ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي ساڃاهه ڏانھن کليل خط

Editorial-Article- Sindhi Inam

سنڌ سڀا پاران 8 جنوري 2023ع تي اسلام آباد پريس ڪلب آڏو”کنڀي گم ڪيل سنڌي سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪريو ۽ کنڀڻ گردي بند ڪريو.” ڌرڻي بابت ڄاڻ، ساٿ سھڪار ۽ سھمتيءَ لاءِ گذارش ڪجي ٿي.
سنڌ جا سور اوھان کي ٻڌائڻ ۽ سمجھائڻ بـه بنھه ايئن آھي، جيئن سج کي ڏيئو ڏيکارڻ. سنڌ جي ھن درد ڪٿا جي سنڌ جي ساڃاهه کي ڀلا ڪيئن خبر نه ھوندي. جت باهه ٻري سو ھنڌ سڙي. سنڌ سان 75 سالن کان ڇا ڇا ٿيو آھي، ڇا ڇا ٿيندو رھي ٿو ۽ ڇا ڇا ٿيڻ وارو آهي؟
ان ڏس ۾ سنڌ سڀا سمجھي ٿي تـه جي اڄ بـه اسان اک نـه پٽي ۽ پير کوڙي نـه بيٺاسين تـه پوءِ جيڪي ڪجھه ٿيندو، اھو بـه اوھان ۽ اسان کان ڳجھو ناھي.
ڪيڏا نـه اسان ڏاڍ ڏھڪاءُ ڪري ڪن لاٽاريل ھيڻان ۽ ھراسيل آھيون. اھو ڏسندي بـه تـه “ھو گڏجي اسان سنڌين کي کاھيءَ ۾ ڌڪيندا ٿا رھن ۽ اسان ڪبوتر جيان اکيون ٻوٽي سوچي ڇڏيون ٿا تـه اوس ٻلو تـه ھليو ويندو.” تان جو ٻلو لاڳيتو اسان جا ٻچا کنڀي گم ڪري رھيو آھي. چچري، چيري ڍيرن تي اڇلي رھيو آھي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ کولي بند جيلن ۾ واڙي رھيو آھي ۽ اسان ۽ توھان اڄ بـه اھو چئي جان ڇڏائڻ ۾ لڳل آھيون تـه “ھو اسان جي تنظيم جو ناھي.”
جڏھن تـه دشمن وٽ اسان سڀ سنڌي برابر آھيون. ھا اھا ڳالهه درست آھي تـه حالي اسان اڀرا پيا پيڙھجون. اڀرن کان پوءِ سڀرن جو وارو ھوندو. دشمن جو قول آھي تـه “سنڌي نـه سنڌ جي ڌرتي کپي.” جڏھن تـه باقي ڪو در بچو ناھي جنھن تي سين ھڻجي. ٿاڻا بـه انھن جا، ڪورٽون ۽ جج بـه انھن جا، پارليامنٽ ۾ بـه اھي پھچي سگھندا، جن کي ھو پاس ڪن ۽ انھن جي امتحان ۾ پاس رڳو انڌا ٻوڙا ۽ گونگا ئي ٿي سگھيا آھن.
اھڙا پڪا ٻانھان جو مجال آھي جو ڪڇن. ڀوري ڀيل جو لاش قبر مان ڪڍي انھن جا ماڻھو ٻاھر اڇلين. نمرتا ڪماري، نوشين بخاري بليڪ ميل ٿين ۽ سندن لاش يونيورسٽيءَ جي ھاسٽل جي ڪمرن ۾ ٽنگيل ملن. ڪڏھن سوڪھڙي ۾ اڃارو مارين تـه ڪڏھن ٻوڏ ۾ ٻوڙي. ڪڏھن ٻيٽن تي قبضا تـه ڪڏھن ڪارونجھر جي ڪٽائي. ارشاد رانجھاڻيءَ کي ڪراچيءَ ۾ ھڪ پٺاڻ قتل ڪري ڇڏيو. بلال ڪاڪا کي حيدرآباد ۾ پٺاڻن اڪيلو ڪري ماري ڇڏيو. مڇر ڪالونيءَ ۾ ٻن سنڌين کي پٿر، سرن ۽ ڏنڊن سان چٿي ماريو ويو. ڪجھه ئي ڏينھن ۾ رياستي ڳجھن ادارن انعام طور انھن کي ڪراچي پريس ڪلب آڏو ھڪ مھانگو جلسو ڪرائي انھن کي بانور ڪرايو تـه سنڌي مئو ڪا ڳالهھ ئي ناھي. فطرت جي عاشق ناظم جوکيو جو قتل تي چپ.
ڪپر ٿو ڪن ڪري
جيئن ماٽيءَ منجھه مھي
ايڏو سور سھي!
ننڊ نـه ڪجي ناکئان
ڀلا اوھان ئي ٻڌايو. ھتي ڪو متفقـه آئين آھي. 1940ع واري جي قرارداد تي ھي نـه ھليا. فيڊريشن ۾ شامل قومون ۽ رياستون ھنن کي قبول ناھن. بنگالي سنڌي ۽ بلوچ لاڳيتو رڙندا رھيا ۽ مرندا لٽجندا رھيا. سنڌ ۽ بلوچستان جا وسيلا لٽي ڪنگال ڪري پنجاب کي سڀ ترقيون سھولتون ان ڪري ڏيون ويون آھن جو پنجاب اصل حڪمران آهي.
ڀلا ڪير ٻڌائيندو تـه پنجاب ھاءِ ڪورٽ ۾ گھڻا سنڌي جج آھن؟ ناھن تـه پوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پنجابي ۽ ٻين صوبن جا جج ڇو؟ پنجاب پوليس ۾ گھڻا سنڌي ايس ايڇ اوز آھن؟ ناھن تـه پوءِ سنڌ پوليس ۾ پنجابي ۽ ٻين صوبن جا ايس ايڇ اوز ڇو؟ ڀلا اھو ٻڌايو ته سنڌي جج سپريم ڪورٽ ۾ ڇو قبول ناھي.
ھي ملڪ جيڪو 18ھين ترميم تي عمل قبول نٿو ڪري سگھي. جنرل پرويز مشرف وٽ پورا 10 سال 1973ع جي آئين جي حيثيت رديءَ جي چوپڙيءَ واري رهي. 1973ع جي آئين کان اڳ 1962ع جي آئين جي بتيءَ پويان بـه نـه ھلي سگھيا.
1962ع جي آئين کان اڳ 1956ع جي آئين کي به رد ڪيو ويو. اهڙي ريت هن وقت به سامراج ڪنهن به آئين ۽ قانون کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي. اعليٰ عدالتن جا فيصلا به رد ڪيا وڃن ٿا، جنهن جو ھڪڙو مثال هڪ تعيمراتي اسڪيم کان ملندڙ 460 ارب آهن، جنهن مان سنڌ کي ڪجهه به نه مليو پر سنڌين کي قديم ڳوٺن مان لڏائڻ جو سلسلو جاري آهي.
اڄ به سامونڊي پٽيءَ تان قديم سنڌي وسندين کي لڏائڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ ھو سنڌ جي وڏن شھرن، بندر بازارن، زرعي زمينن ۽ رھائشي زمينن تي قبضا ڪري اسان جي فطري اوسر آڏو ڏاڍ ڏھڪاءُ ۽ ڪارن قانونن سان وڏا بند ٻڌي بيٺا آھن.
ھو اسان جي وطن تي ڌاريا آباد ڪري اسان جي فطري وطن تان اسان جو حق حاڪميت کسڻ ۾ لڳل آھن. تعليمي ادارن ۾ ڪارن قانونن سان سنڌي شاگردن جي تعليمي رستا روڪ ڪري رھيا آھن. نياڻيون کنڀي جبري مذھب مٽائي زوري شاديون ڪرايون پيون وڃن. اسان جي وسيلن تي قبضا اسان جي سنڌ اونداهه ۾ ٻڏي تري سندس پرڳڻو اسان جي ڪوئلي جي بجليءَ تي ٻري. گيس اسان جي چلھه انھن جي ٻاري ۽ اسان جون امڙيون اڄ بـه ڇيڻا ڪاٺيون ٻارين ٿيون. ڪوڙا ڊوميسائيل غير سنڌين کي ٺاھي ڏئي اسان کي ٿورائيءَ ۾ آڻڻ جي سازش ۾ ڏينھن رات جاري آهي.
ڳالھه کٽائڻي آهي. جي ھو پاڻ پنھنجن واعدن معاھدن تي نٿا ھلن ۽ اسان کي نقاب پوش بندوق بردارن جي ڏاڍ ڏھڪاءُ سان ڍور ڍڳن جيان ھڪلين ھلائين ۽ اسان بس ھلندا رھون. ائين ڇو ڪجي؟ سنڌ اڻکٽ درد ڪٿا آھي.
سنڌ سڀا سمجھي ٿي تـه ان ڏاڍ ڏھڪاءُ، ڦرلٽ رتوڇاڻ، کنڀجڻ، چچرجڻ، ڪوڙن ڪيسن ۽ ڌرتيءَ جي والار کي لاڳيتو جاکوڙ سان ئي منھن ڏئي سگھجي ٿو. سنڌ سڀا اھو بـه چڱي پر سمجھي ٿي تـه اسان وچ ۾ ھن ڏاڍ ڏھڪاءُ ڪيڏيون بـه وٿيون وڇوٽيون ڇو نـه وجھي ڇڏيون ھجن پوءِ بـ اسان ئي اھي رھنداسين. جن ڏانھن تاريخ “ڪاھلي نااھلي” جي آڱر اڀي ڪندي. پوءِ تاريخ ۾ سزاوار ٿيڻ ۽ ڌپ ڪري مرڻ کان اھو ڀلو ناھي تـه اڀري سڀري حال تي ميدان ملھايون ۽ تاريخ ۾ چڱا ليکجون. ان سڄي وارتا کي ڏسندي سنڌ سڀا ان ويچار ڌارا تي پڳي آھي تـه
تتي ٿڌي ڪاهه
ڪانھي ويل ويھڻ جي
سو سنڌ سڀا پل پل جي مرڻ، جھڄڻ جھرڻ ۽ ھارائڻ جي اڳتي وڌي پنھنجي ھزارھا سالن جي ڪوپائتي ڪٿا کي اتان اڳتي وڌائڻ لاءِ آچر 8 جنوري 2023ع کان “سنڌ جي دانھن، کنڀي گم ڪيل سنڌي سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪريو ۽ کنڀڻ گردي بند ڪريو.” جي مطالبن سان اسلام آباد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
سنڌ سڀا اوھان سنڌ جي سڄڻن کان ساٿ سھڪار ۽ سھمتيءَ جي گھرجائو آھي. ڇو ته اسين ھڪ آھيون!
ڇو تـه اسين سنڌي آھيون!
اسان جا خواب بـه ساڳيا
عذاب بـه ساڳيا
حساب ۽ ڪتاب بـه ساڳيا
گس ۽ ماڳ بـه ساڳيا
سڏ ۽ پڙاڏا بـه ساڳيا
ڇاڪاڻ ته اسين سڀ سنڌ جي اڄ ۽ سڀان سنوارڻ جا پھه ۽ پچارن سان گڏ ڪلھه جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وارا آھيون. پر سھائي رڳو سرٻاٽن سان تـه نـه ٿيندي. سڦلتا لاءِ چرپر تـه ڪرڻي ئي پوندي. ان ڏس ۾ سنڌ جي رھبرن منجھان ھڪ رھبر، شاهه لطيف چيو آھي.
“ھتان کڻي ھت جن رکيو سي رسيون”
سنڌ سڀا وڏي آس ۽ ويساهه رکي ٿي تـه اوھان ھن ڪارج کي سنڌ جو ڪارج سمجھندي سچو ساٿ ارپيندا.
جيئي سنڌ
اوھان جو گھڻگھرو
سنڌي انعام
صدر سنڌ سڀا

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button