بابر انعام سمنگ
ڊسمبر مھينو دردن ڀريو آهي. جيئن ڊسمبر شروع ٿئٔي ٿو، تيئن شھيد راڻي جون يادون اچڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ۽ ھر ماڻهوءَ جي اکين ۾ پاڻي اچي وڃي ٿو.
شھيد جمھوريت محترمه بينظير ڀٽو اھا عظيم ليڊر ھئٔي، جيڪا مسلم دنيا جي پھرين وزيراعظم بڻي ھئٔي، جنهن ھن ملڪ لاءِ اڻڳڻيون خدمتون ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.
شھيد راڻي سدائين ٻين لاءِ جيئڻ پسند ڪندي ھئٔي ۽ هوءَ وڏي جمھوريت پسند ھئٔي.
ضياءَ جي مارشل لا ۽ سندس والد جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ بينظير ڀٽو سياست ۾ قدم رکيو. سندس جدوجهد ۽ قرباني رنگ لاتو.
4 اپريل 1979ع تي والد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وفات کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو 29 سالن جي ڄمار ۾ پارٽي قيادت سنڀالي ورتي هئي.
هن سياسي زندگيءَ جي شروعات انتهائي ڏکين حالتن ۾ ڪئي. جڏهن پاڪستان جي پهرين چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ رجعت پسند قوتن جي مدد سان جمهوريت جي حقن کي غصب ڪيو ويو. اونداهي دور ۾ جڏهن ماڻهن جي سوچ محدود ٿي چڪي هئي. تقرير ۽ تحرير تي سزا ڏني ويندي هئي. تڏهن بينظير ڀٽو پاڪستان جي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. بي بيءَ جي جنگ فوجي جنتا، مذهبي ٺيڪيدارن ۽ راڄڌانيءَ جي سازشن سان هئي. آمريتي دور ۾ کيس بندوقن سان ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رجعت پسند سندس خلاف ڪردار ڪشي ۽ مذهبي ڪارڊ جا هٿيار کڻي آيا ۽ سرمائيدارن سندس پارٽيءَ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سرمايو استعمال ڪيو. ڪڏهن چيو ويو ته اسلام ۾ عورت جي قيادت جي ڪا به جاءِ ناهي. ڪڏهن پيءُ جي گناهن جو بار ڌيءَ تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪڏهن ڀائرن تي لڳايل بي بنياد الزام ڀيڻ جي سر تي هنيا ويا ته ڪڏهن زال تي. مڙس تي لڳل الزمن جي به هن کي سزا ڏني وئي هئي. بي بي انهي توهين ۽ الزامن جو جواب صبر، تحمل ۽ برداشت سان ڏنو. بينظير ڀٽو جرئت سان ظلم جو مقابلو ڪيو، الزامن جو جواب بلند ڪردار وسيلي ڏنو ۽ عوام سان لازوال رشتو قائم ڪري سرمائيدارن ۽ غاصبن جو مقابلو ڪيو. بينظير ڀٽو مفاهمت ذريعي سياسي اڳواڻ طور مقام حاصل ڪيو ۽ عوام کي پنهنجن حقن لاءِ متحد ڪيو.
ذوالفقار علي ڀٽي جي تخت تي ويهڻ کان پوءِ سندس پارٽي ۽ نظريي کي تباهه ڪرڻ جي سازشن جو سلسلو انتها تي پهچي ويو. ڀٽو صاحب جي ويجهن سياسي ساٿين ۽ بي بيءَ جي ساٿين جو وڏو انگ يا ته سازشين ۾ شامل ٿيو يا پنهنجي جان جي بدلي ۾ خاموش رهيو. بي بي صاحبه پارٽيءَ جي ڪجهه سينيئر اڳواڻن سان گڏ ۽ نوجوان قيادت ذريعي ڀٽو ازم کي هٿي ڏئي اجاگر ڪيو. جنرل ضياءَ جو آمراڻو دور پاڪستان جي تاريخ جو اونداهو دور آهي. اهڙي ريت بي بيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سندس خلاف جدوجهد اسان جي تاريخ جو روشن باب آهي. ڀٽو صاحب جي عدالتي قتل کان پوءِ پاڪستان عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويو هو. بي بي صوبائيت جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ملڪي سطح تي وفاق جي علامت جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ماڻهن ملڪ جي گهٽين ۾ اهو نعرو بلند ڪرڻ شروع ڪيو. “چارون صوبون کي زنجير، بينظير بينظير…..”
محترمه بينظير ڀٽو لاءِ هن مرداڻي سماج ۾ ماڻهن جي اڳواڻي ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه هو. ڪڏهن چيو ويندو هو ته ڌيءَ وارث نه ٿي ٿي سگهي، پوءِ چيو ويو ته پاڪستان ۾ موروثيت جي سياست جو ڪو مستقبل ناهي ۽ آخري حل طور مذهبي ٺيڪيدارن کان فتويٰ جاري ڪرائي وئي ته عورت سربراهه نه ٿي ٿي سگهي. پر وزير اعظم بينظير جو آواز انهن قوتن خلاف بغاوت جو اعلان ڪري رهيو هو. پوءِ جڏهن ڊسمبر 1988ع ۾ بينظير ڀٽو وزير اعظم جو حلف کنيو ته تمام گهڻين سازشن جي باوجود اخبارن کي هيڊ لائين ڏيڻي پئي، وزير اعظم بينظير ڀٽو جو نعرو حقيقت بڻجي ويو. بي بي وڏي محنت ۽ اعليٰ سياسي صلاحيتن ذريعي ثابت ڪيو ته هڪ ڌيءَ به پيءُ جي عظيم مشن کي اڳتي وڌائي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن وراثت عظيم آهي ته اها پوئواري ڪرڻ جي لائق آهي.
شھيد راڻي ٻه ڀيرا اسلامي جمھوريه پاڪستان ۽ مسلم دنيا جي پھرين عورت وزيراعظم بڻي. پھريون ڀيرو 1988ع ۽ ٻيو 1993ع ۾. هن جمھوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ هٿي ڏني. شھيد راڻي جمھوريت پسند ھئي ۽ ھڪ عورت هوندي به هن دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو.
1988ع ۾ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جڏهن وزير اعظم ٿي ته ھوءَٔ اقتدار ۾ گهڻو وقت نه رھي. ڪن سازشن جي ڪري ھن جي حڪومت ختم ڪئٔي وئي.
ٻئي ڀيري جڏهن 1993ع وزيراعظم ٿي ته ان وقت جي صدر فاروق لغاري اسمبليون توڙي تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ شھيد بي بي ۽ ٻين اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا.
شھيد جمھوريت محترمه بينظير جون ھن ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون آهن. سندس والد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاھيءَ تي چاڙهيو ويو. سندس ٻن نوجوان ڀائٔرن مان شاھنواز ڀٽو کي زھر ڏئٔي ماريو ويو ۽ مير مرتضيٰ کي ڏينهن ڏٺي جو گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو.
شھيد راڻيءَ کي ٽي سال جيل ۾ قيد رکيو ويو ۽ جلاوطن پڻ ڪيو ويو. سندس مڙس آصف علي زرداريءَ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ 11 سال جيل ۾ رھڻو پيو.
شھيد راڻي پنهنجي آخري ڪتاب “اسلام، جمهوريت ۽ مغرب” لکيو آهي ته “مان 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچيءَ جي قائداعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قدم رکيو ته جذباتي ٿي ويس. سياست ۾ اڪثر عورتن وانگر، مان خاص طور تي حساس آهيان، پنهنجي ٺاهه کي برقرار رکڻ لاءِ، ڪڏهن به پنهنجي جذبات کي ظاهر نه ڪرڻ لاءِ. سياست يا حڪومت ۾ هڪ عورت پاران جذبات جي نمائش کي ڪمزوريءَ جي مظهر، اسٽريوٽائپ ۽ ڪارنامن کي مضبوط ڪرڻ طور غلط سمجهي سگهجي ٿو. پر جيئن ئي اڪيلائي ۽ سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو منهنجو پير پنهنجي پياري پاڪستان جي ڌرتيءَ کي ڇهيو ته مان پنهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ کي روڪي نه سگهيس ۽ مون پنهنجا هٿ احترام، شڪر ۽ سڪ سان مٿي کنيا ته مان پاڪستان جي سرزمين تي بيٺي هيس. مون محسوس ڪيو ته هڪ وڏو بار، هڪ خوفناڪ وزن، منهنجي ڪلهن تان هٽايو ويو آهي. آزاديءَ جو احساس هو. مان آخري وقت تائين گهر ۾ هيس. مون کي خبر هئي ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي.
مان جلاوطنيءَ واري پنهنجي گهر دبئي کان ٽي ڪلاڪ اڳ روانو ٿي چڪي هيس. منهنجو مڙس آصف اسان جي ٻن ڌيئرن بختاور ۽ آصفه سان گڏ دبئي ۾ رهندو هو. آصف ۽ مون هڪ حساب سان ڏکيو فيصلو ڪيو هو. اسان پنهنجي واپسيءَ جي خطرن کي سمجھندا هئاسين ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا ته ڇا به ٿئي، اسان جي ڌيئرن ۽ اسان جي پٽ بلاول (آڪسفورڊ جي ڪاليج ۾)، انهن جو خيال رکڻ لاءِ ڪو هوندو. اهو هڪ بحث هو، جيڪو زال ۽ مڙس کي ڪڏهن به ڪرڻو پوندو هو. پر آصف ۽ مون کي پنهنجي ذاتي خوشي ۽ هر احساس کي قربان ڪرڻ جي عادت پئجي وئي هئي.
گهڻو وقت اڳ مون پنهنجي چونڊ ڪئي هئي. پاڪستان جي عوام سدائين پهرئين نمبر تي آيو آهي. پاڪستان جو عوام سڀ کان پهرين ايندو. منهنجي ٻارن اها ڳالهه سمجهي ۽ نه رڳو ان کي قبول ڪيو پر مون کي همٿايو.”
جلاوطنيءَ کان واپس اچڻ مهل ان وقت پرويز مشرف جي حڪومت ھئٔي ۽ اليڪشن ويجهي ھئي. هوءَ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ 18 آڪٽوبر 2007ع ۾ ڪراچي پھتي جتي ھر جڳهه تي شھيد راڻيءَ کي مارائڻ لاءِ بم ڌماڪا ڪيا ويا. ڪارساز جي واقعي ۾ تمام گھڻا جانثار شھيد ٿي ويا. تقريبن 140 ڄڻا شھيد ۽ ھزارين جانثار زخمي ڪيا ويا. شھيد بي بي پاڻ اسپتال وڃي جانثار زخمين جي عيادت ڪئي ۽ انهن کي حوصلو ڏنائين. جانثارن بي بيءَ کي ڏسي اٿي بيھي رھيا. ايتري قدر جو ڪنهن جون ڄنگھون ۽ ٻانهون ڌار ھيون. پوءِ به اهي چئي رهيا هئا ته بي بي آئٔي آهي ۽ جيڪي شھيد ٿيا، انهن جي گھر وڃي انهن سان تعزيتون ڪيون ۽ ڏکن جو اظھار ڪيو.
اھو 27 ڊسمبر جو اڀاڳو ڏينهن ھو، جڏهن شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پروگرام ختم ٿيڻ وقت لياقت باغ راولپنڊيءَ ۾ اسٽيج تان ھيٺ لھي واپس اچي رهي هئي ته کيس گولي ھڻي شھيد ڪيو ويو. هن پنهنجي حياتي ملڪ جي عوام تي قربان ڪري ڇڏي.