شوبز

دپيڪا جا ڪجهه منظر ختم، فلم پٺان رليز ڪرڻ جي اجازت

بالي ووڊ جي تڪراري فلم پٺان کي ڪجهه بنيادي تبديليون ڪرڻ بعد رليز ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ميڊيا مطابق شاهه رخ خان ۽ دپيڪا جي فلم پٺان تي ڀارت ۾ انتهاپسند ڌرين پاران شديد ردعمل ڏيندي احتجاجن پڻ ڪيو پيو وڃي. جڏهن تھ سينسر بورڊ فلم پٺان مان دپيڪا جا ڪجهه نامناسب نامناسب منظر ختم ڪري ڇڏيا آهن، ڪجهه اعتراض هيٺ آيل منظر ڪٽڻ سان گڏ گاني بي شرم رنگ ۾ پڻ تبديليون آنديون ويون آهن. جڏهن تھ را، لولي لنگڙي، ڪي جي بي، پي ايم او جا لفظ ۽ روس جا ڏنل حوالا بھ ختم ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button