سائنس سان لاڳاپيل ماھر چون ٿا ته ھيءَ دنيا جيڪا ھينئر نظر اچي ٿي اھا سدائين ائين ڪونه ھئي. اھا مختلف تبديلين مان گذري آھي. انھن مان ھڪ تبديلي موسمياتي به آھي، جنھن کي برفاني دؤر يا Ice age چئجي ٿو. اھو دؤر ان دؤر کي چئجي ٿو جنھن ۾ دنيا جو گرمي پد گھٽجي وڃي ٿو. اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب کان برفن جون تھون پکڙجڻ لڳن ٿيون. ھر شئي تي برف پکڙجي وڃي ٿي، ايستائين جو سمنڊن تي به برف ڄمي وڃي ٿي. ھي دؤر ھزارين سالن تائين رھي سگھي ٿو.
آئيس ايج ڪيئن شروع ٿيندو آھي؟
آئيس ايج دؤران زمين جي اتر ۽ ڏکڻ وارن حصن ۾ برف جي ٿلھي تھه پکڙجڻ لڳي ٿي. عام طور تي گرمين ۾ برف رجڻ لڳي ٿي. البت گرمين ۾ به موسم سبب اھا گھڻي رجي ٿي، پر سياري ۾ ان مٿان ٻي برف گڏ ٿيڻ لڳي ٿي. ائين ڪئين سالن تائين ٿئي ٿو. گڏ ٿيندڙ برف جي وزن سبب گليشيئرز ترڻ لڳن ٿا. کليل ميدانن ۽ چراگاھن ۾ برفاني ڍنڍون ٺھي وڃن ٿيون. جتي ڪٿي گليشيئرز جو انگ پڻ وڌڻ لڳي ٿو. اتان کان آئيس ايج جي شروعات ٿئي ٿي.
محققن موجب دنيا ھيستائين گھٽ ۾ گھٽ آئيس ايج جي پنجن دؤرن مان گذري چڪي آھي. اڄ کان 24 ھزار سال اڳ آخري آئيس ايج جي شدت انتھا تي پھچي چڪي ھئي. اتر آمريڪا، اتر يورپ ۽ ايشيا جي ڪجھه علائقن ۾ رڳو برف ئي برف ھئي. ماڻھن گرم علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي. اڄ ڌرتيءَ جي يارھن سيڪڙو علائقي ۾ گليشيئرز آھن، جڏھن ته ان آئيس ايج ۾ 30 سيڪڙو علائقي ۾ رڳو برف ئي برف ھئي. ان دؤران ڌرتيءَ جو گرمي پد 31 ڊگريءَ کان گھٽجي 7 ڊگري ۽ آئيس ايج وارن علائقن ۾ مائينس 6 ڊگريءَ تي پھچي چڪو ھو. نيٺ اڄ کان 12 ھزار سال اڳ اھو برفاني دؤر پنھنجي اختتام تي پھتو.
ارضيات جي ماھرن اڄ کان 200 سال اڳ يورپ جي گليشئرز جي مشاھدي دؤران ان ۾ ڪجهھ تبديليون ڏٺيون. آئيس ايج ۾ ناپيد ٿيڻ وارن جانورن جون ھڏيون به اھڙا ثبوت آھن، جن مان ارضيات جي ماھرن کي اھو تاثر مليو ته ڌرتيءَ تي اھڙا ڪئين دؤر گذريا آھن. انھن زمين ۽ پٿرن جو جائزو ورتو ۽ مختلف طرح جون تحقيقون ڪيون، جنھن کانپوءِ اھي آئيس ايج يا برفاني دؤر جي مڪمل ثبوتن تائين پھچي ويا.
پاڪستان جي ناليواري ترجمه نگار ۽ اديب محترم ياسر جواد پنھنجي سھيڙيل عالمي انسائيڪلوپيڊيا (اردو) ۾ صفحي نمبر 423 تي برفاني دؤرن ۽ انھن جي ٽائيم پيريڊ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني آھي. ھو برفاني دؤر متعلق لکي ٿو ته “برفاني دؤرن ارتقا جي تاريخ ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. دنيا جي تاريخ ۾ 5 برفاني دؤر گذريا آھن. پھريون ۽ ٻيو برفاني دؤر زميني زندگيءَ جي ظھور ۾ اچڻ کان کانپوءِ ظاھر ٿيا.” ھو اڳتي اھو به لکي ٿو ته “ٽِئين برفاني دؤر خشڪي ۽ پاڻي ٻنھي ۾ رھندڙ جانورن ۽ حشرات الارض (ڪيڙن ماڪوڙن يا تمام ريڙھيون پائيندڙ جانور) جو غلبو ختم ڪيو. چوٿين برفاني دؤر هماليه جي ظھور ۾ اچڻ لاءِ حالتون تيار ڪيون. پنجين يا عظيم برفاني دؤر انسان کي حيواني دنيا تي غلبو ڏياريو.”
موجودہ موسمياتي تبديلين تي ھڪ نظر:
ھن سال 2022ع جي ڊسمبر مھيني ۾ آمريڪا جي وڏي حصي ۾ برفاني طوفان سان تباھي مچي وئي آھي. آمريڪا جي ڪئين شھرن ۾ برفاني طوفان سبب Zero visibility آھي. گاڏيون برف ۾ دٻجي ويون آھن، گاڏين ۾ اندر ويٺل ماڻھو ڄمي حياتي وڃائي ويٺا. گھرن تي برف جا تھه چڙھيل آھن. ماڻھو گھرن ۾ واڙيل آھن. اتي شھرن جون حالتون بدتر ٿي ويون آھن. نيويارڪ، نارٿ ڪرولينا، ورجينيا ۽ ٽينسي برف باري سبب وڌيڪ متاثر ٿيا آھن. آمريڪا ۾ 20 ڪروڙ کان مٿي ماڻھو متاثر ٿيا آھن. روڊ، ريل ۽ ھوائي سفر معطل آھن. برف جي طوفان سبب ھزارين اڏامون معطل ٿي ويون.
يورپ ۾ به برف باري ۽ ان نتيجي ۾ ٿڌ سبب مائينس 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھچي ويو. ميڊيا ۾ ٻڌڻ ۾ آيو ته آمريڪا ۾ برفاني طوفان سبب 70 کان مٿي ماڻھو مئا آھن. گھرن ۽ گاڏين ۾ مئل ماڻھن جا لاش پيل آھن. رڳو چار ڏينھن ۾ آمريڪا ۾ 12 ھزار کان مٿي ھوائي جھازن جون اڏامون ملتوي ٿي ويون. ڪئين شھر بجليءَ جي رسد رڪجڻ سبب اونداهه ۾ ٻڏي ويا. عالمي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو آھي ته ھي طوفان آمريڪا جي 50 مان 28 رياستن کي پنھنجي وڪڙ ۾ وٺي چڪو آھي. صديءَ جو سڀ کان ڀيانڪ طوفان آھي. نيويارڪ اسٽيٽ جي شھر بفيلو ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي ۽ ھيستائين 8 فوٽ برف وسي چڪي آھي.Winter storm سبب بفيلو شھر جو ايئر پورٽ به بند آھي. ماڻھن وٽ کاڌي پيتي جون شيون به کٽي ويون آھن. بفيلو ۾ 14 لکن کان وڌيڪ گھر متاثر ٿيا آھن. ان دؤران بفيلو ۾ شھرين کي بچائڻ جا ڪم به جاري آھن. ميڊيا رپورٽس موجب نيويارڪ ۾ ايمرجنسي ڊڪليئر ڪئي وئي. اطلاع آھن ته آمريڪا ۾ ھزارين گاڏيون ۽ ٽرڪون برف ھيٺان ڍڪيل آھن. آمريڪا جي تاريخ ۾ اھڙو منظر ڪڏھن ڏسڻ لاءِ نه مليو. ماھرن جو چوڻ آھي ته برفاني طوفان جيڪو پنھنجي پويان برف جا وڏا جبل ڇڏيو پيو وڃي، انھن جي صفائي بعد تباھيءَ جي حقيقت سامھون ايندي. موسم جي ماھرن موجب سردين ۾ ھن ڀيانڪ طوفان کي سائيڪلون بم چيو وڃي ٿو. ھن کي اھو نالو ان ڪري ڏنو ويو آھي جو اھو طوفان اچڻ جي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي پورو علائقو Low pressure area ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ بم سائيڪلون نالي ٿڌ واري موسم جي بدترين طوفان جو قھر جاري آھي. تاريخ جي بدترين برفاني طوفان سبب سڄي آمريڪا ۾ جنگي صورتحال پيدا ٿي وئي آھي.
اتر جاپان ۾ پڻ گذريل ھڪ ھفتي کان ڳري برف باري ٿي آھي. اتي ڪئين ماڻھو به مري ويا آھن. موسميات جي ماھرن موجب عام طور تي جاپان ۾ برف باري جي وقت برف ڄمي نٿي پر ھن ڀيري رستن ۽ گھرن تي ٻن فوٽن کان وڌيڪ برف ڄمي وئي آھي. ريل ۽ فضائي سفر پڻ معطل ٿيا. سمنڊ کان به خطرو ٻڌايو پيو وڃي ته جاپان ۾ اوچيون لھرون جنم وٺي سگھن ٿيون. برطانيا ۾ Yellow Alert جاري ڪيو ويو. ٻه ھفتا اڳ به برطانيا ۾ شديد برف باري وڏو قھر ڪيو. تاريخ جي خطرناڪ برف باري ٿي.
حيرت ته ان ڳالهھ تي به آھي جو، ھن ئي سال ڪويت جھڙي نھايت گرم ملڪ ۾ به ڳڙن جو مينھن وسيو آھي، جتي ھر طرف برف جو ئي منظر آھي. چلي مان ٽي وي اسڪرين تي فوٽيجز ڏسڻ ۾ آيا، جتي ھڪ وڏو برفاني جبل ڦاٽو. جيڪو اونهي کڏ ۾ ڪريو. نه فقط اھو پر ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل عرب امارتن، سعودي عرب سميت ٻين ھنڌن تي برف باري ٿي آھي.
ھيءَ ته ھن سال جي صورتحال آھي پر گذريل سال به دنيا جي ڪئين حصن ۾ شديد برف باري ٿي. ايستائين جو سعودي عرب ۽ مصر سميت عرب خطي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برف باري ٿي ھئي. انھن مڙني حالتن جو جائزو وٺي ڏسجي ٿو ته باقاعدہ سنجيدہ سوال اڀرن ٿا ته ڇا موسمن ۾ ٿيندڙ غير متوقع ۽ خطرناڪ تبديلين سبب دنيا ۾ آئيس ايج جو نئون دؤر ته شروع ٿيڻ وارو نه آھي؟ يا ڪٿي ائين ته نه آھي دنيا جي در تي آئيس ايج جو دؤر دستڪ ڏئي رھيو آھي؟
ڏسجي ته دنيا ۾ موسميات جا ماھر ۽ سائنسدان عالمي گرمي پد (Global warming) جي اڳڪٿي ڪري رھيا ھئا، پر بدلجندڙ موسمي حالتون ته اڃان ڪجهه ٻي ڪھاڻي ئي ٻڌائين پيون. ڪٿي ائين ته نه آھي جو دنيا گلوبل وارمنگ جي مسئلي جي حل ڏانهن نگاھون رکيون پر موسم جي تبديلي اڃان ٻي رخ ۾ ھلي وئي؟ سچ اھو آھي ته نھايت گرم ملڪن ۾ برف باري جي ٿيڻ ۽ ٿڌ وارن ملڪن ۾ خوفناڪ برف باري مان آئيس ايج جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي. جيڪڏهن آئيس ايج کي ڪا فرضي شئي سمجھي ڌيان نه ڏجي ۽ اھا واقع ٿي وڃي ته ھڪ لمحي لاءِ سوچيو ڇا ٿيندو؟ اتر قطب جتي انساني آباديءَ جو 70 سيڪڙو ۽ خشڪي وارو علائقو آھي ۽ جتي 70 سيڪڙو زراعت جي پوکي ٿئي ٿي. جڏھن ته ڏکڻ قطب 30 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ انساني آبادي توڙي زراعت تي مشتمل آھي. آئيس ايج جي صورت ۾ ڌرتيءَ جو اتر وارو علائقو متاثر ٿيندو. غذائي بحران به الڳ آفت جو ڏيک ڏيندو. ڪالم نگار رضوان چوھاڻ پنھنجي لکڻي “آئيس ايج ڪا منڊلاتا خطرہ” ۾ لکي ٿو ته “انھي دوران پاڪستان جي ساحلي علائقن ۾ ھن جي شدت گھٽ ھوندي پر ھتي به گرمي پد مائينس ۾ ھليو ويندو. پاڪستان ۾ ڪراچي برفاني دؤر ۾ گھٽ ٿڌو ٿيندو پر انھي دؤران عرب ٻيٽ ۽ آفريڪي صحارا جا صحرا سرسبز ٿي ويندا پر ان دوران زلزلا ظاھر ٿيندا. بي شمار سونامي ڪنارن سان ٽڪرائبيون. ٻرندڙ جبلن جي سلسلي جي ڦاٽڻ جا به امڪان رھندا، جنھن سان آئيس ايج جي شدت ۾ واڌارو ٿيندو. خط استوا (Equator) تي موجود پوک جي قابل ايراضي به پوک قابل نه رھڻ جو خطرو ھوندو”.
ليکڪ رضوان چوھاڻ دنيا جي موسميات جي ماھرن ۽ سائنسدانن جي گلوبل وارمنگ واري ڳالهھ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿو ته ڪٿي اھي ماھر گلوبل وارمنگ جي ڳالھه ڪري ڄاڻي واڻي غلط اندازا لڳائي دنيا جو ڌيان اصل خطري تان ته نه ھٽائي رھيا آھن؟ خير، موسمن ۾ ظاھر ٿيندڙ خوفناڪ تبديلين طرف ڌيان ڪرڻ جي گھڻي ضرورت آھي. ڇو ته جھڙي ريت ٽن وڏن کنڊن (آمريڪا، ڪينيڊا، جاپان ۽ برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾) ايڏي پيماني تي برف باري ۽ سيءُ ۾ واڌاري توڙي دنيا جي صحرائن وارن علائقن ۾ برف باريءَ جي ڪنھن توقع ئي نه ڪئي، تھڙي ريت آئيس ايج جي توقع نه ڪرڻ يا ان خطري کان لاتعلق رھڻ به فائدي مند نه آھي. بھرحال موجودہ موسمياتي تبديلين کي ڏسي اھو چئي سگھجي ٿو ته ڌرتي آئيس ايج ڏانھن وڌي پئي، جنھن جا ظاھر ٿيندڙ ڪئين آثار ان جو اظھار ڪري رھيا آھن. جيڪي بخوبي سمجھي ۽ پرکي سگھجن ٿا.