روزمره استعمال ۾ ايندڙ شيون عوام جي پهچ کان ڪيئن پري ٿي رهيون آهن، ان جو اندازو حڪمرانن کي نه هجي پر عوام کي ضرور آهي.اهو ئي عوام جيڪو چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن کي ووٽ ڏئي ان آسري اسيمبلين ۾ موڪليندو آهي ته اهي عوام لاءِ سهولتون پيدا ڪندا.عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ عوام سان لاڳاپيل جيڪي به مسئلا آهن، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺندا.پر گذريل ڪجهه سالن کان جيڪي حڪمرانن جا عوام دشمن فيصلا سامهون آيا آهن، انهن جي ڪري نه رڳو عوام لوڙي رهيو آهي پر صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي.کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ، مهانگائيءَ جو زور وٺڻ ۽ بيروزگاري وڌڻ کان پوءِ عوام آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. ان کان سواءِ هاڻ عوام لاءِ سڀ کان وڏي پريشاني پنهنجو پيٽ گذر ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته اٽي کان وٺي کاڌي پيتي جو هر اسم ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿيندو پيو وڃي.يوٽيلٽي اسٽورن تي به شيون هاڻ سستي اگهن ۾ ڪونه پيون ملن. يوٽيلٽي اسٽورن تي سستين شين جي هر شهري لاءِ هڪ جيتري فراهمي ختم ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي رڳو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ واهپيدارن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ملندي. يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ، گيهه ۽ اَٽي جي نظرثاني ٿيل اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت عام ماڻهن لاءِ گيهه، اٽو ۽ کنڊ جي قيمت وڌائي وئي آهي. اسٽورن تي نوان اگهه لاڳو ڪيا ويا آهن ۽ عام شهرين لاءِ گيهه 75 رُپيا، کنڊ 19 رُپيا في ڪلو ۽ 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي 248 رُپيا مهانگي ڪئي وئي آهي. عام شهرين کي کنڊ 89 رُپيا في ڪلو، گيهه 375، اٽي جي 10 ڪلو واري ٿيلهي 648 رُپين ۾ ملندي. ٻئي پاسي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارن لاءِ کنڊ ستر رُپيا في ڪلو ٿي وئي، کين ڏهه ڪلو اٽو چار سئو رُپين ۽ گيهه ٽي سئو رُپين ۾ ملندو. ٽارگيٽڊ سبسڊي وارن واهپيدارن کي ماهوار چاليهه ڪلو اٽو، پنج ڪِلو کنڊ ۽ پنج ڪلو گيهه خريداري جي اجازت هوندي. جڏهن ته عام شهرين لاءِ اِها حد گهٽائي ماهوار ويهه ڪلو اٽو، ٽي ڪلو کنڊ ۽ ٽي ڪلو گيهه خريدڻ جي اجازت هوندي. بينظير انڪم سپورٽ تحت يوٽيلٽي اسٽورن تي رڳو اٺ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي سهولت حاصل آهي. يوٽيلٽي اسٽور اختيارين جو چوڻ آهي ته نئين فيصلي باوجود عام شهرين کي اوپن مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ يوٽيلٽي ۾ سستيون شيون ملي سگهنديون.
هي معاملو رڳو انهن واهپيدارن جو ڪونهي، جيڪي يوٽيلٽي اسٽورن تان شيون خريد ڪن ٿا، پر انهن لکين ڪروڙين واهپيدارن جو آهي، جن جي رسائي يوٽيلٽي اسٽورن تائين ناهي ۽ اهي عام دڪانن تان شيون خريد ڪن ٿا، سامان وٺن ٿا ۽ پنهنجو پيٽ پالڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.جتي انهن کي اڃا به مهانگي اگهه ۾ شيون ملنديون آهن.حڪومت جيڪڏهن يوٽيلٽي اسٽورن تي به شيون مهانگيون ڪري ڇڏيندي ته اهي خريدار جيڪي اتان کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪن ٿا، اهي ڪيڏانهن ويندا؟ جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورن تي اهي ماڻهو ئي کاڌي پيتي جون شيون وٺڻ ايندا آهن، جيڪي عام دڪانن تان شيون وٺڻ جي قابل ڪونه هوندا آهن. تنهنڪري ياد رکڻ گهرجي ته يوٽيلٽي اسٽورن تي عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جو مطلب اهو آهي ته غريب عوام جي پيٽ تي لت ڏني پئي وڃي. اهڙي ريت اهو سلسلو جيڪڏهن وڌيڪ هلندو رهيو ته عوام وٽ ايتري به سگهه نه بچندي جو هو اٽو وٺي ٻن ويلن جي ماني کائي سگهي. هن مهانگائيءَ ۾ عوام لاءِ رڌڻي جو خرچ هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. جڏهن ته ٻيا خرچ الڳ آهن. جن کي پورو ڪرڻ هاڻ ممڪن نه رهيو آهي. ڇا حڪمرانن کي اها خبر ناهي ته هڪ عام ماڻهوءَ جي ماهوار آمدني ڪيتري آهي.هڪ غريب مزدور جي ڏهاڙي ڪيتري آهي.ان هوندي به مهانگائيءَ جون ڇپون ڪيرايون پيون وڃن.نتيجي ۾ عوام هر پاسي کان پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته حڪمرانن کي اٽي کان وٺي کاڌي پيتي جي شين تي ايتري سبسڊي فراهم ڪرڻ گهرجي جو اهو آرام سان ماني کائي سگهي. ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کاڌي پيتي جا اسم سستا ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن ۽ ان حوالي سان صوبائي حڪومتن ۽ ضلعي انتظاميه کي پابند بڻايو وڃي.