ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

معاشي حوالي سان بدترين سال

Editorial

پاڪستان بزنس فورم 2022ع کي معاشي حوالي سان بدترين سال قرار ڏئي ڇڏيو آهي، گذريل 12 مهينن اندر آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپيو 49 رپيا 30 پئسا هيٺ ڪري پيو، ماهرن حڪومت کي ايندڙ سال سڌارن سان گڏ رليف ۽ بحالي ۾ توازن آڻڻ جو مشورو ڏنو آهي. پاڪستان بزنس فورم جو چوڻ آهي ته حڪومت کي سڌارن سان گڏ رليف ۽ تعمير جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ توازن برقرار رکڻو پوندو، معاشي پاليسين جو تسلسل ملڪ لاءِ اڻٽر بڻجي ويو آهي. فورم مطابق هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح صرف 2 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي، پاڪستان کي مالي سال 2023ع ۾ 26 بلين ڊالر کان وڌيڪ پرڏيهي قرض واپس ڪرڻو آهي. فورم مشورو ڏيندي چيو ته حڪومت کي گهرجي ته سڌارن سان گڏ رليف ۽ بحالي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ توازن برقرار رکي، بزنس فورم طرفان چيو ويو ته 2022ع ۾ پاڪستاني رپيو ڊالر جي ڀيٽ ۾ 49 رپيا 30 پئسن تائين ڪري پيو، پاڪستان کي وڏين معاشي طاقتن جي ضرورت پڻ پئجي وئي آهي، اسٽريٽجڪ پارٽنر طور آ ايم ايف ڪو پائيدار حل ناهي.
هڪ پاسي معيشت جي اها صورتحال آهي ٻئي طرف حڪمرانن جي ڪا سنجيدگي نظر نه پئي اچي ته معيشت کي ڪيئن سڌارڻو آهي. رڳو اڳوڻي حڪومت تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. تازو ئي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگي درآمدي ٻارڻ تي گذريل حڪومت مجرماڻي غفلت ڪئي، مهانگي درآمدي ٻارڻ سبب ملڪ معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ شمسي توانائي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي نتيجي ۾ تيل جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، جنهن سبب پاڪستان جهڙن ترقي پذير ملڪن ڏکيائين کي منهن ڏنو. هن سال 27 ارب ڊالرن جو ٻارڻ خريد ڪرڻو پيو، جيڪو پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ وڏو چئلينج آهي ۽ گڏوگڏ جنگ جي نتيجي ۾ گئس فراهمي ۾ به خلل آيو آهي. هن شمسي توائاني جي استعمال تي زور ڏيندي چيو ته بجلي جي مد ۾ گردشي قرض 2 هزار 500 ارب رپيا ٿي چڪو آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت جو پي ايس ڊي پي 700 ارب رپيا آهي، ايندڙ سال اپريل کان سمورين وفاقي سرڪاري عمارتن ۽ آفيسن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو. اسان لاءِ هڪ ڊالر به هن وقت قيمتي آهي، شمسي توانائي تي سرڪاري عمارتن جي منتقلي سان ناڻي جي بچت ٿيندي. سندس چوڻ هو ته شمسي توانائي جي لاڳت هن وقت 3 سينٽ في يونٽ آهي، ان سان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي، اهو اسان جي بقا جو معاملو آهي. وزيراعظم چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ بدترين انتقام ورتو، اسان کي حڪومت ۾ آئي 8 مهينا ٿيا آهن، سڄو گند صاف نٿا ڪري سگهون، مهانگائي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ به اسان جي خواهش نه پر مجبوري آهي.
اهي ساڳا حڪمران هئا جيڪي معيشت جي بهتري جون دعوائون ڪندا هئا هاڻي اهي پاڻ چئي رهيا آهن ته هو “سڄو گن صاف نٿا ڪري سگهن.” سوال آهي ته پو توهان اقتدار ۾ آيا ڇو؟ هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي. عام واهپي وارين شين جا اگهه آئي ڏينهن وڌي رهيا آهن، ۽ اگهن تي ڪنٽرول جا ڪي به امڪان نظر نه پيا اچن. حڪومت جي معاشي قدمن مان لڳي ايئن رهيو آهي ته هو هڪ عوام مخالف ايجنڊا کڻي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو مهانگائي مٿان مهانگائي ڪري رهي آهي. هي اهي ساڳا حڪمران آهن جيڪي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪندا هئا. هاڻي مهانگائي ۾ اڳوڻي حڪومت کي به مات ڏئي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button