972ع جا اهي لساني فساد نه ٿين ها، جن سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي طاقت کي ورهائي ڇڏيو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيپي جو ماحول ختم ٿيو. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هٿين پئجي ويا. اسان جيڪڏهن تاريخ کي دفن ڪرڻ جو اهو رويو اختيار نه ڪيو هجي ها ته اسين 24 آڪٽوبر 1953ع تي پاڪستان جي پنهنجي قانونسازي اسيمبلي کي ختم ۽ ان جي نتيجن کي ياد رکون ها ته اسين آمرن هٿان اسيمبلين جي تذليل ۽ تحليل جو تماشو نه ڏسون ها ۽ پاڪستان اتي نه هجي ها، جتي اڄ آهي.
اسان سوويت يونين جي ٽٽڻ مان به نه سکيو، ته جيڪڏهن ڪنهن سپر پاور جي شهرين کي مهانگائي، کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ ۽ اظهار جي آزادي تي پابندين سبب پريشان رکبو ته اهڙا ملڪ پنهنجي هٿيارخانن ۾ روايتي ۽ ايٽمي هٿيارن جا ڍير رکڻ باوجود عوامي غيظ ۽ غضب سامهون ڍير ٿي ويندا آهن. ان سان ڀريل گدام حڪومت جو بهتر نظام ۽ انصاف جو اهتمام ماڻهن کي گڏائي رکي ٿو. پنهنجين حڪومتن تي تنقيد ماڻهن کي حڪومت ۾ شريڪ رهڻ جو احساس ڏياريندي رهندي آهي ۽ ذهن ۽ بدن جي اها مشق حب وطن جو اهڃاڻ بڻجي ويندي آهي. ملڪن کي ڳنڍي رکندي آهي. وڏن وڏن دانشورن ۽ تاريخدانن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته تاريخ جي وهڪري کي جڏهن به ڪنهن خاص مفاد واري نظريي مطابق رکڻ يا ان جي ڌارا کي موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان اهڙين ڪوششن جو مذاق اڏايو آهي. تاريخ کي جڏهن به جبري ۽ غير فطري طور وسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته اها اوچتو ٽپو ڏئي اسان جي سامهون اچي وئي آهي. تاريخ مجموعي طور قومن جو اعمال نامو آهي، ان مان سکي سگهجي ٿو، پر ان مان جان نٿي ڇڏائي سگهجي.
جيڪڏهن اسان تاريخ کي وسارڻ وارو رويو اختيار نه ڪيو هجي ها ته اسان کي اهو چڱي ريت معلوم هجي ها ته ملڪ طاقت سان نه مفاهمت سان اڳيان وڌندا آهن. انتهاپسندي بدران صبر ۽ بردباري جي ضرورت هوندي آهي. ماڻهن کي هڪٻئي سان ڳنڍيو ويندو آهي، سڀني جي مفادن جو خيال رکيو ويندو آهي. ته ڇا اسين ان بنيادي نقطي کي وساري سگهون ٿا ته پاڪستان جي مسلم اڪثريتي صوبن ٺاهيو هو، تنهنڪري وفاقيت ان ملڪ جي وجود لا اڻٽر آهي. وفاقي نظام جو تحفظ اصل ۾ پاڪستان جو تحفظ آهي. تاريخ سامهون هجي ها ته اسان کي خبر پوي ها، پاڪستان ووٽن ذريعي وجود ۾ آيو آهي. ٻين لفظن ۾ اهو چئجي ته هي ملڪ جمهوري عمل جو نتيجو هو، ان ڪري جمهوري عمل اسان جي ملڪ لا روح جو درجو رکي ٿو. اهو نقطو نظر ۾ رکجي ها ته اهڙو ڪجهه نه ٿئي ها، جيڪو 1971ع ۾ ٿيو.
تاريخ جو معروضي مطالعو ٻڌائي سگهي ٿو ته 21هين صدي جي ڪهڙي تاريخ لکجڻ واري آهي. اسين جيڪڏهن اهو ڄاڻي وٺون ته اسان جون ڪيتريون ئي مشڪلون آسان ٿي وينديون. نئين صدي جو پهريون پيغام اهو آهي ته هاڻي جنگ ۽ جدل جو زمانو گذري ويو. جيڪو ملڪ تڪرارن ۾ وڪوڙيل رهندو، عالمي اڪيلائي ۽ معاشي بدحالي ان جو مقدر ٿيندي. آمريڪا اهو نقطو سمجهي ورتو ۽ افغانستان مان نڪري ويو. ان کي ڪهڙا ڪهڙا طعنا ڏنا ويا، پر ان کي خبر هئي ته اربين ڊالر ساليانو جنگ وڙهڻ تي خرچ ڪرڻ سان ان جي معيشت ويهي رهندي ۽ آمريڪا عالمي معاشي طاقت نه رهندو. جنگ ۽ ڳرن مالي خرچن کان بچڻ لا ڪو ٻيو ملڪ افغانستان ۾ آمريڪا جي جا وٺڻ ۽ اربين ڊالر خرچ ڪرڻ لا تيار ناهي. اسان کي گهرجي ته اسين تاريخ کي بار بار پڙهون، پنهنجين غلطين جو ادراڪ ڪريون، تاريخ جي روشني ۽ ر هنمائي ۾ مستقبل جي ڏسا جو تعين ڪريون، جيڪو اسين هيستائين نه ڪري سگهياسين.