ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سوشلزم ڇو؟ – I

Editorial-Article- Javed Pahnwer

البرٽ آئنسٽائن/ جاويد پنهور
آئنسٽائن جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. سندس هي مضمون مئي 1949ع ۾ کاٻي ڌر جي آمريڪي جرنل “منٿلي ريويو” جي پهرين شماري ۾ شايع ٿيو.
ڇا اهو ممڪن آهي ته معاشي ۽ سماجي مسئلن کان بي خبر ماڻهو سوشلزم جي موضوع تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري؟ مان سمجهان ٿو ته هن کي پنهنجو اظهار ڪرڻ گهرجي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن.
پهرين، اچو ته هن سوال کي سائنسي علم جي نقطه نظر سان ڏسون. ائين لڳي ٿو ته فلڪيات ۽ اقتصاديات جي طريقيڪار ۾ ڪو به بنيادي فرق نه آهي: ٻنهي شعبن ۾ سائنسدان ڪجهه لاڙن لاءِ عام قبوليت جي قانونن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪي انهن لاڙن جي وچ ۾ رابطي کي وڌ کان وڌ واضح ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ اتي طريقن جا اختلاف وجود رکن ٿا.
معيشت جي ميدان ۾ عام قانون جي دريافت ان حقيقت جي ڪري رڪاوٽ بڻيل آهي ته ڏٺو ويو؛ معاشي لاڙو ڪيترن ئي عنصرن کان متاثر ٿئي ٿو، جن کي انفرادي طور جانچڻ مشڪل آهي. ان کان سواءِ، انساني تاريخ ۾ تهذيب جي شروعات کان وٺي اجتماعي تجربا فقط ۽ فقط معاشي سببن جي ڪري ئي موجود آهن.
مثال طور، تاريخ ۾ تمام وڏيون رياستون فتحن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيون. فتح حاصل ڪندڙ ماڻهن پاڻ کي قانوني ۽ معاشي طور تي فتح ڪيل علائقي جو اشرافيه طبقو بڻائي ڇڏيو. انهن زمين جي مالڪي تي ورهاست ڪئي ۽ پنهنجن ماڻهن کي مذهبي اڳواڻ مقرر ڪيو. مذهبي اڳواڻ، جن جي هٿ ۾ تعليم جو نظام هو، انهن سماج جي طبقاتي ورهاڱي کي هڪ مستقل ادارو بڻائي ڇڏيو ۽ انهن قدرن جو هڪ اهڙو نظام متعارف ڪرايو، جنهن تي پوءِ ماڻهو پنهنجي سماجي روين ۾ گهڻو ڪري (غير شعوري) طور عمل ڪندا رهيا.
پر تاريخي روايتن جو تعلق ماضيءَ سان آهي. حقيقت ۾، اسان اڃا تائين انساني ارتقاءَ جي مرحلي مان گذريا ئي ناهيون، جنهن کي Thorstein Wiblin predatory) شڪاري مرحلو) سڏيو ويو آهي. جيئن ته سوشلزم جو اصل مقصد انسان جي ارتقا جي هن شڪاري مرحلي کي عبور ڪرڻ ۽ ترقيءَ ڏانهن وڌڻ آهي، ان ڪري موجوده حالت ۾ معيشت جي سائنس مستقبل جي سوشلسٽ سماج تي ٿوري ئي روشني وجهي سگهي ٿي.
ٻيو اهو ته، سوشلزم هڪ سماجي اخلاقي مقصد ڏانهن رجوع ڪري ٿو. بهرحال، سائنس مقصد پيدا نه ٿي ڪري سگهي. سائنس وڌ ۾ وڌ اهي وسيلا مهيا ڪري ٿي جنهن سان اهي مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. انهن مقصدن کي اهي شخصيتون تصور ڪن ٿيون جن سان تمام اعليٰ نظريا جڙيل آهن ۽ جن جو هُو تعين ڪن ٿا. پوءِ ڪئين ماڻهو انهن کي اڳتي وٺي ويندا آهن ۽ لاشعوري طور سماج جي سست ارتقا جو تعين ڪندا آهن.
انهن سببن جي ڪري اسان کي محتاط رهڻو پوندو ته انساني سماج جي مسئلن جي حوالي سان سائنس جي ڪردار ۽ سائنسي طريقي جو وڌاءُ نه ڪيو وڃي. اسان کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته سماجي تنظيمن جي سوالن تي راءِ ڏيڻ جو حق فقط ماهرن کي ئي حاصل آهي.
ڪجهه عرصي کان ڪئين ماڻهو ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيا آهن ته، انساني سماج بحرانن مان گذري رهيو آهي ۽ ان جو توازن بگڙي ويو آهي. اهو انهن حالتن سان منسوب ٿيل آهي، جنهن ۾ ماڻهو ننڍي يا وڏي گروهه سان تعلق رکن ٿا، جنهن ڏانهن هو بي حس، لاتعلق يا ان کان به وڌيڪ دشمنيءَ جو احساس پيدا ڪن ٿا. ان نقطي کي واضح ڪرڻ لاءِ مان پنهنجو هڪ ذاتي تجربو بيان ڪريان ٿو. تازو مون هڪ ذهين ۽ سڌريل انسان سان هڪ ٻي جنگ جي خطرن بابت ڳالهايو ته ڪيئن اها انسانيت جي وجود کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. مون تبصرو ڪيو ته سماج جي هڪ بين الاقوامي تنظيم ئي فقط اسان کي هن خطري کان بچائي سگهي ٿي. ان تي هُن وڏي اطمينان سان فرمايو ته تون آخر “انسانيت جي خاتمي خلاف ڇو آهين؟”
مان سمجهان ٿو گهٽ ۾ گهٽ اڌ صدي اڳ ڪير به اهو سڀ ڪجهه آسانيءَ سان چئي نه ٿي سگهيو. هي هڪ اهڙي شخص جو بيان آهي، جنهن بهتري جي سڀني اميدن کي ڇڏي ڏنو آهي. هي ڏکوئيندڙ احساس اڪيلائيءَ جو مظهر آهي، جنهن مان ڪئين ماڻهو اڄ گذري رهيا آهن.
ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ڇا ڪو ان جو حل آهي؟
اهڙا سوال پڇڻ ته سولا آهن پر يقين سان جواب ڏيڻ ۾ مشڪل پيش اچي ٿي. مان فقط هن جواب کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري سگهان ٿو. جيتوڻيڪ مون کي پوريءَ ريت خبر آهي ته اسان جا احساس ۽ ڪوششون اڪثر تڪراري ۽ مبهم آهن ۽ انهن کي آسان ۽ سادن لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.
انسان هڪ ئي وقت فرد ۽ سماجي وجود آهي. هڪ فرد جي حيثيت ۾ هو پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن جي حفاظت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو پنهنجي ذاتي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۽ پنهنجي فطري صلاحيتن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هڪ سماجي وجود جي حيثيت ۾ هو پنهنجي ساٿي انسانن جي تعريف ۽ محبت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. انهن جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ، انهن جي ڏکن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ ۽ انهن جي زندگي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهڙي ئي قسم جا لاڙا جيڪي گهڻو ڪري متضاد هوندا آهن، اهي لاڙا ئي هڪ فرد جي انفرادي شخصيت کي ٺاهيندا آهن ۽ انهن جو خاص ميلاپ اهو طئي ڪري ٿو ته ڇا هڪ فرد اندروني توازن حاصل ڪري ۽ سماج جي خوشحاليءَ ۾ حصو وٺڻ جي قابل آهي. اهو بلڪل ممڪن آهي ته انهن ٻن لاڙن جي طاقت جو مجموعي تعين هڪ ٻئي جي ڀيٽ ۾ ورڇ ۾ آهي. پر شخصيت جي اڏاوت آخرڪار ماحول، سماجي سرشتي ۽ ان جي روايتن سان ٿيندي آهي. هڪ فرد پاڻ سوچڻ، محسوس ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ جي قابل هوندو آهي، پر هو پنهنجي جسماني، ذهني ۽ جذباتي وجود لاءِ سماج تي ڀاڙي ٿو. سماجي جوڙجڪ کان ان جو خارجي تجزيو ڪرڻ ناممڪن آهي. اهو سماج ئي آهي جيڪو کيس ماني، ڪپڙو، گهر، اوزار، مزدوري، ٻولي، شڪلين ۽ خيالن جو سامان ڏئي ٿو. هن جي زندگي ماضي ۽ حال جي لکين ماڻهن جي محنت ۽ صلاحيتن جو نتيجو آهي، جيڪي لفظ “سماج” جي پويان لڪيل آهن.
تنهنڪري اهو واضح آهي ته فرد جو سماج تي ڀاڙڻ هڪ فطري حقيقت آهي. اها ڳالهه جيتن ۽ ماکيءَ جي مکين جي صورت ۾ به صحيح آهي. بهرحال، جتي جيتن ۽ ماکيءَ جي مکين جي زندگيءَ جا سڀ عنصر موروثي جبلتن سان طئي ٿيندا آهن، اتي انسانن جي سماجي ڍانچي ۽ گڏيل لاڳاپا بلڪل تبديلي پذير هوندا آهن. يادگيرين، نيون شين ٺاهڻ جي صلاحيت ۽ ٻوليءَ جي تحفي انسانن ۾ اهڙيون ترقيون ممڪن ڪيون آهن، جيڪي حياتياتي ضرورتن مطابق نه هونديون آهن. انهن جي ترقيءَ جو اظهار روايتن، ادارن، تنظيمن، ادب، سائنسي ايجادن ۽ فن ۾ ٿئي ٿو. ان مان اهو واضح ٿئي ٿو ته انسان پنهنجي زندگيءَ تي پنهنجي عملن سان اثر انداز ٿئي ٿو ۽ شعوري سوچ ۽ خواهشون ان عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
ڄمڻ وقت، انسانن کي حياتياتي طور تي هڪ اهڙي مورثي سڃاڻپ حاصل ٿئي ٿي جنهن تي اسان کي مستقل ۽ تبديل نه ٿيڻ تي غور ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏ هو پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ثقافتي ڍانچو به حاصل ڪري وٺي ٿو، جنهن کي هو سماجي رابطن ۽ ٻين مختلف اثرن ذريعي اختيار ڪري ٿو. اها ثقافت ئي آهي جيڪا وقت سان گڏ تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ اهو گهڻو ڪري فرد ۽ سماج جي وچ ۾ لاڳاپن جو تعين ڪري ٿي. قديم تهذيبن جي تقابلي تجزيي ذريعي، آثار قديمه اسان کي سيکارين ٿا ته انسان جا مختلف سماجي رويا موجوده ثقافتي طريقن ۽ سماجي تنظيم جي نوعيت تي ڀاڙين ٿا. انساني ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارن کي اها ئي اميد رکڻ گهرجي ته انسان پنهنجي حياتياتي آئين جي ڪري هڪ ٻئي کي تباهه ڪري يا ڪنهن بي رحم قسمت جي رحم ڪرم تي هلي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button