جيڪڏهن اسين اهو پڇون ته سماجي ڍانچي ۽ ثقافتي روين کي ڪيئن بدلائي سگهجي ٿو ته جيئن انساني زندگي ممڪن حد تائين خوشحال ٿي سگهي ته اسان کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪن خاص حالتن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. جيئن انسان جي حياتياتي فطرت جنهن بابت اڳ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي چُڪي آهي. ان کان سواءِ گذريل ڪجھه صدين جي ٽيڪنالاجيڪل ترقي ۽ زميني تبديلين اهڙيون حالتون پيدا ڪيون آهن، جيڪي ساڳيون ئي رهڻ جا امڪان آهن. گهڻ آبادي وارن سماجن ۾ مرڪزي پيداواري ڍانچي ۽ محنت جي ورهاست ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو مرحلو آهي.
ماضيءَ ۾ ڳوٺن ۾ پرامن ماحول هوندو هو سو هاڻي هميشه لاءِ ختم ٿي ويو آهي. جڏهن فرد يا عام طور تي ننڍا ٽولا مڪمل طور تي خودمختيار هوندا هُئا ته اهو چوڻ ۾ ٿورو مبالغو ٿيندو هو ته انسان ذات پيداوار ۽ واپرائيندڙ جي گروهه ۾ تبديل ٿي وئي آهي.
هاڻي آئون ان نقطي تي پهتو آهيان، جتي اڄ جي دور جي بحران جي بنياد تي مختصر بحث ڪندس. ان جو تعلق فرد جو سماج سان تعلق آهي.
فرد سماج تي ڀاڙي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ باشعور ٿي چڪو آهي. پر هو ان ڀاڙڻ کي هڪ مثبت اثاثو، هڪ نامياتي رشتو ۽ هڪ حفاظتي قوت طور نٿو ڏسي، پر هو قدرتي حقن ۽ معاشي وجود لاءِ خطرو سمجهي ٿو. ان کان سواءِ هن جا انا پرست لاڙا مسلسل وڌي رهيا آهن، جڏهن ته هن جا سماجي لاڙا، (جيڪي فطرت ۾ ڪمزور آهن) مسلسل گهٽجي رهيا آهن. سڀئي انسان ان زوال جي عمل مان گذري رهيا آهن. چاهي سماج ۾ انهن جو مقام ڪهڙو به هجي. اڻ ڄاڻائيءَ سان، اهي پنهنجي انا جا قيدي آهن. اهي عدم تحفظ ۽ اڪيلائيءَ جو شڪار آهن ۽ زندگيءَ جي عام خوشين کان محروم آهن. انسان پنهنجي مختصر ۽ خطري واري زندگيءَ کي سماج لاءِ وقف ڪري ئي معنيٰ پيدا ڪري سگهي ٿو.
منهنجي خيال ۾ سرمائيداراڻي سماج جي معاشي افراتفري ئي سڀني برائين جي جڙ آهي. اسان جي سامهون پيدا ڪندڙن جي هڪ وسيع برادري آهي، جنهن جا ميمبر مسلسل هڪ ٻئي کي پنهنجي اجتماعي محنت جي ميوي کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. زبردستيءَ سان نه، پر ايمانداريءَ سان قانوني قاعدن تي عمل ڪندي. ان سلسلي ۾، اهو سمجهڻ ضروري آهي ته پيداوار جا وسيلا، يعني سموريون پيداواري صلاحيتون، قانوني طور تي ڪجهه ماڻهن جي ذاتي ملڪيت آهن.
اڳتي ڪيل بحث ۾، آساني خاطر، “مزدورن” مان منهنجو مطلب، اهي آهن جيڪي پيداوار جي وسيلن جي مالڪيءَ ۾ شريڪ نه آهن. پيداوار جي وسيلن جو مالڪ مزدور جي قوت خريد ڪري سگهي ٿو. پيداوار جي وسيلن تي ڪم ڪرڻ سان، مزدور نوان سامان ٺاهي ٿو، جيڪي سرمائيدار جي ملڪيت بڻجي وڃن ٿا. هن عمل جي بنيادي خاصيت مزدور جي پيداوار ۽ ان جي اجوري جي وچ ۾ تعلق آهي. جيئن ته مزدور جو معاهدو هڪ “آزاد” بنياد تي هوندو آهي، مزدور کي مليل اجورو هن جي پيدا ڪيل جنس جي حقيقي قيمت سان طئي نه ٿيندي آهي. بلڪه، اهو ان جي گهٽ ۾ گهٽ ضرورتن ۽ مزدور جي قوت جي طلب جي بدلي ۾ فراهميءَ جو سبب آهي. اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته نظرياتي طور تي به مزدورن کي مليل اجورو سندن پيداوار جي قيمت سان طئي نه ٿيندو آهي.
خانگي سرمايو تمام ٿورن هٿن ۾ مرڪوز ٿيڻ جو لاڙو آهي. اهو يا ته سرمائيدارن جي وچ ۾ مقابلي جي ڪري ٿئي ٿو. ٻيو، ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي ۽ ورهاست جي وڌندڙ ورهاڱي جي ڪري ننڍا پيداواري يونٽ وڏن پيداواري يونٽن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. ان جو نتيجو ٿورن سرمائيدارن جي آمريت جي صورت ۾ نڪرندو آهي، جن جي وڏي طاقت جي سامهون جمهوري طور منظم سياسي سماج به نٿو بيهي سگهي. اها هڪ حقيقت آهي ڇاڪاڻ ته قانون ساز ادارن جا ميمبر سياسي پارٽين طرفان چونڊيا ويندا آهن، جن جي مالي مدد گهڻو ڪري خانگي سرمائيدار ڪندا آهن ۽ اهي سرمائيدار پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ووٽرن کي قانون سازيءَ کان ڌار ڪري ڇڏيندا آهن. نتيجي ۾ عوامي نمائندا سماج جي محروم طبقن جي مفادن جو تحفظ نٿا ڪري سگهن. ان کان سواءِ موجوده دور ۾ نجي سرمائيدار اڻ سڌيءَ ريت معلومات جي ذريعن (ميڊيا، ريڊيو، تعليم) تي ضابطو رکن ٿا. ان ڪري اهو تمام ڏکيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ناممڪن هوندو آهي ته ڪو فرد پنهنجي سياسي حقن کي عقلمنديءَ سان استعمال ڪري پنهنجا مقصد ۽ نتيجا اخذ ڪري سگهي.
سرمائي جي ذاتي ملڪيت تي ٻڌل معيشت جا ٻه بنيادي اصول هوندا آهن: پهريون، پيداوار جا وسيلا نجي ملڪيت هوندا آهن ۽ مالڪ انهن جو مرضيءَ سان استعمال ڪندو آهي. ٻيو، مزدور جو معاهدو آزاد آهي. اهو سچ آهي ته خالص سرمائيدار سماج نالي ڪا به شيءِ وجود نٿي رکي. خاص طور تي، اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ لائق آهي ته هڪ ڊگهي ۽ سخت سياسي جدوجهد کان پوءِ، مزدورن ڪجهه شعبن ۾”آزاد ليبر ڪانٽريڪٽ” جي بهتر شڪل حاصل ڪئي آهي، پر مجموعي طور موجوده معيشت “خالص” سرمائيداريءَ کان گهڻو مختلف ناهي.
پيداوار استعمال لاءِ نه پر منافعي لاءِ ڪئي ويندي آهي. ان ڳالهه جي ڪابه ضمانت نه آهي ته قابل ۽ ڪم جي خواهش ظاهر ڪندڙن کي هميشه روزگار ملندو. اتي تقريبن هميشه “بيروزگارن جي فوج” هوندي آهي. مزدور کي هميشه پنهنجي نوڪري وڃائڻ جو ڊپ هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته بيروزگار ۽ گهٽ پگهار وارا مزدور هڪ منافعي واري مارڪيٽ نه ٺاهيندا آهن، ان ڪري استعمال جي شين جي پيداوار جي شين کي محدود ڪيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي مصيبت جنم وٺندي آهي. ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي روزگار ڏيڻ بدران گهڻو ڪري بيروزگاري وڌائي ٿي. سرمائيدارن جي وچ ۾ منافعي ۽ مقابلي جي لالچ سرمائي جي جمع ۽ استعمال ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سخت بحران پيدا ٿئي ٿو. بي انتها مقابلو وسيع محنت کي ضايع ڪري ٿو ۽ ماڻهن جي سماجي شعور کي مفلوج ڪري ٿو، جنهن جو مون اڳ ذڪر ڪيو آهي. ماڻهن جي شعور کان محرومي سرمائيداريءَ جي سڀ کان وڏي لعنت آهي. اسان جو سمورو تعليمي نظام ان عذاب ۾ ورتل آهي. اسان جي شاگردن ۾ مقابلي واري سوچ پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ مستقبل جي ڪيريئر جي تياري ڪرڻ دوران پئسي ۽ دولت کي پوڄڻ جي تربيت ڏني ويندي آهي.
مون کي هاڻي يقين ٿي ويو آهي ته اهي برائيون فقط سوشلسٽ معيشت جي تعمير سان ختم ٿي سگهن ٿيون. ان سان گڏ هڪ اهڙو تعليمي نظام هجڻ گهرجي جنهن جو مقصد سماجي ڀلائي هجي. اهڙي معيشت ۾ پيداوار جا وسيلا سڄي سماج جي ملڪيت هوندا آهن ۽ منصوبابندي مطابق استعمال ٿيندا آهن. هڪ منصوبابندي ڪيل معيشت، جنهن ۾ پيداوار ماڻهن جي ضرورتن سان ڳنڍيل هجي، انهن سڀني ماڻهن ۾ ڪم ورهايو ويندو، جيڪي ڪم ڪرڻ جي قابل هوندا. هر مرد، عورت ۽ ٻار کي زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن جي فراهميءَ جي ضمانت هوندي. تعليم وارو نظام فرد جي ذاتي صلاحيتن کي ترقي ڏيندو ۽ ان سان گڏ انسانن لاءِ ذميواريءَ جو احساس به ان ۾ پيدا ڪندو.
بهرحال، اها ڳالهه ياد رکڻ جي ضرورت آهي ته فقط منصوبوبند معيشت سوشلزم ناهي. فقط منصوبابند معيشت ۾ فرد غلام بنجي ويندو آهي. سوشلزم جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري آهي ته ڪجهه انتهائي مشڪل سماجي ۽ سياسي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. سياسي ۽ معاشي طاقت جي مرڪزيت جيڪا تمام گهڻي سگهاري آهي. بيوروڪريسيءَ کي سموري طاقت حاصل ڪرڻ کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ فردن جي حقن کي ڪهڙي ريت محفوظ ڪري سگهجي ٿو ۽ ان سان گڏ بيروڪريسي ڪهڙي ريت هڪ جمهوري طاقت کي بيهاري سگهجي ٿو؟
اسان جي دور ۾ سوشلزم جي مقصدن ۽ مسئلن جي وضاحت انتهائي اهميت ٿي گهري. موجوده دور ۾ اهڙن مسئلن تي آزاديءَ سان بحث مباحثو ڪرڻ گناهه ڪبيره بڻيل آهي. مان هن قسم جي بحث کي وقت جي ضرورت سمجهان ٿو.
(طبقاتي جدوجهد مان ترجمو ٿيل(
)پورو ٿيو)