سرمائيداري اڄ جتي هر شئي کي منڊيءَ ۾ وڪامندڙ شين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اتي انهن کي به نه بخشيو اٿس، جن ان جي غيرانساني تشڪيل خلاف آخري پساهن تائين مزاحمت ڪئي. انهن عظيم انقلابين ۾ مارڪس جو نالو سرفهرست آهي. بورجوازي ان مارڪس جي فڪري پورهئي مان به ڀرپور نفعو ڪمائڻ جو ڪو به موقعو هٿان وڃائڻ نه ڏنو آهي سندس ڪتاب ڇاپي ان مان منافعو ته ڪمايو وڃي ٿو پر هن پنهنجن ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ جن پبلشرن يا ايڊيٽرن سان معاهدا ڪيا، انهن مان به نفعو اوڳاڙيو پيو وڃي. جيئن 2018ع تي خبر آئي هئي ته، پيرس ۾ نيلامي دوران مارڪس جو اهو معاهدو هڪ لک ايڪيهه هزار ڇهه سئو يوروز (هڪ لک 38 هزار هڪ سئو پنجيتاليهه ڊالرز) ۾ وڪرو ٿيو آهي، جيڪو هن سرمائيداريءَ جي اڀياس “داس ڪيپيٽل” جي فرينچ ترجمي بابت هڪ فرينچ ايڊيٽر سان 1872ع ۾ ڪيو هو، ان معاهدي جو بنيادي نقطو اهو هو ته، مارڪس ان ۾ ايڊيٽر کي پابند ڪيو هو ته، اهو ڪتاب سستي ملهه تي کپايو وڃي ته، جيئن سڀئي خريد ڪري سگهن. مارڪس داس ڪيپيٽل جي پهرين جلد جو پاڻ جرمن مان فرينچ ۾ ترجمو ڪيو هو ڇاڪاڻ ته هو ان جي ٻئي ترجمي مان مطمئن نه هو.
اڄ ايڪيهين صديءَ ۾ ان عظيم ڪميونسٽ مفڪر جو رڳو اهو هڪڙو معاهدو هڪ لک کان وڌيڪ يوروز ۾ وڪامي ٿو، جنهن جا ٻار 19هين صديءَ ۾ ڏوڪڙن جي اڻهوند جي ڪري، مناسب غذا ۽ دوائون نه هئڻ سبب بيمارين ۾ سسڪي سسڪي مري ويا. مون جڏهن اها خبر پڙهي ته، منهنجي اکين آڏو مارڪس جي اها زندگي تري آئي، جيڪا المن، مصيبتن ۽ سورن سان ڀريل هئي. جنهن ۾ مارڪس هڪ پاسي پنهنجن هٿن سان سرمائيداريءَ جي سماجي بيمارين خلاف لکيو ته، ٻئي طرف انهن ئي هٿن سان ان سرمائيداريءَ جي نتيجي ۾ بکن ۾ بيمار ٿي مرندڙ پنهنجن گلن جهڙن ٻارن جا لاش به کنيا. سندس زندگيءَ جي اذيتن کي مارڪس جي انهن خطن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو، جيڪي هن مصيبتن جي ڏهاڙن ۾ پنهنجن دوستن ۽ احبابن کي لکيا. اهي خط نه آهن ڄڻ مارڪس جو هن بورجوا سماج خلاف هڪ احتجاج آهن. انهن مان ڪجهه خط هندستاني مارڪسسٽ شير جنگ پنهنجي ڪتاب “مارڪس اور اس ڪي تعليمات” ۾ ڏنا آهن. جن مان ڪجهه هت ڏجن ٿا ته جيئن پڙهندڙ 19هين صدي جي ان عظيم انقلابي مفڪر جي اذيتن سان ڀريل زندگي جو ادراڪ ڪري سگهن. اهڙين اذيتن باوجود ان عظيم مفڪر آڻ نه مڃي. دنيا ۾ هڪ انقلابي دانشور جو ڪردار ڪيئن هئڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن کي ان کي سمجهڻو آهي ته هو مارڪس جي زندگي کي پڙهي ڏسي.
مارڪس تي اهڙا ڏينهن به آيا جو وٽس ڪپڙا به نه هئا جو هو انهن کي پهري ٻاهر وڃي سگهي. جيئن مارڪس هڪ دوست کي لکيو:
“چانديءَ جا چمچا ته پيني ڌيءَ جا آهن، ان کان سواءِ جيڪو به سامان گروي رکيل آهي، ان کي وڪڻي ڇڏ، ۽ جيڪي به ڏوڪڙ ملن، اماڻي ڏي. هن وقت غربت جي حالت هيءَ آهي جو اهو سامان وڪڻڻ کانسواءِ ڪم نه ٿو هلي سگهي.”
مارڪس هڪ ٻئي خط ۾ دوست کي لکي ٿو:
“منهنجون حالتون ان تسلي بخش منزل تي پهچي ويون آهن جو مان گهر کان ٻاهر ڪاڏي به نه ٿو وڃي سگهان، ڇاڪاڻ ته سڀ ڪپڙا گروي رکيل آهن.”
ڇا رڳو ڄاڻايل خط آهن، جيڪي مارڪس جي زندگيءَ ۾ آيل ڏکن جو بيان آهن، پر ڪيئي خط آهن، جيڪي هن پنهنجن دل گهرين دوستن کي لکي پنهنجي من جو بار هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنهن به خط مان هو پنهنجي بنيادي رول، جن جو بار تاريخ سندس ڪلهن تي رکيو هو، تان دستبردار ٿيڻ جو تاثر نه ٿو ڏئي. هو مسلسل جدوجهد ۾ ئي پنهنجي زندگيءَ کي بامقصد سمجهي ٿو. نه مارڪس پنهنجي مقصد تان دستبردار ٿئي ٿو، نه ئي مصيبتون سندس پاند کي ڇڏين ٿيون. هڪ پٽ جي وڇوڙي تي هو پنهنجي جگري يار فريڊرخ اينگلز کي لکي ٿو:
“معصوم زندگي گذاري وئي، 6 ۽ 7 جي وچ ۾ هو جو منهنجي جهولي ۾ سمهي پيو، مان ان ڳالهه کي نٿو وساري سگهان ته، تنهنجي محبت جو اسان گهروارن لاءِ مصيبت جي ڏهاڙن ۾ ڪيترو سهارو آهي، تون ئي منهنجي جگر جي ٽڪري جي موت تي منهنجي سور جو اندازو ڪري سگهين ٿو.”
هڪ ٻئي خط ۾ لکيس ٿو:
“جڏهن کان ڇوڪري موڪلايو آهي، گهر اٻاڻڪو لڳي ٿو، هو هن گهر جي رونق هو، تو کي ڇا ٻڌايان ته، اسان سندس عدم موجودگيءَ کي ڪيترو محسوس ڪيون ٿا، مون گهڻيون ئي مصيبتون سٺيون آهن، پر حقيقت اها آهي ته، مون کي هن مهل تائين اها ڄاڻ نه هئي ته، مصيبت ڇا ٿيندي آهي، هاڻي مون کي خبر پئي آهي ته، مصيبت ان کي چوندا آهن، هن مصيبت ۾ مون کي جيڪڏهن ڪا شئي زنده رکي ويٺي آهي ته، اها تنهنجي ۽ ٻين دوستن جي عنايت آهي، ۽ يا هي خيال آهي ته، مون کي ۽ توکي گڏجي هن دنيا ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.”
اهو مارڪس جو ئي حوصلو ٿي سگهي ٿو جو، هيڏين وڏين المين باوجود هو حالتن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ بجاءِ فريڊرخ اينگلز سان گڏجي هن دنيا ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جو عزم ڏيکاري ٿو. هو آڻ نه ٿو مڃي پر هو ان ئي اصول تي اڳ کان وڌيڪ اڏول بيٺل آهي، هن لکيو:
“مان هر مصيبت ۾ پنهنجو ڪم ڪندو رهندس، بورجوا طبقو مون کي منهنجي مقصد تان هٽائي سون ڪمائڻ جي ترغيب ڏيڻ چاهي ٿو، مان وڏي واڪي چوان ٿو، هو ڪڏهن به مون کي سڪو ٺاهڻ جي مشين ۾ تبديل نه ڪري سگهندا.”
ايئن به آهي ته، جن ماڻهن جا مقصد وڏا ٿي ويندا آهن، انهن آڏو پنهنجي ذات تمام گهڻي ننڍي ٿي ويندي، تڏهن ئي هو اهو لکندا آهن:
“اسان کي ڏوڪڙ ته ڪمائڻ گهرجن، ته جيئن اسان زنده رهون، ۽ ڪجهه لکي سگهون، پر ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ اسان کي زنده رهڻ ۽ لکڻ نه گهرجي.”
مارڪس جهڙو عظيم مقصد رکندڙ مفڪر ئي اهڙا لفظ لکي سگهي ٿو. هن وٽ پئسا نه آهن، تڏهن به هو لکي ٿو، سرمائيداريءَ جي انهن بڇڙائين تي، جن ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان تعلق سواءِ ذاتي مفاد جي ٻيو ڪو به رهڻ نه ڏنو آهي. مارڪس ان تعلق کي بدلائڻ چاهي ٿو، مارڪس چاهي ٿو ته، انسان جو انسان سان تعلق جو بنياد غيرانساني ذاتي مفاد نه پر حقيقي انساني هجي ۽ اهو تعلق تڏهن قائم ٿيندو، جڏهن موجوده غير انساني سماجي لاڳاپن جي انقلابي ڪايا پلٽ ٿئي، ان لاءِ هو موجوده سماجي-معاشي تشڪيل جو اڀياس ڪندي، “سياسي معيشت تي تنقيد” جي عنوان سان ڪتاب لکي ٿو، پر ان آڏو به اهائي سرمائيداري رڪاوٽ بڻجي ٿي، جو وٽس ان جو مسودو اماڻڻ لاءِ ڊاڪ جا ڏوڪڙ نه آهن، هو فريڊرخ اينگلز کي 1959ع ۾ لکي ٿو:
“شايد ئي ڪو ليکڪ دنيا ۾ اهڙو هوندو، جنهن دولت تي ڪتاب لکيو هجي، ۽ پاڻ دولت کان ايترو محروم رهيو هجي جيترو مان. ٽڪيٽن لاءِ پئسا اماڻ ته جيئن ان کي ڊاڪ ۾ وجهي سگهان.”
مارڪس کي سماج جي ڪينسر يا سرطان تي لکندي لکندي، پاڻ کي ڪينسر ٿي وئي هئي ۽ 1866ع ۾ فريڊرخ اينگلز کي لکيائين، “ڪلهه ڳوڙهي جي تڪليف ۾ سڄو ڏينهن پيو رهيس، جيڪڏهن کيسي ۾ ڏوڪڙ هجن ها ۽ مان پنهنجي گهروارن جي گذر سفر جو ڪجهه انتظام ڪري سگهان ها ۽ ڪتاب (مارڪس جو پنهنجي ڪتاب سرمايو ڏانهن اشارو) ڇپجي چڪو هجي ها ته، پوءِ اها خواهش ڪيان ها ته مري وڃان.”
ان ۾ نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته، مارڪس پنهنجا فرض پورا ڪرڻ کان اڳ مرڻ نٿو چاهي. زندگي ايتري اذيتناڪ آهي جو، موت جي خواهش ڏيکاري ٿو، پر اها خواهش به مشروط آهي، ان کان اڳ ڪي ذميواريون آهن، جيڪي پوريون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ سڀ کان اهم ذميواري ان ڪتاب جي ڇپائي آهي، جيڪا داس ڪيپيٽل يا “سرمايو” جي عنوان سان اڄ تائين سرمائيداريءَ جو پيڇو ڪندي رهي ٿي، جيڪا سرمائيداريءَ جو ڇيد ته، آهي ئي آهي پر ساڳي عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جو سرمايو به آهي.
اينگلز کي لکي ٿو:
“هن ڀيري بيماريءَ جي ڪري، منهنجي حالت تمام گهڻي نازڪ ٿي وئي آهي. خوشقسمتيءَ سان گهر وارن کي اهو احساس نه آهي ته مان ڪيترو بيمار آهيان، جيڪڏهن ٻه چار ڀيرا ايئن ئي تڪليف ٿي ته بچڻ جي ڪا به اميد نه آهي، صحت ڏاڍي خراب ٿي وئي آهي، مٿي ۾ ته نه پر ڄنگهن ۾ ڏاڍي ڪمزوري محسوس ٿئي ٿي.”
اينگلز مارڪس جي داس ڪيپيٽل جي پهرين جلد شايع ٿيڻ تي مارڪس کي پهرين ٻن بابن بابت لکيو، “ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها، اهي باب ايترا ڊگها نه هجن ها ۽ ڪيترن ئي ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهايا وڃن ها ۽ انهن کي وڌيڪ عام فهم ڪيو وڃي ها. مون کي ياد آهي جنهن وقت اهي باب لکيا پئي ويا، تو کي ڪينسر جي ڳوڙهي پريشان ڪري رکيو هو، ڳوڙهن جو اهو ئي عذاب انهن بابن ۾ قيد ٿي ويو آهي.”
مارڪس ان جو جواب ڏيندي لکيو، “مون کي ان جو افسوس نه آهي، بلڪ خوش آهيان جو ڪينسر جي ڳوڙهن جو عذاب انهن ۾ محفوظ آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجو اهو ڪتاب سرمائيدار طبقي ۾ ويندو ته، ان عذاب جو مزو اهي به چکي سگهندا…”