مجاهد سومرو
رسول ميمڻ جي خيال ۾ جدت ۽ پختگي، ڪردارن کي بيان ڪرڻ جو اعليٰ فن ۽ نثر من کي موتئي جيان موهيندڙ اٿس. ليکڪ پنهنجي ناول “اک ڇنڀ” ۾ ڪراچيءَ جي تاريخ، هندو – مسلم فساد، (هندن جي مسلمانن سان ۽ مسلمانن جي هندن سان حد کان وڌيڪ ڪريل حرڪتن کي پنهنجي جادوئي انداز ۾ بيان ڪيو آهي). انگريز راڄ، ورهاڱو، سائين جي ايم سيد ۽ جناح جا ڪردار به ڏيکاريا آهن ته اهي ڪيئن سنڌ جي تاريخي ۽ جغرافيائي حيثيت ختم ڪن ٿا.
عثمان علي تاريخ جو شاگرد ھجڻ ڪري دور انديشي واري ڄاڻ رکندڙ آهي، جيڪو اڳواڻن کي الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪهڙا خطرا پيش ايندا، انهن بابت اڳواٽ ٻڌائي ٿو. جيڪا شايد سياستدانن کي به خبر ڪونه هئي. ڪراچيءَ ۾ بارود جي ڌپ، سرِعام قتلام، فيڪٽرين کي باهيون، پراڻي ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ هاڻوڪي ڪراچيءَ کي ليکڪ جهڙو طلسماتي انداز سان بيان ڪيو آهي، انهيءَ تي کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.
عثمان علي کي سندس پوڙهو پيءُ وضو جي لاءِ پاڻيءَ جي بالٽي ڀرڻ لاءِ موڪلي ٿو. هو پاڻيءَ جي ڳولا ۾ هڪ ٻن مختلف جاين تي پاڻيءَ جي ڳولا ڪري ٿو پر پاڻي هٿ ڪونه ٿو اچيس ۽ هو پاڻيءَ جي ڳولا ۾ اڳتي وڌي ٿو ۽ هڪ پل نظر اچيس ٿي، جتان هو گذري هڪ ٻي جاءِ تي پهچي ٿو. جتان هن ناول جي ڪهاڻي ورهاڱي جي پس منظر ۾ هلي ٿي. جيڪا ايتري ته اثرائتي آهي جو پڙهندڙ کي پڙهي مڪمل ڪرڻ کان اڳ ڪتاب نه ڇڏڻ تي مجبور ڪري ٿي.
ناول ۾ ورهاڱي کان اڳ وارو ڪراچي شهر، انهيءَ جا بندر بازاريون، باغ ۽ ٻيٽ ڏيکاريا ويا آهن. عثمان علي هن ناول جو مرڪزي ڪردار آهي جنهن جو سوڀيا سان عشق هوندو آهي ۽ سوڀيا کي ڪراچيءَ جي بدامني واري ماحول ۾ غنڊا اغوا ڪري کڻي ويندا آهن، جنهن کان پوءِ سوڀيا هن کي هٿ ڪونه ايندي آهي ۽ سوڀيا جو روپ رکندڙ لزا سندس دل ۾ لهي ويندي اٿس. جيڪا انگريز عملدار ڪرنل مارٽن جي ڌيءَ آهي ۽ انگلينڊ ۾ رهندڙ ڊيوڊ سان مڱيل آهي. لزا کي جماعت الاخصار جا باغي کڻي ويندا آهن ۽ عثمان علي لزا کي واپس آڻڻ جو پڪو پهھ ڪندو آهي. ان ڪري جو هو سوڀيا کي نه بچائي سگهيو هو. تنهنڪري سوڀيا جو روپ رکندڙ لزا کي واپس آڻي دلي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ئي رستو ھوندو اٿس. عثمان جماعت الاخصار ۾ شامل ٿيندو آهي ۽ لزا کي واپس آڻيندو آهي، جنهن تي انگريز کيس انعام گهرڻ جو چوندا اٿس ته هي فقط پاڻيءَ جو اهو ڪرمنڊل جيڪو ساڻ کڻي آيو هو اهو پاڻيءَ جو ڀريل گهرندو آهي ۽ پوءِ واپس گهر ويندو آهي. هو گهر ۾ داخل ٿئي ٿو ته سڀ ڪجهه ساڳيو هوندو آهي. چلهه جي باهه مان چڻنگون اڏامي رهيون آهن ۽ پيءُ جي پنڊيءَ ۾ ساڳي ماني کان وٺي سڀڪجهه ساڳيو هوندو آهي. اهو سمورو وقت ڄڻ اک ڇنڀ ۾ گذري ويندو آهي.
هن ناول جي ٻن جملن کي ڇڏي مون کي سمورو ناول پسند آيو. ناول جي ٻن ڪردارن جا پاڻ ۾ ڳالهايل اهي جملا هي آهن.
عثمان عليءَ خير محمد کي صلاح ڏني “اڃان زمانو نه بدليو آهي، جنگ مردن جو ڪم آهي، عورتن جو نه، هڪ عورت جو ڪهڙو ڏوهه جو ان کي سزا ڏني وئي.”
خير محمد کٽيءَ لزا لاءِ من ۾ همدردي محسوس ڪئي.
“ها واقعي” هن چيو. “عورت ڪمزور آهي، ان ڪري هر مرد جي ڪمزوري آهي.”
جيڪڏهن واقعي جنگ فقط مردن جو ڪم هجي ها، عورتن جو نه ۽ عورت ڪمزور هجي ها ته مائي جندو جهڙي 72 سالا پوڙهي انقلابي ڪردار هڪ فوج جي ميجر کي ڦاسيءَ جي گھاٽ تائين نه پهچائي سگهي ها. جنهن غريب ماڻهو ماري ڪري اعلان ڪيو ته “را” جا ايجنٽ ماريا آهن. هڪ طاقتور اداري خلاف قانوني ويڙهه وڙهي پنهنجن پٽن جو بدلو ورتائين. جيڪڏهن جنگ رڳو مردن جو ڪم هجي ها ته 72 سالن جي ڪراڙي مائي جندو چُپ جو روزو رکي گهر ويهي رهي ها.
جيڪڏهن عورت هر مرد جي ڪمزوري هجي ها ته ڪارل مارڪس جي زال جيني به بلڪل مرد جي ڪمزوري هجي ها. پر هوءَ مارڪس جي همٿ هئي ۽ آخري دم تائين هن ساڻس ساٿ ڏنائين ۽ پنهنجو هر سک قربان ڪري مارڪس سان گڏ بک بدحاليءَ واري زندگي گذاريائين. جيڪڏهن عورت مرد جي ڪمزوري هجي ها ته مارڪس پنهنجي زندگيءَ جي آدرش تان هٿ کڻي هن کي دنيا جي هر خوشي ڏئي پي سگهيو.
ناول جون ڪجهه سٽون تمام وڻندڙ آهن.
پوڙهو پيءُ مانيءَ جا گرهه ڏندن بنا ائين چٻاڙي رهيو هيو جيئن رزق کي چُميون ڏيندو هجي.
ماڻهو پاڻيءَ ۾ ۽ پاڻي اکين ۾ ترندو آهي. اکيون جسم جي ڀريل جام جو ڪنارو آهن ۽ ڪنارن کان پاڻي ڇُلڪي پوندو آهي.
بي رحم حڪمرانن جي ڪرسيءَ اڳيان ٽيبل ۾ خفيا خانو هوندو آهي، ڪرسيءَ تي ويهڻ کان اڳ اهو دل ڪڍي خفيا خاني ۾ رکندو آهي، فيصلي ڪرڻ وقت کيس دل نه هوندي آهي.
مذهبي بنيادن تي اڏيل ملڪن جون ڀتيون نفرت جو تحفظ ڪنديون آهن.
غلاميءَ جا سڀ رستا ڦاسي گهاٽ تي کلن ٿا ۽ آزاديءَ جا رستا ڦاسي گهاٽ کان شروع ٿي کليل هوا ۾ نروار ٿين ٿا.
بهادرن جا ڳوڙها ٻاهر نه وهندا آهن، پر اندر وهندا آهن، ٻاهران انهن جون اکيون خشڪ هونديون آهن ۽ اندر آلو، ڳوڙها ڳلي ۾ گڏ ٿي وڃن ته ڍڪ جي صورت ۾ اندر اوتبا آهن.
ماڻهو مري ويل سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ قبر جي مٽي ڇهندو آهي، ڇو جو ماڻهو پاڻ مٽي آهي ۽ مٽيءَ جو مٽيءَ سان رابطو هوندو آهي. خبر نه آهي خدا ڇو ماڻهوءَ کي مٽيءَ مان ٺاهيو، جيڪڏهن اشرف المخلوقات هيو ته سون مان ٺاهي ها، گهٽ ۾ گهٽ غريب بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي ذرو ذرو پاڻ وڪڻي پيٽ گذر ته ڪري ها.
عظيم عمارتون کنڊر بنجي خوبصورت ٿينديون آهن.