رياست جي طاقت کي قابض حڪمران طبقي هر دور ۾ نه رڳو طاقتور ڪيو آهي پر رياست جي انهيءَ طاقت کي هڪ مقصد حيثيت به ڏيارڻ يا اڀارڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، انهيءَ ۾ حڪمران طبقي جو تمام گھڻو مفاد رهيو آهي ڇو ته هو پنهنجا تمام مفاد سڌي سنئين جبر سان حاصل ڪرڻ جي بجاءِ رياست جي نالي تي رياست جي قانون جو سهارو وٺي حاصل ڪندو ٿو رهي. ظاهري طرح عوام جي اندر رياست جي ان تصور کي ان وسيع تر قومي مفاد جو تحفظ ڏيندڙ ادارو ڪري پيش ڪيو آهي پر ان ڪڏهن به قانون کي هڪ صورت ۽ شڪل ۾ برقرار ناهي رکيو وقت ۽ حالتن سان جيئن جيئن هن ضروري سمجھو آهي ته هن جا مفاد ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان محفوظ رهندا تڏهن هن قانون جي اندر اهائي ڦيرڦار ڪئي آهي.
رياست پنهنجي شروعاتي دور ۾ جڏهن بادشاھه جي ملڪيت هئي تڏهن بادشاھه جو حڪم ئي قانون هو پر انهيءَ کي به حڪمران طبقي مقدس بڻائڻ جي لاءِ عوام ۾ اهو عقيدو ۽ نظريو مضبوط ڪيو ته هي بادشاھه جيڪو عوام تي حڪمراني ڪري ٿو انهيءَ کي اهو حق آسماني مليل آهي. معاملو رڳو اتي نه بيٺو پر ڪيترن ئي علائقن ۾ ان بادشاھه پنهنجو پاڻ کي خدائي نائب جي بجاءِ خود خدا جي دعويٰ به ڪئي خاص ڪري مصر جا فرعون ۽ عراق جا نمرود پاڻ کي خدا سڏائڻ جي تمام گھڻا سرگرم ۽ اڳتي رهيا، انهيءَ سڄي ساري قصن يا ڪهاڻن جي تصورن جو بنياد ان جي شخصيت کي هڪ روحاني درجو ڏيڻ ۽ ان جي قانون کي مقدس سمجھڻ جي لاءِ هو ۽ جڏهن به ڪنهن فرد يا گروھه بادشاهھ جي ڪنهن قانون کي ناجائزي يا ظلم سڏيو تڏهن انهيءَ جي خلاف تشدد ته استعمال ٿيو هو پر انهيءَ کي بادشاهه جي ان حيثيت کان انڪار ڪندڙ ۽ منڪر به سڏيو ويو هر وقت اهوئي تاثر ڏنو ويندو هو ته بادشاهھ جي اها طاقت فوج سپاهين جي طاقت تي منحصر ناهي.
هن ۾ خود روحاني طاقت آهي جڏهن هڪ بادشاھه ٻئي بادشاھه سان رياست جي حاصلات يا پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ جي لاءِ حملو ڪيو جنگ لڳندي هئي ۽ جيڪو فاتح ٿيندو هيو ته پوري جو پورو اهوئي بادشاهي تشريحي فلسفو جيڪو پهرئين جي لاءِ چيو ٿي ويو اهو ٻئي فاتح سان جوڙي ڪري وري انهيءَ جي شان ۽ مان ۾ قصا ۽ ڪهاڻيون گھڙيا ويندا هئا، انهن جنگين ۾ به فوج ۽ تلوار جي طاقت کي يعني سپاهي جي طاقت کي فتح جو بنياد يا سبب نه ڄاڻايو ويندو هو بلڪه فاتح جو پورو ڪريڊٽ بادشاھه جي پلڙي ۾ وڌو ويندو هو ايتري حد تائين جو خود فوج جا وڏا وڏا جنرل به فاتح بادشاهن جي اڳيان مهرن کان وڌيڪ نه هيا اهو بادشاهي نطام جي لاءِ انتهائي ضروري هيو هي سڀ ڪجھه رڳو بادشاھه جي لاءِ نه هيو پر پورو جو پورو مراعتون حاصل ڪندڙ طبقو اهي جنهن به صورت ۾ هيا، مثال جاگيردار يا سردار ۽ انهيءَ کان علاوه رياستگي نظام کي هلائيندڙ ان دور جي ڪامورا شاهي سڀ جو سڀ بادشاهي فلسفي ۽ نظام کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سرگرم هوندا هيا.
تمام مذهبي پيشوا پنهنجون مراعتون حاصل ڪرڻ لاءِ يا مراعتن عيوض اهائي تشريح گھڻ معجزن روحاني قصن ۽ ڪهاڻين ۾ بيان ڪرڻ پنهنجو رڳو فرض نه سمجھندا هئا انهيءَ ۾ ئي انهن جو هڪ مضبوط مفاد به هو. وقت گذرڻ سان طبقن جي اوسر خاص ڪري جاگيرداري طبقي جي خلاف واپاري ۽ سرمائيدار طبقو جڏهن معاشي طور مستحڪم ٿيو تڏهن ان اهو لازمي سمجھو ته هاڻي رياست جي طاقت يعني ان قانون کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي.
رياست تي قابض بادشاهھ ۽ جاگيردار جو محافظ فوج هئي واپارين انهي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عوام جو سهارو ورتو ۽ ان مقصد قانون جي خلاف تمام وڏي تشريح ڪندي تنقيد ڪئي ڇو ته اهو قانون وسيع تر عوام جي مفادن جو پوراءُ نه پيو ڪري سماجي ارتقا جاگيرداري پيداواري رشتن کي ڪمزور ۽ پروڻ ڪري ڇڏيو هو استحصال جي بدترين صورت ۾ جاگيرداري سماج عوام جي لاءِ هڪ راڪاس بڻجي چڪو هو تڏهن عوام واپاري ۽ سرمائيدار جو ساٿ ڏنو ۽ ان سماج جو هڪ وڏو باشعور انٽليڪيوچيل نئين اڀرندڙ طاقت جي حق ۾ نظرياتي هٿيارن سان وڙهندي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ پوءِ ان سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ جمهوريت جو وجود پيو (پاڻ قبل مسيح جي پراڻي اشرافيائي جمهوريت جيڪا يونان يا روم ۾ هئي انهيءَ جو وڌيڪ ذڪر نٿا ڪريون پر ايترو سمجھڻ ضروري آهي ته اها اشرافيائي جمهوريت به انهيءَ حڪمران طبقي جي محافظ ۽ نگهبان هئي) ۽ پوءِ رياست جي نئين حڪمراني جو حق بادشاهھ جي بجاءِ عوام جي چونڊيل نمائندن کي منتقل ٿيو ۽ عوام جا اهي چونڊيل نمائيندا پارلياماني ادارن جي اندر ويهي قانون سازي ڪئي پر هي نئون قانون به وسيع تر بنيادن تي نئي اڀرندڙ طبقي يعني واپارين ۽ سرمائيدارن جو وڌيڪ محافظ ٿيو پر ان ۾ فرق هي آيو ته حڪمراني جو حق تلوار جي طاقت ۽ خاندان جي طاقت کان يا جاگيردارن يا سردارن جي گروهن کان کسجي وسيع تر عوام جي طرف منتقل ٿيو، ليڪن عوام جي اهنجن ۽ عذابن کي مڪمل ختم ڪرڻ جي لاءِ هن ڪڏهن به نه سوچيو.
حق ملڪيت ۽ استحصال جي اصولن کي يا طريقيڪار کي ساڳئي انداز ۾ برقرار رکندي انهيءَ کي به پوئين قانون جيان مقدس درجو ڏنو ويو رياست ۽ قانون جيڪو پهريان بادشاهن ۽ جاگيردارن جي مرضي تي هو هاڻي سرمائيدار طبقي جي ۽ واپاري طبقي جي گرفت ۾ اچي ويو رياست تي سرمائيدار ۽ واپاري قابض ٿي ويا سرمائيدار نئين سماج خوشحالي ۽ فرد جي آزادي ۽ ان جي حقن جي ڪا خاص ضمانت نه ڏني هئي پر آهسته آهسته عوام ڏي اهي حق تڏهن اچڻ شروع ٿيا جڏهن عوام ان جي حاصلات لاءِ نئين حڪمران طبقي سان ٽڪراءُ ڪيو حڪمران طبقي پنهنجي مفاد جي لاءِ عوامي اڀارن کي ڪچلڻ جو هٿيار وري به رياست کي بڻايو يعني رياست هاڻي اهو مقدس هٿيار بڻجي وئي جيڪو پهريان هئي تڏهن ڪارل مارڪس لکيو “رياست بنيادي طرح تشدد ۽ استحصال جو هڪ مضبوط ۽ طاقتور هٿيار آهي.”
ارتقا جي انهيءَ سفر سياسي طاقت جو محور ۽ بنياد هڪ آفاقي ۽ روحاني ڪوٽ مان ڪڍي عوام جي طرف منتقل ڪيو عوام پنهنجي جدوجهد ۾ اهو ٺيڪ طرح سان سمجھي چڪو هو ته ڪو به قانون جيڪو رياستي حڪمراني لاءِ جوڙيو ٿو وڃي اهو مقدس ناهي انهيءَ کي تبديل ڪري سگھجي ٿو ۽ انهيءَ کي تبديل ڪرڻ گھرجي اهڙي طرح هو حق ملڪيت جي تصور کي به مڪمل ڇوٽ ۽ آخري نه سمجھڻ جي اصول کي سمجھي ويا ۽ اها سمجھه جتي جتي پختي ٿي اتي عوامي اڀار ۽ انقلاب آيا جن سماجن ۾ سياست جو اهو شعور يعني سياست جو عمل ۽ جدوجهد عوام تائين پوري طرح نه پهتو اهي سماج اڄ جي هن دور ۾ به بدترين ۽ برن بحرانن جو شڪار آهن ۽ عوام جو حشر بري کان برو آهي خاص ڪري غريب ملڪن جي صورتحال اهائي آهي اڄ به آفريڪا ۽ ايشيا وڌيڪ معاشي بدحالي جو شڪار هجڻ ۾ وڏو ۽ بنيادي سبب عوام جو سياسي عمل ۾ ٽين درجي تي رهڻ آهي ٽين درجي مان مراد هي آهي ته صرف ۽ صرف عوام ووٽ ڏي ۽ اهو به جيڪو ان کان ڏياريو وڃي پاڻ اها صف بندي هي ڪري سگھون ٿا ته سياست جو پهريون درجو پارٽين جا ليڊر ۽ ٽڪيٽ هولڊر آهن سياست ۾ ٻئي درجي جو مقام سياسي سرگرم پارٽي عهديدار والارين ٿا ۽ سياست جو ٽيون درجو يعني نالي ماتر عمل ووٽ جي حد تائين عوام جي مقدر ۾ آهي تنهن ڪري رياست جو قانون ۽ مراعتون جو محور پهرين ۽ ٻئي درجي جي گرد گھمي ٿو ۽ پوري رياست جي مشينري جنهن ۾ پوري رياست جا ادارا اچن ٿا اهي رياست تي قابض اشرافيا طبقي جي حصي ۾ آهن هيٺين طبقي مان جيڪڏهن ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ فرد تعليم ذريعي يا سياست ۾ وڌندي مٿي اچي ٿو ته اهو به پنهنجو پورو تعلق عوام کان ڪٽي ان اشرافيا طبقي سان جوڙي ان جو ئي حصو بڻجي ٿو وڃي. ۽ حڪمران طبقي جي اها پوري ڪوشش آهي ته سياست کي عوام کان اوترو دور ڪجي ۽ اوترو مهانگو ڪجي جو عوام انهيءَ عمل کان مڪمل طور تي ڪٽيل هجي ۽ پنهنجي سياسي ڪردار جي متعلق ناممڪنات جو تصور رکي. جڏهن عوام جي لاءِ عوام جي سياسي پارٽي عوام کي سگھارو ڪري سياسي عمل جو حصو نه بڻائيندي ان وقت تائين عوام پنهنجي مٿان ٿيندڙ قانوني ۽ رياستي جبر کان آجو ٿي نه سگھندو.