انٽرنيٽ اڄ جي دور جو اهو جن آهي، جيڪو اک ڇنڀ ۾ اوهان جي هر خواهش پوري ڪري سگهي ٿو ۽ ان پراڻي زماني جي جنن وانگي خواهشن جي ڪا به حد مقرر ڪيل ناهي. آڳاٽي دور جو ڪو جن جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي بوتل يا ڪنهن ڏيئي مان ملندو هو ته پنهنجي آزادي جي عيوض ان ماڻهو جي ٽن خواهشن کي پوري ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو هو، پر اڄ جي دور جي جن انٽرنيٽ وٽ اهڙي ڪا به حد مقرر ٿيل نه آهي، جيڪڏهن اوهان وٽ 24 ڪلاڪ انٽرنيٽ جي سهولت آهي ته انٽرنيٽ بنا ٿڪڻ جي اوهان جون ڪيتريون ئي خواهشون پوريون ڪرڻ ۾ رڌل رهندو.
جڏهن کان مون لکڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان منهنجي رڳو هڪ ئي خواهش رهي آهي ته وڌ کان وڌ سٺا ڪتاب پڙهان، يا وري ٻي ننڍڙي خواهش اها رهي آهي ته سٺيون فلمون ڏسان ۽ انهن خواهشن جي پورائي لا جڏهن به موبائيل فون کڻندو آهيان يا ليپ ٽاپ کوليندو آهيان ته بنا ڪنهن بوتل جو ڍڪ کولئي يا ڪنهن ڏيئي تي ٽي ڀيرا هٿ ڦيرڻ جي ئي انٽرنيٽ نالي هي جن حاضر ٿي ويندو آهي ۽ چوندو آهي:
“حڪم ڪندو وڃ منهنجا آقا، مان حاضر آهيان، پر هڪ ڪم ڪجانءِ رڳو اهڙي ڪنڊ ۾ ويهجان جتي سگنل اچن.” ۽ مان ان ڪنڊ ۾ وڃي وهندو آهيان جتي سگنل پهچندا هجن. تازو ئي منهنجو ناول “ڪهاڻين جو شهر” سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر پاران ڇپيو آهي. هي ناول لکندي لڳ ڀڳ ٻه سال لڳي ويا، مون ناول “ريگل چوڪ” هن ناول کانپو لکڻ شروع ڪيو، پر ريگل چوڪ هن کان اڳ ڇپيو. مون جڏهن ناول “ڪهاڻين جو شهر” لکڻ شروع ڪيو ته خيال ڪيم ته هن ناول جو وڏو حصو جادوئي حقيقت نگاري ۾ لکندس ۽ ان ۾ “ڳاڙهو” “شرڌا ديوي” “هلو هلي هارون سان ملو” ۽ “دنيازاد” وارا باب جادوئي حقيقت نگاريءَ ۾ لکيل آهن. ان سان گڏ اهو به خيال رکيم ته هي ناول هڪ الڳ ٿلڳ ڊڪشن سان لکندس، هاڻي ناول ڇپجي چڪو آهي. پر هن ناول لکڻ دوران جادوئي حقيقت نگاريءَ سان لاڳاپيل ڪيترائي ناول پڙهڻ جو موقعو مليو. ايئن ته ڪيترن ئي ليکڪن جي ڪهاڻين ۽ ناولن ڏاڍو متاثر ڪيو، پر 19هين ۽ ويهين صدي جي ليکڪه ايڊٿ نسبٽ کي پڙهندي اهو احساس ٿيو ڄڻ ڪهاڻي ٻڌائڻ جي هڪ اهڙي دنيا ۾ اچي ويو هجان جنهن کان مان اڳ ڪڏهن به واقف نه هئس. ايئن ته نسبٽ جي ناولن ۽ ڪهاڻين کي ٻاراڻي ادب واري درجا بنديءَ ۾ رکيو وڃي ٿو. پر هن جون ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهندي هڪ پل لا به اهو احساس نٿو ٿئي ته ڪو مان ٻاراڻو ادب پڙهي رهيو هجان.
ايڊٿ نسبٽ سن 1858ع ۾ ڄائي، هن جو پيءُ زرعي ماهر هو، هڪ ليکڪه سان گڏ هو سياسي طور به متحرڪ رهي ۽ Fabian Society نالي هڪ سماج واد تنظيم جي بنياد رکڻ وارن مان هڪ هئي، جيڪا اڳيان هلي ليبر پارٽيءَ جو حصو ٿي. سن 1880ع ۾ هن هابرٽ بلنٽ نالي هڪ صحافي ۽ سياسي ورڪر سان شادي ڪئي. هن سترهن سالن جي ڄمار کان لکڻ شروع ڪيو ۽ لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي، پر اڳيان هلي هن ناول ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، هن جون شروعاتي ڪهاڻيون adult readers لا هيون. پر پو هن ٻاراڻو ادب لکڻ شروع ڪيو ۽ هن جي ٻن ناولن دي اسٽوري آف ٽريزر سيڪرس (1899ع) ۽ دي ريلوي چلڊرن (1906ع) کي تمام گهڻي موٽ ملي. هن ٻارن لا لڳ ڀڳ 60 ڪتاب لکيا، جن ۾ دي اسٽوري آف ٽريزر سيڪرس (1899ع)، دي بُڪ آف ڊرگنز (1899ع)، فا چلڊرن اينڊ اٽ (1902ع)، دي فيونڪس اينڊ دي ڪارپٽ (1904ع)، دي اسٽوري آف ايميولٽ (1906ع)، دي ريلوي چلڊرن (1906ع)، دي انچينٽڊ ڪيسل (1906ع) ۽ دي ميجڪ سٽي (1910ع) وغيره شامل آهن.
انيتا سلوي نالي ٻاراڻي ادب جي هڪ محقق پنهنجي ڪتاب “Children’s Books and Their Creators” ۾ نسبٽ جي حوالي سان لکيو آهي ته نسبٽ کي پڙهندي اهو احساس ٿيندو آهي ته ڇا هن کي ان ڳالهه جي ڄاڻ هئي ته هن جو ٻاراڻو ادب ڪيترو نه غير روايتي آهي ۽ اهو ته هن جا ناول جن ۾ حقيقت نگاريءَ سان گڏ فينٽسي ۽ جادو پڻ پڙهڻ لا ملن ٿا، 20هين صدي جي ٻاراڻي ادب کي نوان رخ ڏئي ڇڏيندا. هن جي ناولن کي جيڪا ڳالهه اڳ لکيل ٻارڻي ادب کان الڳ ڪري بيهاري ٿي اها هي آهي ته هو پڙهندڙ کي ڪهاڻيءَ سان گڏ کڻي هلي ٿي. هن جا ڪردار خيالي آهن، اهي چالاڪ آهن، سگهارا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي شرارتي به نظر اچن ٿا. اهي ڪردار حقيقي ٻار لڳن ٿا، جن کي پڙهندڙ سڃاڻي وٺي ٿو ۽ انهن تي هن کي پيار ۽ رحم به اچي ٿو. هن جي لکڻي ۾ حقيقت سان گڏ جادو ۽ فينٽسي به پڙهڻ لا ملي ٿي. هن جون ڪهاڻيون ڪنهن تصوراتي پرين واري ڏيهه بدران بادشاهه ايڊورڊ ۽ راڻي وڪٽوريا جي انگلستان جو ڏيک ڏين ٿيون. هن ٻاراڻو ادب لکندي ڪڏهن به جذباتي خيالن کان ڪم نه ورتو. هن هڪ ڀيرو لکيو ته جڏهن هو ننڍڙي هئي ته ڳوڙها ڳاڙي اها دعا گهرندي هئي ته وڏي هوندي هو پنهنجي ٻاراڻي زندگيءَ کي ڪڏهن به نه وساري سگهي. هو انهن پهرين ليکڪن مان هڪ هئي، جن ٻاراڻي ادب ۾ مهم جوئي ۽ جادو وغيره کي ڪهاڻين جو حصو بڻايو. ٻاراڻي ادب جي ليکڪه طور هن جو پهريون ناول “دي اسٽوري آف ٽريزر سيڪرس” ڇپيو. هي ناول Bastable خاندان جي ڪهاڻي آهي. بسٽل هڪ ڪاروباري همراهه آهي، ڪاروبار ۾ نقصان جي ڪري اهو خاندان غريبي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته بسٽل جي زال اڳ ئي مري چڪي آهي. هڪ ڏينهن هن جي ٽن ٻارن بوبي، پيٽر ۽ فليس کي پيءُ جي وڃايل خزاني کي ورائڻ جو خيال اچي ٿو ۽ اهي ان خزاني جي ڳولا واري مهم تي نڪرن ٿا. هن ناول جا ٻه حصا ٻيا به آهن، دي وڊ بي گڊس (1901ع) ۽ دي نيو ٽريزر سيڪرس (1904ع).
اڄ جي دور جي مشهور ليکڪه جي ڪي رولنگ جنهن هيري پوٽر سيريز لکي، ان هڪ انٽرويو ۾ اهو اظهار ڪيو ته ايڊٿ نسبٽ هن جي پسند جي ليکڪن مان هڪ آهي ۽ سندس ڪهاڻين هن کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
(هلندڙ)