ڪُوڙن مٿان ڪُوڙ، ڪرپشن مٿان ڪرپشن ۽ حادثن مٿان حادثن جا رڪارڊ قائم ڪندي ڪندي هي ملڪ هاڻ انهي موڙ تي پهچي چڪو آهي، جتي هتان جي پيڙيل عوامي طبقن کي ڪوبه ڪُوڙ، ڪابه ڪرپشن يا ڪوبه وڏو حادثو حيران نٿو ڪري. جناح صاحب، جنهن لاءِ تاثر اهو ڏنو ويندو آهي ته ڄڻ مُلڪ هُن اڪيلي ئي ٺاهيو هو، تنهن جو هڪ کريل ايمبولينس ۾ آخري پهر پورو ڪرڻ هجي يا مِلت جي قائد کي لڳل گولي وارو گُهمسان، فاطمه جناح کي غدار قرار ڏيئي ڌڪي ڌار ڪرڻ واري وارتا هجي يا وفاق ۾ شامل تاريخي قومن جو اتهاس بي اثر بڻائڻ واري سازش هيٺ ون يونٽ مڙهڻ وارو وڍ، ايڪهتر ۾ بنگالين جي بربادي ڪري آخر ۾ تاريخي شڪست ۽ ملامت جي ڪارنهن ملي موٽڻ واري ماجرا هجي يا ان کان پوءِ باقي بچيل ٽڪري ۾ به جمهوريت جي هر امڪان جي رستا روڪ ڪرڻ وارا راتاها يا ويندي آخر ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قتل تائين، ڇا ڇا نه ٿيندو رهيو آهي هن ملڪ ۾!؟ پر هر ڀيري اهڙا ڪِيس ڪندڙ ڪا نه ڪا گهڙيل ڪهاڻي عوام تي مڙهي پنهنجي پر ۾ اهو سمجهندا رهيا ته هُو بچي ويندا. ها پر اهو ڪيئن ممڪن هو جو اهڙا ڪِيس ڪندڙ بيپرواھه وقت جي انهي انجام کان به پاڻ بچائي سگهن، جيڪو انجام تاريخ ۾ عوام سان ويساھه گهاتيون ڪندڙن جو طئي ٿيل رهيو آهي. سو آڌي رات جا بگهڙ نيٺ هاڻ پنهنجي نِيَت ۽ پِرڪارن سان ان انجام تائين پهچي چڪا آهن، جتي هاڻ هو اختيار ۽ ڌَن جي بک ۾ هڪ ٻئي کي کائي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هلندڙ دور ۾ اسان توهان کي هر ڏينهن اهي خبرون ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون آهن، جيڪي نه فقط عمران خان تان اڳڙي لاهي رهيون آهن پر اڳيان هلي خبر ناهي ڪنهن ڪنهن تان اڳڙي لهڻي آهي. اهو ان ڪري جو هِن عوام دشمن نظام جي ٽُٽَيءَ کي جيترا به ٽاڪا لڳڻا هئا سي لڳي چُڪا. هاڻ بس اهي ٽاڪا اُڊڙڻا ئي آهن.
انهن ٽاڪن اُڊڙڻ واري رُت جو ئي اهو نتيجو آهي جو هاڻ هرڪو پنهنجي کل بچائڻ ۾ پورو آهي. تڏھن ته هيترا ڏينهن عمران خان جي هر ها ۾ ها ملائيندڙ صدر علوي به آرس ڀڃي اٿيو آهي ۽ اڄ وڃي همراهھ کي اها خبر پئي ته جنرل باجوا جي دور واري اسٽيبلشمينٽ ڪيئن قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ عمران جي مدد ڪندي آئي. واضح رهي ته اهڙي مددو محلات سان وفاداري واري حلف جو ٺپو علوي جي پُٺن تي پڻ لڳل آهي.
بهرحال جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته عمران خان کي آڻڻ وارو عمل به اهو ٽاڪو ئي هو، جيڪو نواز شريف کي روڪڻ لاءِ هنيو ويو هو پر اهو ٽاڪو تمام بُري نموني ٽُٽو. تازو هڪ تقريب ۾ حامد مير سڀني جي سامهون اها سموري وارتا بيان ڪئي آهي ته عمران خان اصل ۾ آيو ڪيئن؟ هو ٻُڌائي ٿو ته 2018 ۾ عمران خان اچڻو ئي نه هو. اصل ڳالهيون شهباز شريف سان تنهن وقت ٿيون هيون پر اهي ڳالهيون جڏهن ڪامياب نه ويون تڏھن عمران خان جو ڪُڻو نڪتو.
پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو ئي ٿيو جيڪو ٽاڪو هڻندڙن جي پوين ٽاڪن جي نتيجي ۾ ٿيندو آيو. عمران خان هڻي سموري ملڪي، سياسي وهنوار جا ڌاڻا ئي ڪڍي ڇڏيا ۽ ملڪ اچي اُتي پهتو جتي هاڻ هن رياست وٽ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جيتري به سگهھ ۽ صلاحيت ناهي رهي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻ وري انهن ساڳين مُهرن جي حوالي ملڪ ڪيو ويو آهي، جن کي 2018 ۾ اچڻو هو.
هلو هاڻ اهي مُهرا اچي ته ويا پر ڪري ڇا سگهندا؟ اچو ته انهن ڪجھه امڪانن ۽ سوالن جا پيرا کڻي ڏسون.
هن وقت ملڪ جي هر عام ماڻهو کي به اها خبر آهي ته ملڪي خزاني ۾ ڪَڻي به ناهي بچي. تنهن ڪري اڄوڪا حڪمران عوام جي سار لهڻ جي حوالي سان جيڪي ڪجھه به چئي رهيا آهن سو سڀ ان ڪري اجايو آهي جو ڪجھه آهي ئي ڪونه ته عوام جي مالڪي ٿيندي ڪٿان؟ ٻيو ته ٺهيو پر عمران کي نااهل ثابت ڪري آيل هي اهل اٽي جو اگهه به ناهن گهٽائي سگهيا ته باقي عوام کي ڪهڙيون پڳون ٻڌرائيندا.
ٻين صوبن کي في الحال ڇڏيون به کڻي رڳو سنڌ جو ئي کڻي مثال وٺون، جتي گذريل ٻارنهن تيرنهن سالن کان انهن جي حڪومت آهي، جن جي منشور جي بنياد ۾ عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو هر حال ۾ مهيا ڪري ڏيڻ آهي، تِن ڇا ڪيو؟ انهن اهو ڪيو جو هزارين مڻ ڪڻڪ هيلوڪي برسات سرڪاري گودامن مان لوڙهي يا سينواري وئي پر مسڪينن کي نه ملي سگهي.
چون ٿا عمران خان سوکڙي ۾ مليل گهڙي وڪڻي ملڪي وقار کي ڇيهو رسايو آهي!! ٺيڪ آهي توهان جي ڳالهھ سان سورنهن آنا سهمت آهيون پر عمران خان ته هيو ئي اصل کان اهڙو جهڙو وڃي ثابت ٿيو، توهين ته عوامي هئا، توهان ته ليکو ڏيو نه؟
مثال طور پاڻ جيڪڏهن پي ڊي ايم ۾ شامل سمورين پارٽين جي اڳواڻن جي ملڪيتن ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن دوران آيل ڦيري جو ئي کڻي جائزو وٺون ته اهو سوال پڇڻ ته پنهنجو حق بيهي ٿو نه ته بابا!! اهو ڪيئن ممڪن ٿيو جو انهن سمورن سالن ۾ ملڪ وڃي تري سان لڳو ۽ اوهان جا محل وڃي آسمان کي پهتا!! سو ڪيئن؟ ڀلا اسان کي به ته اهو جادو سيکاريو نه جنهن ۾ ڪنهن پاڙيسري ملڪ جو ڪوئي عملدار ريٽائر ٿئي ٿو ته هُن جي اڪائونٽ ۾ ايترا ڪجهھ لک لڀن ٿا، جيڪي سندس پگهار جي نسبت سان سڌو سنئون سمجھه ۾ ايندڙ آهن ۽ اسان جي ملڪ جا عملدار ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ وڃيو ڏيساور ۾ جزيرن جا جزيرا خريد ڪن!؟
سو سائين منهنجا!! توهان مان گهٽ ڪنهن به ناهي ڪئي ۽ هاڻ اوهان جي ٺڳي جي ٺاهھ وارو لباس هنڌان هنڌان ايترو ته اُڊڙي چڪو آهي جو ڪيترا به کڻي ٽاڪا هڻڻ جي ڪوشش ڪريو پر اهو ٻيهر سڄو ڪونه ٿيندو.
هن ملڪ جو مظلوم عوام ۽ محڪوم طبقا، جنهن کي توهان مُني صدي ڪُوڙ ۽ دلاسن يا دهمان سان پڻ جيترو هلائي ۽ هيسائي سگهيا سو سڀ ٿي چڪو. هاڻ جڏهن توھين پاڻ ئي پنهنجن پيرن تي نٿا بيهي سگهو، سو هي نظام ڇا هلائيندئو!! بس هاڻ گهڻو ٿيو ميان!!