شوبز

اسان اداڪارن جو ڪم رڳو نمائش ڪرڻ وارو آهي: منشا پاشا

پاڪستاني اداڪارا منشا پاشا تسليم ڪيو آهي تھ اسان اداڪارن جو ڪم نمائش ڪرڻ واري نوعيت جو آهي، تنهنڪري اسين پنهنجي هر ڳالهه سوشل ميڊيا تي رکون ٿا، جنهن تي ماڻهو ڳالهائين ٿا، انهن کي اسان جي شادي ۽ طلاق بابت ڄاڻڻ جو تجسس آهي. هن جو چوڻ هو تھ ڊرامي ۾ جوڙي پسند ٿيڻ جو احساس ٿيڻ تي شادي ڪرڻ سان مسئلا پيدا ٿيندا آهن، ڇوتھ ماڻهو ڊرامي جي ڪردار تحت اسان بابت رايو جوڙين ٿا، تنهنڪري زندگي ۾ مسئلا ٿيندا آهن، شادي ڪندڙ جوڙي اصل ۾ هڪٻئي کي سجهندي ناهي ۽ اهڙي ريت وڏوڏڦيڙ پوي ٿو. هن چيو تھ اسان کي مڱڻي يا شادي سوشل ميڊيا تي نھ رکڻ گهرجي، ذاتي زندگي محفوظ هجي تھ مسئلا گهٽ پيدا ٿيندا. اداڪار مزاج ۾ غير محفوظ هوندو آهي، ڪيمرا جي سامهون رهڻ سان ذهني ڇڪ ۽ پريشانيون ٿينديون آهن، ڇوتھ اسين ڊرامن ۾ احساس ۽ جذبن سان کيڏون ٿا، تنهنڪري ذاتي معاملن جي نمائش ڪرڻ سان شاديون ناڪام ٿي وينديون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button