حڪمران جهڙي ريت پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار عوام آڏو ڪن ٿا ته انهن جي انداز مان ائين لڳي ٿو ته انهن جهڙُو غريب ڪوبه ناهي. پر جڏهن حڪمرانن جون شاهه خرچيون ڏسجن ٿيون ته انهن جهڙو ڪو امير نٿو لڳي. معاشي بحران، بيروزگاري، مهانگائي ۽ بدامني ملڪ کي چوکنڀو جڪڙِي ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان نيازي چونڊن جو مطالبو ڪري رهيو آهي ۽ اهو سمجهي ٿو ته ملڪ جي سڀني مسئلن جو حل ترت چونڊن ۾ آهي.
چونڊون ته 2018ع ۾ ٿيون هيون. انهن چونڊن لاءِ ئي چيو پئي ويو ته هاڻ ملڪ ۾ اهڙي تبديلي ايندي جو وڃي ٿيا ست خير. پر ٿيو ڪجهه به ڪونه، عمران خان نيازيءَ جي حڪومتي دور ۾ نه رڳو حالتون وڌيڪ خراب ٿيون پر ملڪ جو سڄو سياسي نظام ئي تباهه ٿي ويو. سو ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ رڳو چونڊن جو شُوشو نه ڇڏڻ گهرجي.
ملڪي اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کان جان ڇڏائڻ لاءِ عمران خان نيازيءَ کي ميدان ۾ لاٿو پر سياسي ۽ معاشي طور حالتون ڪالهه به گول دائري ۾ گهمي رهيون هيون ته اڄ به دائري ۾ ئي گهمي رهيون آهن. عمران خان نيازيءَ جي زماني ۾ جيڪا سرمائيڪاري ملڪ ۾ موجود هئي، اها به آهستي آهستي ختم ٿيندي وئي ۽ نئين سرمائيڪاريءَ لاءِ پي ٽي آءِ حڪومت سڀئي در بند ڪري ڇڏيا هئا.
پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت هن وقت تائين عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ان کان اڳ ۾ اٽي جو اهڙو بحران ڪڏهن به نظر ڪونه آيو آهي. جيڪڏهن ڪا حڪومت عوام کي اٽو به سستي اگهه تي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي ته پوءِ اها عوام جا ٻيا بنيادي مسئلا ڪهڙي ريت حل ڪري سگهي ٿي. هڪ زرعي ملڪ لاءِ ان کان وڏي شرمناڪ ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته ان جي عوام وٽ کائڻ لاءِ اٽو ڪونهي ۽ اهو اٽو سستو ڪرڻ لاءِ حڪومت آڏو احتجاج ڪري رهيو آهي.
معاشي بحران کي هر حڪومت ٻي حڪومت جي وراثت چوندي رهي آهي. پر ڪڏهن به سياسي پارٽين (اقتداري ۽ اپوزيشن) عوامي سطح جي مسئلن کي اوليت ڪونه ڏني آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ مهانگائي آهي ته اها هر طبقي کي متاثر ڪري ٿي. ان لاءِ ضروري ناهي ته جيڪڏهن عمران خان نيازي اپوزيشن ۾ آهي ته هو ڪي حل نٿو ڏئي سگهي ۽ جيڪڏهن حڪومت ڪي ساراهه جوڳا اپاءَ وٺي ٿي ته ان کي ساراهڻ نامناسب هوندو. جيڪڏهن دنيا جي معاشي ماهرن کي پاڪستان جي معيشت ٺيڪ ڪرڻ لاءِ گهرايو وڃي ۽ اهي جيڪي تجويزون ڏيندا، اهي بلڪل عمل جوڳيون هونديون، جن ۾ عوام جي ڀلي لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو پر ڪابه حڪومت هجي اها انهن تجويزن کان قبولڻ لاءِ تيار نه هوندي. اها آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کان قرض وٺي ملڪي معيشت کي آڪيسجن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي پئي پر ڪڏهن به ان کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪوششون نه ڪندي. نتيجي ۾ معاشي صورتحال جيڪا هن وقت آهي، ان کان به وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن به ريت بهتر نٿي ٿي سگهي.
معاشي خوشحاليءَ جو تعلق سماجي رهڻي ڪهڻي سان به هوندو آهي. ملڪ ۾ وندر يا انٽرٽينمينٽ جا وسيلا نه هئڻ برابر آهن. دنيا جا ڪيترائي ملڪ ٽوئرزم مان ڪمائيندا آهن. اهي ملڪ پرڏيهه مان آيل سياحن کي پرامن ماحول فراهم ڪندا آهن، ته جيئن وڌ کان وڌ ناڻو ڪمائي سگهجي. اسان جي سامهون بنگلاديش هڪ اهم مثال آهي. ان ملڪ نه رڳو تڪڙي ترقي ڪئي آهي پر پنهنجي سماجي ڍانچي کي ايترو ته بهتر ڪيو آهي جو اتان جي شهرين کي اهو خيال ناهي ته “سب چلتا هي”. تنهنڪري سماجي نفسيات سماجي روين کي طئي ڪندي آهي ۽ اهڙي ريت اهي سڀ شيون سياست تي به اثرانداز ٿيون.
ڪجهه وقت لاءِ عمران خان نيازيءَ کي ملڪ جو وزير اعظم ڪرڻ جو تجربو ڪيو ويو پر ان سان وڌ کان وڌ نقصان نه رڳو ملڪ جي سياسي ماحول کي ٿيو پر انهن ادارن کي به ٿيو، جيڪي عمران خان نيازيءَ جا سڀ کان وڏا حامي هئا. ملڪي معيشت جي تباهه حاليءَ جا ذميوار رڳو سياستدان ڪونه آهن پر اهي ملڪي پاليسيون آهن، جن جي ڪري اڄ اسين ڊيفالٽ ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون. افغان جنگ کان وٺي ملڪ اندر هلندڙ ٻيا ڪيترائي ڦڏا آهن، جن جي ڪري معيشت تر سان وڃي لڳي آهي. ان باري ۾ سوچڻ جي ضرورت آهي.
ضياءَ شاهيءَ ۾ جڏهن ڊالرن جي برسات پئي ٿي ته ان وقت ملڪ ۾ پئسو بنهه گهڻو هو. پر جنگ جي خاتمي کان پوءِ ۽ جنگ دوران پيدا ٿيندڙ جيڪي معاملا هئا، انهن جي باري ۾ سوچيو ئي ڪونه ويو. اڄ اهي ويڙهاڪ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن به ريت بيروزگار ٿيندي ڏسڻ نٿا چاهين. اڄ جڏهن ٽي ٽي پي وري سرگرم ٿي چڪي آهي ته اها به ملڪي معيشت کي نقصان ڏئي رهي آهي. اها هڪ ڀيرو وري منظم ٿي ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪري رهي آهي. جڏهن ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ٿينديون هجن، ان سان نه رڳو امن امان جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو ته سرمائيڪاري به غيرمحفوظ ٿي ويندي آهي. ان صورتحال ۾ ڪوبه ملڪ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ پنهنجو سرمايو سيڙائڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. جڏهن نئون سرمايو نه ايندو ته روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪونه ٿيندا ۽ نه ئي واپار وڌندو.
هاڻوڪي حڪومت جنهن حساب سان مهانگائي وڌائي رهي آهي، اها عوام جي دلين ۾ عمران خان نيازيءَ لاءِ همدرديون پيدا ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته اهي هاڻوڪي مهانگائيءَ کي اڳوڻي حڪومت سان ڀيٽي ٿي، جنهن ۾تيل 150 روپيا ليٽر هو ۽ اٽو لڳ ڀڳ 85 روپيا ڪلو هو. پر هاڻ جڏهن اٽي جهڙو عام اسم به عوام جي پهچ کان پري ٿيندو پيو وڃي ته ان کي لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جي عوام دشمن حڪومت به عوام لاءِ بهتر هئي. ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ مهانگائي ڪجهه گهٽ هئي.
بلاول ڀٽو زرداري عمران خان نيازيءَ جي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته ويلڪم ٽو پرانا پاڪستان، عوام لاءِ پراڻو پاڪستان به ساڳيو آهي ته نئون پاڪستان به ساڳيون هو. ملڪ نئون هجي يا پراڻو هجي. پر ان ۾ هلندڙ نظام بهتر هئڻ لازمي آهي. اهو نظام عوام آزاريندڙ نه هجي پر اهو نظام عوام کي جيئڻ جا موقعا فراهم ڪري ڏيندڙ هجڻ گهرجي.
عوام جي بدحاليءَ کان پوءِ به جيڪڏهن اسان جا حڪمران سک جي ننڊ سمهن ٿا ۽ اهي سمجهن ٿا ته سڀ ڪجهه ٺيڪ لڳو پيو آهي ۽ ڪابه پريشانيءَ جي ڳالهه ناهي ته پوءِ اهڙن حڪمرانن کي دنيا جي ڪابه طاقت شرم نٿي ڏياري سگهي.